Insaf Youth Wing Division Mirpurkhas

Insaf Youth Wing Division Mirpurkhas

Share

insaf youth wing official group
for more contact 0331-3846803

Photos from Insaf Youth Wing Division Mirpurkhas's post 27/03/2026

پاڪستان تحريڪ انصاف يوٿ ونگ ريجن ميرپورخاص جي رهنما سيد عارف حسين شاهه وليج ويھ ڀيل پھچي، جتي هن مهاسنگھ، پرتاب سنگھ سوراني ۽ سوائي سنگھ سوراني جي ماتا جي وڇوڙي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو۔
جتي وائيس چيئرمين ٿرپارڪر ڪملا بيل پڻ موجود هئي.
هندو برادري جي هن ڏک جي گهڙي ۾، هن وارثن سان تعزيت ڪندي چيو ته اسين اوهان جي غم ۾ برابر جا شريڪ آهيون ۽ پرڀو کان دعا آهي ته مرحومه کي شانتي نصيب ڪري ۽ پسماندگان کي حوصلو عطا ڪري۔
🙏Arif Shah Sayed

Photos from Insaf Youth Wing Division Mirpurkhas's post 15/03/2026

پریس رليز
مٺي:
سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي (SUP) ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف يوٿ ونگ ٿرپارڪر جي طرفان سول اسپتال مٺي جي چيف ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ جي افسوسناڪ خودڪشي بعد، سندس موت ۾ ملوث ڪردارن جي گرفتاري ۽ خون سان انصاف لاءِ مٺي جي ڪشمير چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ گذريل لڳ ڀڳ پندرهن سالن کان ٿر جي عوام جي خدمت ڪري رهيو هو، پر کيس مسلسل ذهني ٽارچر ۽ دٻاءُ هيٺ رکيو ويو، جنهن سبب هو آخرڪار خودڪشي جهڙو انتهائي قدم کڻڻ تي مجبور ٿيو.
اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ پنهنجي خودڪشي کان اڳ هڪ وائيس ميسيج ۽ خط ۾ واضح طور تي ڪجهه ماڻهن جا نالا ظاهر ڪيا هئا، جن بابت هن لکيو ته انهن مون کي مسلسل ذهني اذيت ڏئي خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي. هن خط ۾ جن ماڻهن جا نالا سامهون آيا آهن، تن ۾ سول اسپتال مٺي جو ايم ايس ڊاڪٽر هريش جڳاڻي، ڊاڪٽر موهن کتري، ڊاڪٽر مالڪ نهڙي، نرسنگ اسٽاف منٺار ڀيل، سردار ڀيل، ڪريم ڪنڀر، برڪت هنگورجو ۽ ٻيا شامل آهن.
پاڪستان تحريڪ انصاف ضلعو ٿرپارڪر مطالبو ڪيو آهي ته ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ جي موت ۾ ملوث سمورن عملدارن کي فوري طور معطل ڪيو وڃي، انهن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي ۽ هن سموري معاملي جي شفاف جوڊيشل انڪوائري ڪرائي وڃي ته جيئن ذميوارن کي قانون مطابق ڪيفرِ ڪردار تائين پهچايو وڃي.
هن احتجاجي مظاهري ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ سيد عارف حسين شاهه، لال گري گوسوامي، رضاء اللہ بجیر ، ايس يو پي ضلعي صدر شاهد رند، پرديپ سنڌي، دولت سکواڻي، ٿر سجاڳ سٿ جي اڳواڻ صابر جوڻيجو، جسقم آريسر اڳواڻ راجيش راگهاڻي، قومي عوامي تحريڪ اڳواڻ وجئي ساگر ۽ ٻين سياسي ۽ سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

14/03/2026

پريس رليز

لِلّٰهِ وَاِنّا اِلَيْهِ رَاجِعُوْن

پاڪستان تحريڪ انصاف يوٿ ونگ ريجن ميرپورخاص جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري سيد عارف حسين شاهه سول اسپتال مٺي جي نائٽ شفٽ انچارج ۽ سينيئر ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ جي افسوسناڪ موت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ هڪ باوقار، ايماندار ۽ غريبن جي مسيحا طور سڃاتا ويندا هئا، جيڪي ڊگهي عرصي کان سول اسپتال مٺي ۾ نائٽ شفٽ انچارج طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيا هئا. سندن اوچتو ۽ ڏکوئيندڙ لاڏاڻو علائقي ۽ صحت کاتي لاءِ وڏو نقصان آهي.

هن چيو ته رپورٽن موجب ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ پنهنجي زندگي ختم ڪرڻ کان اڳ هڪ خط لکي آءِ جي سنڌ کي موڪليو، جنهن ۾ هن پنهنجي خودڪشي جو سبب بڻجندڙ ڪجه ماڻهن جا نالا به لکيا هئا. افسوس جوڳي ڳالهه اها به ٻڌائي وڃي ٿي ته هن اڳ ۾ به پنهنجي حالت بابت آگاهي ڏني هئي، پر لاڳاپيل ذميوارن ان کي سنجيده نه ورتو، جنهن سبب هڪ سينيئر 19 گريڊ جو ميڊيڪل آفيسر انتهائي مايوسي ۾ اچي اهو قدم کڻڻ تي مجبور ٿيو.

سيد عارف حسين شاهه چيو ته اهڙو افسوسناڪ واقعو نه رڳو هڪ خاندان لاءِ صدمو آهي پر سڄي سماج لاءِ به ڳڻتي جوڳو آهي، ڇو ته اهڙن واقعن سان معاشري ۾ بيچيني ۽ خوف پيدا ٿئي ٿو.

هن ايس ايس پي ٿرپارڪر، ڊي ايس پي مٺي، ايس ايڇ او مٺي، ڊي آءِ جي ميرپورخاص، آءِ جي سنڌ پوليس ۽ ڊي جي رينجرز سنڌ سميت لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪيو ته واقعي جي شفاف، بي لاگ ۽ مڪمل جاچ ڪرائي وڃي ته جيئن ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ کي اهڙي انتهايي قدم کڻڻ تي مجبور ڪندڙ سمورن ڪردارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

آخر ۾ هن چيو ته هن ڏک جي گهڙي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف يوٿ ونگ ريجن ميرپورخاص مرحوم جي وارثن سان برابر جا شريڪ آهي ۽ سندن غم ۾ پاڻ کي برابر جو ڀاڱي ڀائيوار سمجهي ٿي. دعا ڪئي وئي ته الله پاڪ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ سندن پوئينرن کي صبر جميل عطا ڪري. آمين.

05/03/2026

𝗦𝘆𝗲𝗱 𝗔𝗿𝗶𝗳 𝗛𝘂𝘀𝘀𝗮𝗶𝗻 𝗦𝗵𝗮𝗵

Social Organizer | Community Worker | Advocate for Child Health

Some individuals become known because of the positions they hold, while others earn recognition through their character, integrity, and service to humanity. The family of Nazar Muhammad Shah is among those respected families whose conduct and values have earned trust and honor in society. Personalities like Arif Hussain Shah, Ali Mardan Shah, and Fida Shah are considered a source of pride for the Thar region.

Arif Hussain Shah is widely known for his simplicity, humility, and compassionate nature. His polite attitude, warm smile, and willingness to listen to everyone with patience have earned him respect among the people of Tharparkar.

At a time when different discussions and allegations about PPHI circulate on social media, it is important to recognize those individuals who continue to perform their duties with honesty, dedication, and sincerity. As a Social Organizer, Arif Hussain Shah remains committed to serving the public and supporting community welfare.
The realities of Tharparkar are well known. Poverty, drought, and hunger still affect many families. Many innocent children suffer from severe malnutrition, while countless mothers struggle with the pain of watching their children suffer. In such difficult circumstances, serving humanity becomes not just a responsibility but a noble mission.

Arif Hussain Shah personally visits areas where many hesitate to go. Rather than traveling in luxury vehicles, he often rides a motorcycle to reach hospitals and health centers across Tharparkar—from Mithi to the border areas of Chachro and even the remote mountainous regions of Nagarparkar.
With special attention to child malnutrition, he closely monitors the distribution of RUTF (Ready-to-Use Therapeutic Food) at health facilities, ensuring that every sachet reaches the children who truly need it.

Islam teaches that the best among people are those who benefit humanity the most. In this spirit, Arif Hussain Shah listens to public concerns and strives to connect those issues with the relevant authorities so that solutions can be found.
Although he has a political background, his actions clearly reflect his commitment to the welfare and well-being of the people of Tharparkar. Perhaps that is why people from different communities and opinions across the region look at him with respect and appreciation.

May Allah grant him health, strength, and continued success so that he may keep serving the underprivileged people and innocent children of Tharparkar with sincerity and dedication.
“The best among people are those who benefit humanity the most.”

⭐Get featured on The Pakistan Stories 🇵🇰
Pakistan’s leading & pioneer Meta Verified platform ✅ WhatsApp: 0316 0316 0012110





Want your business to be the top-listed Government Service in Kabul?

Click here to claim your Sponsored Listing.

Location

Category

Telephone

Website

Address

Insaf House Mithi
Kabul
000