GSTA Dokri

GSTA Dokri You are on official page of Government Secondary Teachers Association Taluka Dokri

27/10/2026
پنھنجي سروس جا سال پورا ڪريو ۽ ڊيوٽي تي ڌيان ڏيو! ڪوئي استاد پريشان نه ٿئي، ڪنھن به صورت پينشن کي ڪٽ نه لڳي رھيو آھي ۽ ن...
15/10/2026

پنھنجي سروس جا سال پورا ڪريو ۽ ڊيوٽي تي ڌيان ڏيو!
ڪوئي استاد پريشان نه ٿئي، ڪنھن به صورت پينشن کي ڪٽ نه لڳي رھيو آھي ۽ نه ھڻڻ ڏينداسين، گسٽا سنڌ سجاڳ آھي ۽ استادن جا حق وٺڻ بخوبي ڄاڻي ٿي. جيئي گسٽا

تعليم کپي، تالا نہ کپن.
03/09/2026

تعليم کپي، تالا نہ کپن.

31/08/2026

جئي سنڌ جو استاد.. جئي گسٽا
گسٽا سنڌ جي آفيس سيڪريٽري ڪامران جمالي کي مخالف ڌر جي اڳواڻ راشد شاهه جي چرچ تي بلا جواز گرفتار ڪيو ويو آهي. انھي عمل جي سخت لفظن م مذمت ڪجي ٿي ۽ ونگاري پوليس کي چتاءُ ٿو ڏجي ته ڪامران جمالي کي باعزت بري ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ گسٽا سنڌ پوري سنڌ ۾ راشد شاهه ۽ سندن واٺن ۽ شڪارپور پوليس خلاف تحريڪ جو اعلان ڪندي.
منظور احمد پنهور جنرل سيڪريٽري گسٽا سنڌ.

تعلقي جا 9 عھديدار ھوندا. ھتي صرف 6 بيٺا آھن. 3 عھديدار نامزدگي فارم ڀرائڻ ۽ بنا مقابلي ڪامياب بڻجڻ واري ڏينھن بہ نہ آيا...
31/08/2026

تعلقي جا 9 عھديدار ھوندا. ھتي صرف 6 بيٺا آھن. 3 عھديدار نامزدگي فارم ڀرائڻ ۽ بنا مقابلي ڪامياب بڻجڻ واري ڏينھن بہ نہ آيا. ھڪڙو عھديدار ووٽر لسٽ ۾ ان پيڊ ڏيکاريل آھي جنھن کي ووٽ نمبر ئي الاٽ نہ ڪيو ويو آهي پوء بہ عھديدار ٿي ويو.
مرزا غالب واه جو چئي ويو آهي:

کعبہ کس منہ سے جاؤ گے غالب!
شرم تم کو مگر نہیں آتی۔

گسٽا تعلقي ڏوڪريءَ جو جنرل باڊي اجلاساستادن جي مسئلن ۽ تنظيمي معاملن تي اهم غورڏوڪري (پ-ر): گورنمينٽ سيڪنڊري ٽيچرس ايسوس...
27/08/2026

گسٽا تعلقي ڏوڪريءَ جو جنرل باڊي اجلاس
استادن جي مسئلن ۽ تنظيمي معاملن تي اهم غور

ڏوڪري (پ-ر): گورنمينٽ سيڪنڊري ٽيچرس ايسوسيئيشن (گسٽا) تعلقي ڏوڪريءَ جي جنرل باڊيءَ جو اهم اجلاس اڄ گورنمينٽ حيدر بخش جتوئي بوائيز ھائي اسڪول ڏوڪريءَ ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ تعلقي جي ڪل 21 منجھان 18 يونٽن جي عھديدارن ۽ ميمبرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس دوران استادن کي درپيش مختلف مسئلن، تعليمي نظام جي صورتحال، تنظيمي معاملن ۽ مستقبل جي حڪمت عملي تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو.
اجلاس ۾ ڳالهائيندي گسٽا ضلعي لاڙڪاڻي جي جنرل سيڪريٽري سيف الله ابڙو پنھنجي صدارتي تقرير دوران چيو تہ استاد ملڪ جي تعليمي نظام ۾ بنيادي حيثيت رکن ٿا، تنهنڪري استادن جي مسئلن کي نظرانداز ڪري معياري تعليم جو مقصد حاصل نٿو ڪري سگهجي. استادن کي پنهنجا جائز حق، سهولتون ۽ باوقار ماحول فراهم ڪرڻ حڪومت ۽ لاڳاپيل تعليمي اختيارين جي بنيادي ذميواري آهي.
جنرل باڊي اجلاس ۾ استادن جي سروس معاملن، ترقي، بدلين، پگهارن، الائونسز، اسڪولن ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ ۽ ٻين مسئلن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شرڪت ڪندڙ استادن ان ڳالھ تي زور ڏنو تہ تعليمي ادارن جي بهتر ڪارڪردگي لاءِ استادن کي انتظامي دٻاءَ بدران سهولتون، تحفظ ۽ مناسب تدريسي ماحول فراهم ڪرڻ ضروري آهي. اسڪول ٽائمنگ ۾ ھڪ ڪلاڪ جي واڌ ۽ فريمز ايپليڪيشن جھڙن تجربن کي وقت ۽ وسيلن جو زيان قرار ڏيندي اڳواڻن مطالبو ڪيو تہ اسڪول ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ اھڙن تجربن کان پاسو ڪري ۽ استادن کي وڌ کان وڌ سهولتون ڏئي. ھنن چيو تہ اٺين فيز ۾ ڀرتي ٿيل جي اي ايس ٽيز گذريل چوڏھن مھينن کان پگھارن کان محروم آھن. کين مختلف اٽڪلون استعمال ڪندي مجبور ڪيو پيو وڃي تہ پگھارون جاري ڪرائڻ لاءِ رشوت ڏين.
اجلاس ۾ گسٽا جي تنظيمي معاملن تي پڻ تفصيلي بحث ڪيو ويو ۽ ان ڳالھ تي اتفاق ڪيو ويو تہ تنظيم کي وڌيڪ مضبوط، فعال ۽ جمهوري بڻائڻ لاءِ استادن جي وچ ۾ اتحاد، اتفاقِ راءِ ۽ گڏيل مشاورت کي هٿي ڏني ويندي. اڳواڻن چيو تہ استادن جا مسئلا ذاتي يا انفرادي نوعيت جا گھٽ، اجتماعي نوعيت جا وڌيڪ آهن، جن جي حل لاءِ گڏيل جدوجهد ۽ مضبوط تنظيمي ڪردار ضروري آهي.
اجلاس ۾ ان عزم جو پڻ اظهار ڪيو ويو تہ تعلقي ڏوڪري جي استادن جي جائز مسئلن جي حل لاءِ لاڳاپيل اختيارين سان رابطو ڪيو ويندو ۽ ضرورت پوڻ تي تنظيمي ۽ قانوني طريقيڪار تحت آواز بلند ڪيو ويندو.
شرڪت ڪندڙ استادن چيو تہ گسٽا هميشہ استادن جي حقن، تعليم جي بهتري ۽ سرڪاري تعليمي ادارن جي تحفظ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهي آهي ۽ مستقبل ۾ پڻ ان جدوجهد کي وڌيڪ منظم ۽ مؤثر انداز ۾ اڳتي وڌايو ويندو. جنرل باڊي اجلاس پاران تعلقي ڏوڪريءَ جي چونڊ جي حوالي سان تعلقہ اليڪشن ڪميشن چيئرمين محترم عبدالغفور زھراڻي جي ڪيل فيصلي جي تائيد ڪئي وئي ۽ ڏوڪري تعلقي ۾ ٻيھر اليڪشن جا نوٽيفيڪيشن ڪالعدم قرار ڏيارڻ لاءِ جوائنٽ اسٽاڪ ڪمپني سان رجوع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ واضح ڪيو ويو تہ ڏوڪري تعلقي جا سيڪنڊري استاد متوازي گسٽا باڊي کي ڪڏھن بہ ڀليڪار نہ ڪندا.
اجلاس کي گسٽا تعلقي ڏوڪريءَ جي صدر احمد علي ڪانڌڙو، اقبال علي جوڻيجو، سھراب ڀٽو، ميڊم شبنم، واجد ابڙو، عبدالغفور زھراڻي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.
آخر ۾ جنرل باڊي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ سمورن استادن جو شڪريو ادا ڪيو ويو ۽ اميد ظاهر ڪئي وئي تہ تعلقي ڏوڪري جا استاد اتحاد ۽ يڪجهتي سان پنهنجي تنظيمي جدوجهد کي جاري رکندا.

جاري ڪندڙ:
غلام اصغر ڀنڊ
پريس سيڪريٽري
گسٽا تعلقو ڏوڪري

ھر خاص ۽ عام لاء اطلاع آھي تہ پروگرام پنھنجي طئي ٿيل شيڊيول مطابق ٿيندو. ڪنھن جي بہ دڙڪي دهمان ۾ اچڻ جي ضرورت ڪانھي. سمو...
26/08/2026

ھر خاص ۽ عام لاء اطلاع آھي تہ پروگرام پنھنجي طئي ٿيل شيڊيول مطابق ٿيندو. ڪنھن جي بہ دڙڪي دهمان ۾ اچڻ جي ضرورت ڪانھي. سمورا استاد شرڪت ڪن.
مھرباني.

گسٽا تعلقي ڏوڪريءَ جي سمورن معزز ميمبرن لاء شرڪت جي عام ڪوٺ 27 آگسٽ 2026صبح ڏھين وڳي گورنمينٽ بوائيز ھاء اسڪول ڏوڪري
25/08/2026

گسٽا تعلقي ڏوڪريءَ جي سمورن معزز ميمبرن لاء شرڪت جي عام ڪوٺ

27 آگسٽ 2026
صبح ڏھين وڳي
گورنمينٽ بوائيز ھاء اسڪول ڏوڪري

گسٽا تعلقي ڏوڪريءَ جي جنرل باڊي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت عرض رکڻ لاء ميزبان يونٽ گورنمينٽ حيدر بخش جتوئي بوائيز ھاء اسڪول ڏو...
25/08/2026

گسٽا تعلقي ڏوڪريءَ جي جنرل باڊي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت عرض رکڻ لاء ميزبان يونٽ گورنمينٽ حيدر بخش جتوئي بوائيز ھاء اسڪول ڏوڪريءَ جي دوستن سان مکا ميل ۾ تعلقہ جنرل سيڪريٽري سر اثر امام ۽ اسڪول جو اسسٽنٽ ھيڊ ماستر سائين عبدالغفور زھراڻي پنھنجي خيالن جو اظھار ڪندي.

گسٽا يونٽ گورنمينٽ بوائيز ھائير سيڪنڊري اسڪول باڊھ جي دوستن سان ملاقات. تنظيمي حال احوال اورڻ سان گڏوگڏ يونٽ جي دوستن کي...
25/08/2026

گسٽا يونٽ گورنمينٽ بوائيز ھائير سيڪنڊري اسڪول باڊھ جي دوستن سان ملاقات.
تنظيمي حال احوال اورڻ سان گڏوگڏ يونٽ جي دوستن کي ستاويھ آگسٽ تي ھاء اسڪول ڏوڪريءَ ۾ رکيل جنرل باڊي اجلاس ۾ شرڪت جي ڪوٺ پڻ ڏني وئي.

Address

Government Hyder Bux Jatoi Boys High School Dokri
Dokri
77010

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when GSTA Dokri posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share