20/08/2025
منهنجي ڳڙهي خيرو جا نوجوان ساٿيو
اسلام عليڪم
ساٿيو توهان کي خبر آهي ته اسان جو ڳڙهي خيرو تعلقو سڄي سنڌ ۾ هڪ پٺتي پيل علائقو آهي۔ ان جي وجه هتي ورهين کان قابض سياسي خاندان آهن جن پنهبجي ملڪيت ۾ ته بي پناھ اضافو ڪيو آهي پر هتان جو عوام اهو ئي بکيو, ڏکيو, انگ اگهاڙو ۽ غريب آهي۔ شهر جي حالت بد کان بدتر آهي, ڪو قانون ۽ انصاف ڪونهي , ڪو روڊ ڪو شهر محفوظ ڪونهين, مطلب ته امن امان آهي ئي ڪون۔
پوليس وڏيرن جي نوڪري ۾ پوري آهي۔ وڏيرا نوڪريون ۽ ٺيڪا وڪڻي امير ٿي ويا ۽ غريب جي ٻار لاء روزگار ڪونهين, تعليم ڪونهين اسڪول ڪونهين۔ رڳو رشوت ۽ پنهنجا نوازي جي بازار گرم لڳي پئي آهي۔
زمينن لاء پاڻي ڪونهين پر وڏيرن جون زمينون آباد آهن۔ منهنجو ساٿ ڏيو ته هنن پنهنجي موت مرندڙ سياسي ڀوتارن ۽ وڏن بتن کي ڪيرائي پٽ ڪيون۔ هنن فوعونن جي هوندي توهان کي حق ڪون ملندا ۔ توهان جي حالت زار ڪون بدلبي۔ هنن چند قابض گروهن گهراڻن مان اميد نه رکو۔ هنن توهان جي ڄمڻ کان اڳ۾ توهان جي قسمت کي وڪڻي ڇڏيو آ۔ ڳڙهي خيري جي ترقي چاهيو ٿا ته انهن فرعونن کي "نه" چوڻ جي پاڻ ۾ جرعت پيدا ڪيو۔
جيڪڏهن توهان اڃان به غلط فهمي ۾ آهيو ته اهي سياسي ماڻهون توهان کي ڪجھ ڏيندا ته اوهان سراسر غلط آهيو۔ توهان جي ڳوٺن ۽ شهرن جي ترقي لاء پئسا اچن ٿا پر اهي وڏيرا آفيسرن سان ملي ڪري نام نهاد ٺيڪن جي ذريعي ملي ڀڳت ڪري کائي وڃن ٿا۔ اسڪول , اسپتالون صرف بلڊنگيو آهن باقي ڪجھ ڪونهي۔
توهان لاء آهي صرف سستو موت, بدامني, جهالت, جيل ۽ ٿاڻا۔