Sindhi Sangat NUML - Islamabad

Sindhi Sangat NUML - Islamabad

Share

Non-Political,Non-Religious,Social and Cultural Organization of Sindhi Students.

Photos from Sindhi Sangat NUML - Islamabad's post 09/03/2026

حق موجود
جيئي سنڌ جيئي لطيف

7 مارچ 2026 بروز ڇنڇر تي سنڌي سنگت نمل جي نگران ڪابينه افطار پارٽي جو اهتمام ڪيو، جنھن ۾ سنڌي سنگت نمل جي جنرل باڊي ۽ ٻين يونيرسٽين جي ڪائونسل توڙي شاگردن ڀرپور نموني شرڪت ڪئي. سنڌي سنگت نمل سڄي سنگت جي شڪر گذار آهي جن هن پروگرام ۾ شرڪت ڪري ڪابينه ۽ جنرل باڊي جو مان وڌايو.

انفارميشن سيڪريٽري
شاهد راڄڙي

Photos from Sindhi Sangat NUML - Islamabad's post 23/02/2026

حق موجود
جيئي سنڌ جيئي لطيف

22 فيبروري 2025 بروز آچر تي سنڌي سنگت نمل جي نگران ڪابينه پاران اندور ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ٿي گذريو، جيڪو هڪ ڪامياب ايوينٽ رهيو. سنڌي سنگت نمل پنهنجي جنرل باڊي لاءِ رمضان شريف جي بابرڪت مھيني ۾ پڙهائي سان گڏو گڏ ٻيون سرگرميون پڻ ڪرائي ٿي، تہ جيئن شاگرد پرديس ۾ رهي رمضان جي مهيني ۾ لطف اندوز پڻ ٿين.

انفارميشن سيڪريٽري
شاهد راڄڙي

Photos from Sindhi Sangat NUML - Islamabad's post 18/02/2026

نڪا جهل ن پل ، نڪو رائر ڏيهه ۾ ،
آڻيو وجهن آهرين ، روڙيو رتا گل ،
مارو پاڻ املهه ، مليرون مرڪڻو ۔
شاههحق موجود

جيئي سنڌ جيئي لطيف
جيئي لطيف سرڪار جي مٺڙي ٻولي

18-02-2026 بروز اربع تي سنڌي سنگت نمل جي موجودہ نگران ڪابينه پاران نون آيل شاگردن سان ٿيل تعارفي گڏجاڻي جون نڪتل يادگار تصويرون.

ھر سيمسٽر جيان اسپرنگ 2026 جو سيمسٽر شروع ٿيندي ئي انھن دوستن جي سان جيڪي دوست سنڌ جي ڪنڊن ڪڙڇن ڳوٺن ۽ شھرن ٻھراڙي ۽ جھنگ جھر کان ڪيئي مشڪلاتون پار ڪري پنھنجي اعليٰ تعليم جي حاصلات لاء نمل يونيورسٽي اسلام آباد پھتا انھن سان تعارفي ڪچھري رکي وئي، جيڪا گڏجاڻي سنڌي سنگت نمل جي معزز ڪابينه جي صدارت ھيٺ ٿي گذري جنھن ۾ آيل سڀني نون دوستن کي تعارف ڪرائيندي ھڪ ٻئي کي پنھنجائپ جو احساس ڏياريوسين ته جيڪي اوھان کان اڳي ھتي موجود آھن اھي دوست جيئين داخلا ڪميٽي جي صورت ۾ اوھان جي رھنمائي ۽ مدد لاء حاضر ھئا جن جي ڪوششن سان اوھان با آساني داخلا وٺي نمل يونيورسٽي پھتا آھيو ساڳي ريت اڳتي ب اوھانجا معزز سينئرز اوھان لاء ھر دم موجود آھن اوھان ۽ اسانجو خمير ھڪ آھي ھن پرديس ۾ اسان ھر ڳالھه ۾ اوھان سان گڏ ھونداسين، اوھان کي ڪنھن قسم جي رھنمائي گھرجي يا اوھان خدانخواسته اوھان ڪنھن ب پريشاني ۾ ھجو ته اوھان جي لاء معزز سينئرز ۽ موجود ڪابينه ھر دم اوھان سان گڏ ھوندي-
تعارفي گڏجاڻي انتھائي خوبصورت ٿي گذري جنھن ۾ پيار ۽ پنھنجائپ جو احساس ڀرپور رھيو اسلام آبادين سنڌي ھجڻ طور وچن واعده اڃا به گھڻا مضبوط ٿيا.
اميد ٿا ڪيون ته آيل دوست ھتان سٺيون ڪاميابيون ماڻيندا پنھنجي ۽ پنھنجي والدين جي خوابن کي ساڀيان ڪندا ۽ ان ئي ريت ايندڙ وقتن ۾ ٻين ايندڙ سنڌين جي ڀرپور مدد ۽ رھنمائي ڪرڻ لاء ھر دم ڪوشان رھندا.

پاران: نگران ڪابينه 2026-27
سنڌي سنگت نمل،اسلام آباد.

Photos from Sindhi Sangat NUML - Islamabad's post 10/02/2026

سنڌي سنگت نمل، شير ايس ايس اين ۽ I R جي ستين سيمسٽر جي شاگرد سائين عزير قادر جمالي ۽ وڏي ڀاءُ سائين زبير قادر جمالي جيڪو سماجي ورڪر ۽ شاگرد اڳواڻ آهي، انهن جي خلاف ٿيل ڪوڙي ايف آء آر جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿي.

سائين عزير جمالي جو ڪردار هميشه امن ۽ انصاف پسند رهيو آهي، ۽ سندس وڏو ڀاءُ جيڪو انسانيت جي ڀلائي جي ڪمن ۾ ھميشه سرخرو رهيو آهي، انهن جي خلاف دهشتگردي جهڙي ڪوڙي الزام تي انصاف پسند عوام ڪڏهن بہ چُپ نه رهندي، ۽ حق ۽ انصاف لاءِ آواز اٿاريندي رهندي.

انفارميشن سيڪيٽري
شاهد راڄڙي

14/01/2026

جيئي سنڌ جيئي لطيف

شهيد نادر جمالي جي ماوراءِ عدالت قتل خلاف احتجاج جو سڏ

سنڌي سنگت نمل شهيد نادر خان جمالي جي وارثن جي همت افزائي ڪندي،اسلام آباد پريس ڪلب ۾ هڪ پر امن ڌرڻي جو سڏ ڏئي ٿي،سڄي سنگت کي گذارش آهي ته وقت ڪڍي ڌرڻي ۾ وڌ کان وڌ شرڪت ڪن ۽ انصاف لاءِ پنهنجو آواز بلند ڪن،ڌرڻي جي تفصيل هيٺ ڏنل تحرير موجب آهي.

شهيد نادر خان جمالي سنڌي سنگت نمل جي انتهائي سرگرم شاگرد شير ايس ايس اين سائين عزير قادر جمالي جو سوٽ هيو، جنھن جو بيدردي سان قتل ڪيو ويو، اچو ته سڀ گڏجي سائين عزير جي خاندان سان هن ڏکي وقت ۾ گڏ بيهون ۽ انصاف جو ساٿ ڏيون.

📍جاءِ: پريس ڪلب اسلام آباد
📅 تاريخ: 16 جنوري 2026
🗓 ڏينهن: جمعو
⏰ وقت: 3:00 وڳي منجهند

نوٽ: 7up ڌاٻي ،نزد خيابان جوهر ميٽرو اسٽيشن وٽ ٽرانسپورٽ جي سهولت پڻ موجود آهي، سنگت کي عرض آهي ته هو 2 بجي ٻڌايل هنڌ تي گڏ ٿين ته جيئن اتان گڏ نڪري سگھون.

اچو، شهيد نادر جمالي لاءِ آواز بڻجون.
اچو، ظلم خلاف خاموشي ٽوڙيون.
اچو، انهيءَ لاءِ جو ٻيهر ڪا ماءُ پنهنجو پٽ ماوراءِ عدالت قتل ۾ نه وڃائي.

📢 CALL FOR PROTEST📢
JUSTICE FOR SHAHEED NADIR JAMALI .

Sindhi Sangat NUML calls for a peaceful protest at the Islamabad National Press Club in support of the heirs of Shaheed Nadir Khan Jamali during this time of deep grief. Everyone is respectfully requested to participate and stand with the bereaved family in this moment of need.

📍 Venue: Press Club Islamabad
📅 Date: 16 January 2026
⏰ Time: 3:00 PM
Note: Transport will also be provided at 7up dhaba,near Khayaban e Johar metro station, Everybody is requested to reach at the location by 2:00 PM.

We call upon: Students Journalists Human rights activists Lawyers Civil society And every justice-loving Pakistani . Stand with the family of Shaheed Nadir Jamali . Demand justice and an end to police brutality . Your silence supports oppression. Your voice can bring justice.

Information Secretary
Shahid Rajri



For Contact:
Uzair Qadir Jamali
Number: 0311-8090548
Saeed Chandio
Number: 0334-3218468
Adv Tanzeel Memon
Number: 0334-3449075
Safeer Hussain
Number: 0340-2397355

Photos from Sindhi Sangat NUML - Islamabad's post 09/01/2026

جيئي سنڌ جيئي لطيف

جيئن ته اربع بروز 7 جنوري 2026 تي سنڌي سنگت نمل جي تمام سرگرم بين الا اقوامي IR جي ستين سيمسٽر جي شاگرد شيرٍ ايس ايس اين سائين عزير قادر جمالي جي سوٽ شهيد نادر خان جمالي کي دادو جي پوليس پاران ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي بيدردي سان قتل ڪيو ويو، جنھن عمل جي سنڌي سنگت نمل سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿي ۽ رياست کان فوري طور تي انصاف جي گھر ڪري ٿي, نه ته ٻي صورت ۾ سنڌي سنگت نمل اسلام آباد جي مختلف يونيورسٽين جي باشعور شاگردن ۽ سوِل سوسائٽي سان گڏ اسلام آباد نيشنل پريس ڪلب اڳيان هڪ پرزور ڌرڻو هڻندي.

شهيد نادر خان جمالي سوِل سوسائٽي جو خدمت گذار ۽ انسان دوست ماڻھو هو ۽ ياد رهي ته، ڪجهه مهينا اڳ شهيد نادر خان جي ننڍي ڀاءُ ذاڪر خان جمالي کي شهيد ڪيو ويو، جنھن تي سول سوسائٽي جي اسرار ۽ قرآن پاڪ جي واسطي تي نادر خان خون معاف ڪري ڇڏيو سو هي ماڻهون دهشت گرد ڪيئن ٿي سگهي ٿو.

شهيد نادر خان سوين ايڪڙ زمين جو مالڪ دادو جو وڏو ٽرانسپورٽر ڪاروباري شخصيت سنڌ سميت پنچاب بلوچستان تائين ھر ايم پي اي بيريوڪريٽ سان واسطا رکندڙ پراڻي دور جون لانڊيون مناھيون اوطاقون مھمانواز يارويس ھڪ سماج دوست جمالي ڪميونٽي جي ھڪ بيباڪ انسان رئيس حبيب الله خان جمالي جي پڳدار فرزند کي اھڙي طريقي سان بيدردگي سان قتل ڪرڻ ھڪ ڪستوديل ڊيٿ آهي.جيڪڏھن ائين پوليس پنهنجا فيصلا پاڻ ڪندي ته پوء ڪورٽ کي تالا لڳائي ڇڏجن جڏھن ذاڪر کي شھيد ڪيو ويو سرعام انھي وقت به ھن شخص ھر شي وساري پنهنجي معصوم ڀاء جو خون معاف ڪري ڇڏيو جئين امن امان جي صورتحال پيدا ٿئي ايترا سوين ڪيسن ۾ ملوٽ ڏوھاري جوابدار سرعام گھمندا ورتن ٿا اتي قانون انڌو آھي باقي ھڪ ايف آء آر جنھن جي جاچ پڙتال به نه ٿي ۽ اوھان انھي کي ٻنھي گوڏن ۾ گوليون لڳائي انھي جو ساھ ڪڍي پوء ڊرامو ڪري اسپتال پھچائي مقابلو ڄاڻايو ٿا توھان کي ڇا ٿو لڳي اسان بيوقوف آھيون؟
توھان کي ڇا ٿو لڳي توھان پنهنجي عدالت کولي فيصلا ڪندو ۽ اسين انھن کي خاموش ٿي ماٺ ڪري قبول ڪنداسين
يقيينن اوھان فيسبوڪ کوليو ھوندو مقامي چڳن سميت ھر ضلع جي ماڻھن جون نادر خان لاء پوسٽون ڇو آھين؟
ھڪ دھشتگرد سان ايترن ماڻھن جي محبت ڇو آ؟
ھڪ ڏوھاري ماڻھو کي ايترا سوين ھزارين ماڻھو فيسبوڪ ٽوئيٽر ۽ ٻين سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي نادر خان لاء ڇو ڏکارا آھن؟
اگر نادر خان جمالي ايڏو وڏو دھشتگرد ھيو جو ھوء پوليس تي حملو ڪري ٿو ته توھان ته انھي کان وڌيڪ دھشت گرد آھيون جنھن ماڻھو پيشي ڏني آ اوھان وٽ ته مان حاضر آھيان ڀلي انڪواري ڪرايو ۽ اوھان بنا ڪنھن جاچ پڙتال جي ھڪ گوڏي ۾ جي ٿري جي گولي ٻئي گوڏي ۾ پسٽل جي گولي لڳائي انھي کي بيدردگي سان قتل ڪري ڇڏيو؟
اوھان وٽ آرمي کان وڌيڪ سنائيپر شوٽر موجود آھن جيڪي مقابلي دوران گوڏن ۾ ايڪزيٽ نشانو ڪري گوليون ٿا لڳائين؟
الله وٽ دير آھي پر انصاف ضرور آھين

انفارميشن سيڪيٽري
شاهد راڄڙي





04/01/2026

Sindhi Sangat NUML officially announces the Election Committee Cabinet for the term 2026–27, selected by the Permanent Body and is hereby declared as the current body of SSN until the general elections.

The EC shall now assume its responsibilities in accordance with the constitution, traditions, and established procedures of the Sindhi Sangat NUML.

The Council extends its best wishes to the newly constituted EC Cabinet and expects them to perform their duties with integrity, transparency, and commitment to democratic values.

Chairman: Kamran Khan Mahar
General Secretary: Rameez Chandio
Chief Coordinator: Aqib Sargani
Finance Secretary: Muhammad Naeem Mahar
Information Secretary: Shahid Rajri

04/01/2026

Mehboob E SSN 🤍🚩
Sain Raees Ghafoor❤️

Photos from Sindhi Sangat NUML - Islamabad's post 02/01/2026

درياھ اندر جا دهشت آ ڪنھن وقت قيامت ٿي ويندي
تون مان ته رڳو هن سنڌو تي ڪا لھر اڀاري وينداسين

حق موجود
جيئي سنڌ، جيئي لطيف

سڄي سنگت کي آگاهه ڪجي ٿو ته، 25 ڊسمبر بروز خميس تي سنڌي سنگت نمل جي اڳوڻي ڪابينه (26-2025) پنهنجا پاور اليڪشن ڪميٽي جي حوالي ڪيا، جنھن جي تفصيل هيٺ ڏنل تحرير موجب آهي.

چيئرمين : سائين ڪامران خان مھر

جنرل سيڪريٽري: سائين رميز چانڊيو

چيف ڪو آرڊينيٽر: سائين عاقب سَرگاڻي

فنانس سيڪريٽري: سائين محمد نعيم مھر

انفارميشن سيڪيٽري: سائين شاهد راڄڙي

Photos from Sindhi Sangat NUML - Islamabad's post 30/12/2025

جشن لطيف جي تقريب ۾ آيل مهمان،اسپيڪر،سيگمينٽس،سينيئر،۽ جنرل باڊي جون نڪتل تصويرون.




Want your business to be the top-listed Government Service in Islamabad?

Click here to claim your Sponsored Listing.

Location

Website

Address

Islamabad