11/04/2022
عمران خان لک دفعا برو ھجي پر وطن فروش ناهي....
تحرير: فاطمه ڀٽو،،،،
ترجمو: جوکيو اطھر حسين
منهنجي ڏاڏي ذوالفقار علي ڀٽو ڪافي دفعا ٻڌايو ته "پاڪستان خلاف تمام وڏي عالمي سازش ٿي رهي آهي جنهن ۾ آمريڪا سرماياڪاري ڪري رھي آھي ۽ منهنجي سياسي مخالفن (فضل الرحمان جو والد) مفتي محمود ۽ نواز شريف جو روحاني پيء جنرل ضياء معرفت مونکي ھٽايو ويندو"
ان وقت به سڀ وطن فروش گڏ ھئا ۽ آمريڪي سرمايي ڪاري جي نتيجي ۾ 9 پارٽين جو پاڪستان نون ستارن تي مشتمل جهنڊي ھيٺ نيشنل الائنس ٺاھيو ويو جنهن جو سربراهه فضل الرحمان جو والد مفتي محمود ھو، جنهن جي آشيرواد سان آمريڪا معرفت وزير اعظم ذوالفقار ڀٽو کي ڦاسي لڳائي وئي مگر بعد ۾ جنرل ضياء انھن وطن فروشن کي به جهنڊي ڏيکاري ڇڏي۽ ۽ پاڻ مارشل لا لاڳو ڪري صدر ٿي ويھي رھيو ۽ پنهنجي ئي پاليل پٽ کي پھرين وزير خزانا ٺاھيو پوءِ ھن جي مرڻ بعد وزير اعلي ۽ بعد ۾ وزيراعظم ٺاھيو ويو ته جيئن بينظير وزير اعظم نه ٿي سگهي ان ئي وچ ۾ ضياء ايم ڪيو ايم ٺاھي،
منهنجي ڏاڏي ذوالفقار علي ڀٽو چيو ھو ته ويٽنام اندر آمريڪا جي حمايت نه ڪرڻ ۽ اسرائيل کي تباهه ڪرڻ لاءِ مون عربن جو ساٿ ڏنو ان لاءِ آمريڪا مونکي معاف نه ڪندو...
(بلڪل اھا ئي صورتحال اڄ به آهي آمريڪا عمران کي يوڪرين جي حمايت ۽ روس جي مخالفت ڪرڻ جو چيو ھو،)
ھڪ تقرير ۾ منهنجي ڏاڏي ان وقت جي آمريڪي وزير خارجا سائرس وينس پاران لکيل خط به لھرائي ڏيکاريو ھو جنھن ۾ ڏاڏي ذوالفقار ڀٽو کي جان کان مارڻ ۽ پاڪستان جي سر سان سر وڄائڻ جي ڌمڪي ڏني هئي،
ڏاڏا سائين عوام کي چيو ھو رڳو مونکي ئي نه پر ملڪ پاڪستان کي به خطرو آهي،
منهنجي ڏاڏي تي نواب محمد احمد خان قصوري جي قتل جو ڪوڙو ھلايو ويو عدالت ۾ ڏاڏا سائين چيو ته ھن سان ھي سڀ ڪجه ان لاءِ ڪيو پيو وڃي ته مون پاڪستان کي ائٽمي طاقت بڻائڻ چاھيان پيو، جڏهن منهنجي ڏاڏي ذوالفقار علي ڀٽي وزير خارجا ھنري ڪسنجر جي ڏنل واررنگ تي انڪار ڪندي ايٽمي پروگرام جاري رکڻ چاھيو ته ھنري ڪسنجر منهنجي ڏاڏي کي چيو ته توکي عبرت جو نشان بڻايو ويندو، پاڪستانيو پوءِ توهان ڏٺو ته منهنجي ڏاڏي کي اڄ جي وطن فروش فصل الرحمان ۽ نواز شريف جي پيئرن ڦاسي لڳرائي اڳين ڪيترن ڏھاڪن تائين آمريڪا جي خدمت جا تمغا پنهنجي سيني تي لڳائي ورتا ۽ اڄ به لڳل آهن پوءِ انهن ئي وطن فروشن سان ملي زرداري منهنجي والد مير مرتضي ۽ منهنجي پڦي بينظير کي قتل ڪرايو ته جيئن سندس دولت ۽ سياسي ملڪيت تي جعلي وصيت تحت قبضو ڪري سگهي ۽ اھو ڪري چڪو...
ان کان پھريان بلاول جي نئين مائٽن نواز شريف ۽ فضل الرحمان منهنجي ٻئي چاچي شاھ نواز کي فرانس ۾ زھر ڏئي مارائي ڇڏيو ۽ مان پنهنجي ھڪ ئي ڀاءُ ذوالفقار جونيئر کي به قتل ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ پاڪستان کان ٻاهر رھڻ تي مجبور ٿي وياسين،
عمران خان سان منھنجا لک سياسي ۽ نظرياتي اختلاف ھجن پر مان گواھي ٿي ڏيان ته ھو ٻين وطن فروشن جھڙو ناهي، پاڻ ايماندار آھي پر سندس ٽيم ٻي ايمان آهي جيڪا ٻين پارٽين سان به مليل آهي،
27 مارچ 2022 واري جلسي ۾ جنهن طريقي سان خط لھرايو اھو سو فيصد صحيح آهي جنهن ۾ آمريڪا عمران خان کي ڌمڪي ڏني آهي نواز شريف، زرداري ۽ فضل الرحمان تان ڪيس ختم ڪري ۽ نئين اليڪشن جو اعلان ڪري يا استعيفا ڏئي، روس ۽ چين سان تعلقات ختم ڪري آميريڪا کي پاڪستان ۾ ھوائي آڏا فراهم ڪري ورنا عمران سميت پاڪستان جي سر سان سر وڄائي ڇڏينداسون، لفظ به لفظ اھڙو ئي خط منهنجي ڏاڏي ذوالفقار علي ڀٽو کي به مليو ھو بس وقت ۽ عھديدار مٽيل آهن،
ڇا پاڪستانيو توهان تبديل ٿيڻ نه ٿا چاهيو آمريڪا جي ٿاڦيل ماڻهن جا غلام رھندو يا غيرتمند ائٽمي قوت جا پاڪستاني مالڪ، فيصلو توهان تي آهي،
پر ياد رکو منهنجي ڏاڏي ذوالفقار علي ڀٽو کي مارائڻ ۾ عدليا پيش پيش ھئي دعا ڪيو اھا غلطي اڄ جي عدليا عمران خان تي نه ورجائي.....
نوٽ: مان پنهنجو فيس بوڪ اڪائونٽ سڌو نه بلڪ ٽوئيٽر ھلائيندي آھيان فيس بوڪ تي منهنجي ٽيم منهنجي اجازت سان پوسٽ رکندي آهي جنهن سبب مان توهان جي ڪمينٽس جا جواب ڏيڻ کان قاصر آھيان مھرباني
پاڪستان جي نياڻي فاطما ڀٽو
