Sindhu Indus Lawyers forum

Sindhu Indus Lawyers forum

Share

Fight for Rights

22/07/2022

سنڌو انڊس لائيرس فورم طرفان ايندڙ خميس 28 جولاء تي منجهند هڪ وڳي سنڌ اسميبليء جي مکيه (مين) گيٽ آڏو احتجاج به ڪيو ويندو ۽ لکت ۾ چارٽر آف ڊيمانڊس پڻ پيش ڪيو ويندو ته (1) جيترا به غير ملڪي جن ۾ افغاني، بنگالي،برمي،ايراني ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا ۽ هت غير قانوني رهن پيا تن کي سپريم ڪورٽ جي ڏنل فيصلي تي عمل ڪرائيندي پنهنجن پنهنجن ملڪن ڏانهن واپس ڪيو وڃي۔ (2) پاڪستان جي ٻين صوبن ۽ بشمول ڪشميرين مٿان سنڌ ۾ ووٽ ڏيڻ، ملڪيت خريدڻ، PRC يا ڊوميسائل وغيره ڏيڻ تي مڪمل پابندي عائد ڪئي وڃي جنهن لاء آئين آرٽيڪل 15 ۽ 23 کي يا ته قانون سازي ڪري ختم ويو وڃي يا وري ترميمون ڪري مٿين نڪتن تي عمل ڪرايو وڃي، ان لاء سنڌ اسيمبلي شروعات ڪري۔ جي 3 مارچ 1943 تي سنڌ اسيمبليء جي پاس ڪرايل هڪ قرار داد تي هيء رياست چئن سالن کان پوء وجود ۾ اچي سگهي ٿي ته پوء هي مطالبا ڪيئن نٿا قابل عمل ٿي سگهن؟ بلڪل قابل عمل آھن صرف اسان سڀني کي همٿ جو مظاهرو ڪرڻو آ۔ سنڌ جي سڀني وڪيل ڀائرن کي نه صرف شرڪت لاء گذارش آ پر يقين آ ته سنڌ جي مسئلن تي اسان سڀ هڪ آواز هونداسين۔👏👏👏 @ سنڌ بار ڪائونسل جي وائيس چيئرمين سميت سنڌ بار ڪائونسل جي سڀني ميمبرن۔ @ سنڌ هاء ڪورٽ بار جي سڀني عهديدارن۔ @ ڪراچي بار جي سڀني عهديدارن۔ @ ملير بار جي سڀني عهديدارن سميت سڄي سنڌ جي وڪيل ڀائرن کي شرڪت لاء گذارش۔ ۔۔ نوٽ ريلي هڪ وڳي سٽي ڪورٽ کان رواني ٿيندي۔ 28 جولاء خميس ڏهاڙي۔ سنڌو انڊس لائيرس فورم

Photos from Sindhu Indus Lawyers forum's post 22/07/2022
Photos from Sindhu Indus Lawyers forum's post 22/07/2022

سنڌو انڊس لائرز فورم طرفان ڌاري آبادڪاري جن ۾ افغاني، برمي، بنگالي، ڪشميرين سميت ٻين ملڪن ۽ ٻي صوبائي لڏپلاڻ کي واپس موڪلڻ انهن جو پراپرٽي وٺڻ ۽ ووٽ جو حق ختم ڪرڻ جي عنوان سان ڪراچي،سکر، حيدرآباد، ميرپوخاص ڊويزن کانپوء هاڻي پنجون سيمينار نواب شاھ پريس ڪلب ۾ 4 آگسٽ بروز خميس جي ڏينهن منجهند 2 وڳي ڌاري رکيو ويو آهي جنهن سلسلي ۾ نواب شاھ جي دوستن کي دعوت ڏني پئي وڃي جنهن لاء سڀني سنڌ دوستن کي شرڪت جي اپيل ڪجي ٿي.

Photos from Sindhu Indus Lawyers forum's post 19/06/2022

سنڌو انڊس لائيرس فورم پاران، ڪراچي، سکر، حيدرآباد ۾ سنڌ اندر وڌندڙ ڌاري آبادڪاري کي روڪڻ جي لاءِ چوٿون سيمينار ھيٺين عنوان ھيٺ 2 جولاءِ تي 3 وڳي ميرپورخاص پريس ڪلب ۾ منعقد ڪيو پيو وڃي جنھن ۾ سنڌ جاھيٺ ڏنل ناليوارا وڪيل، اديب، دانشور، ليکڪ ساڃاهوند پنھنجو موقف پيش ڪندا توھان سنڌ جي سڄڻن کي شرڪت جي لاءِ دعوت ڏجي ٿي
پاران. سنڌو انڊس لائيرس فورم

Photos from Sindhu Indus Lawyers forum's post 19/06/2022

سنڌو انڊس لائيرس فورم پاران 2 جولاءِ تي 3 بجہ منجھند ميرپور خاِص پريس ڪلب ۾ ھيٺين عنوان تي سيمينار منعقد ڪيو پيو وڃي جنھن م سنڌ جا نامور اديب، دانشور، وڪيل ھيٺين عنوان تي پنھنجو موقف پيش ڪندا توھان مير پور خاص جي آس پاس جي سڀني سنڌ جي سڄڻن کي شرڪت جي دعوت ڏجي ٿي

19/06/2022
Want your business to be the top-listed Government Service in Karachi?

Click here to claim your Sponsored Listing.

Location

Telephone

Website

Address

High Court Of Sindh Karachi
Karachi
74000