Voice of Sami
“Where the public speaks without fear."
We provide home delivery service of Fresh Vegetables, Grocery, Stationary, Crockery, Medicines, Food and General Items across your area.
27/05/2026
�✨ عيد الاضحيٰ جون لک لک واڌايون ✨🌙
Voice of Sami طرفان
سڀني مسلمان ڀائرن ۽ پيارن دوستن کي دل جي گهرائين سان عيد الاضحيٰ مبارڪ 🌸
هي مبارڪ ڏينهن اسان لاءِ قرباني، محبت، ڀائيچاري ۽ الله پاڪ جي فرمانبرداري جو پيغام کڻي اچي ٿو.
الله تعاليٰ اسان سڀني جون قربانيون، عبادتون ۽ دعائون پنهنجي بارگاهه ۾ قبول فرمائي،
۽ اسان جي زندگين کي امن، خوشحالي، برڪتن ۽ سڪون سان ڀري ڇڏي. 🤲🐐
“اچو ته حضرت ابراهيم عليه السلام جي عظيم قرباني مان سبق وٺي، انسانيت، صبر ۽ وفاداريءَ کي پنهنجي زندگيءَ جو حصو بڻايون.”
🌙🐐 عيد مبارڪ 🐐🌙
— Voice of Sami
10/05/2026
وائيس آف سمي جي اڄوڪي اهم گڏجاڻي ڪاميابي سان منعقد ٿي، جنهن ۾ يو سي سمي جي مختلف مسئلن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. گڏجاڻي دوران تنظيم کي وڌيڪ مضبوط ۽ فعال بڻائڻ لاءِ اهم فيصلا پڻ ڪيا ويا.
وائيس آف سمي جي فائونڊر سجاد کوکر ۽ ڪو فائونڊر شفيق کوکر طرفان گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪندڙ سڀني ساٿين، نوجوانن ۽ معزز شخصيتن جا دل جي گهراين سان ٿورا مڃيا ويا، جن پنهنجي قيمتي وقت سان تنظيم جي حوصلا افزائي ڪئي.
گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته يو سي سمي جي هر ذات ۽ علائقي مان آرگنائيزر چونڊيا ويندا، جيڪي پنهنجي پنهنجي علائقن جا مسئلا وائيس آف سمي فورم ذريعي اجاگر ڪندا. انهن آرگنائيزرن جا حتمي نالا جلد ظاهر ڪيا ويندا.
ان سان گڏ ايندڙ احتجاجي ڪيمپ ۽ ريلي بابت پڻ حتمي فيصلو ڪيو ويو، جنهن جو اعلان جلد ڪيو ويندو.
گڏجاڻي ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته وائيس آف سمي کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ، منظم ڪرڻ ۽ مضبوط بڻائڻ لاءِ سڀئي ساٿي گڏجي جدوجهد جاري رکن.
پاران:
فائونڊر سجاد کوکر
ڪو فائونڊر شفيق کوکر
وائيس آف سمي
“If you can’t say wrong is wrong, then you are at the last stage of slavery”
“جيڪڏھن توھان غلط کي غلط نٿا چئي سگھو ته توھان غلامي جي آخري مرحلي ۾ آھيو”
Che Guevara
ايم اين اي، ايم پي اي، چيئرمين، وائيس چيئرمين، سيڪريٽري ھن حالت جو ذميوار ڪير آ؟ آھي ڪو خوف خدا جو توھان ۾؟ ڪاڏي ويا مھيني جا تيرھن لک جيڪي ھن عوام تي خرچ ٿيڻ گھرجن؟
نالين جو گندو پاڻي يوسي سمي ۾ ماڻھن جي گھرن ۾ داخل.
04/05/2026
Coming Soon with stronger than before.
Chairman UC Sami, Be Ready!✌️
ھي يوسي سمي جي حالت ان نا اھل يوسي چيئرمين طرفان آھي جنھن جي ڪري سمي جي عوام ان گندگي کي پنھنجي مدد پاڻ صاف ڪرڻ لڳي آھي پر يوسي سمي جي چيئرمين کي ڪو خدا جو خوف ناھي اھڙي حالت ڏسي.
ھي اصل حالت آ يوسي سمي جي. ڪوڙين خبرن ۽ دلال صحافين کي خريد ڪرڻ سان سچ ڪڏھن به نه لڪندو.
ھن حالت جو سبب سموري بجيٽ کي ڀتي خورن سميت ھڙپ ڪرڻ آھي.
وائيس آف سمي جي طرفان اهم اعلان
گذريل مسلسل چار سالن کان يوسي سمي ۾ ڪو به ترقياتي ڪم نه ٿيو آهي، جڏهن ته هر مهيني تيرهن لک روپين جو بجيٽ جاري ٿيندو رهيو آهي. افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته هي عوامي پئسا ترقي بدران چيئرمين سميت ڀتاخورن جي کيسي ۾ ويا آهن.
يوسي سمي جي هن خراب حالت جا ذميوار چيئرمين، وائس چيئرمين، سيڪريٽري ۽ ٻيا لاڳاپيل ڀتاخور آهن، جن عوام سان وڏي ناانصافي ڪئي آهي.
هاڻي وائيس آف سمي جي پليٽفارم تان هن ڪرپشن خلاف عوامي احتجاج ۽ تحريڪ جو باقاعده آغاز ڪيو ويو آهي، جيئن انهن کان حساب ورتو وڃي.
بدقسمتي سان، ڪجهه ڪوڙا، جعلي ۽ دلال صحافي هن سچي جدوجهد کي بدنام ڪرڻ لاءِ مختلف ڪوڙين خبرن ۽ پوسٽن ذريعي پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن. عوام جي وڌندڙ شعور ۽ خوف سبب، هاڻي يوسي چيئرمين صحافت کي به خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جنهن سان آزاد صحافت سخت خطري ۾ اچي وئي آهي.
هي مشن ڪڏهن به نه رڪبو، پر وڌيڪ طاقت سان اڳتي وڌندو. پوري يوسي سمي جي عوام کي اپيل آهي ته هو ايندڙ لائحه عمل تي ڌيان ڏين ۽ مڪمل تياري ڪن.
پاران:
فائونڊر وائيس آف سمي
01/05/2026
1 مئي — مزدورن جو عالمي ڏينهن
"وائس آف سمي" جي طرفان
سمي سميت سڄي دنيا جي سڀني محنتي مزدورن کي دل جي گهراين سان سلام پيش ڪيون ٿا.
توهان جي محنت، جدوجهد ۽ قربانيون ئي سماج جي ترقي جو بنياد آهن.
اڄ جو ڏينهن اوهان جي عزت، حقن ۽ همت کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي.
مزدور زنده باد!
16/03/2023
Women Unstitched Luxury Printed Lawn Suits
Click here to claim your Sponsored Listing.
Location
Category
Telephone
Website
Address
71000
