Sindh Taraqi Pasand Party, Karachi

Sindh Taraqi Pasand Party, Karachi

Share

Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Sindh Taraqi Pasand Party, Karachi, Political Party, Karachi.

11/06/2026




21/05/2026

سندھ ترقی پسند پارٹی کراچی ڈویزن کا ہنگامی اجلاس ڈویژنل صدر اعجاز سامٹیو کی صدارت میں ہوا

Photos from Sindh Taraqi Pasand Party, Karachi 's post 20/05/2026

20_5_2026
پريس پڌرائي
سنڌ ترقي پسند پارٽي ڪراچي ڊويزن جو هنگامي اجلاس ڊويزنل صدر اعجاز سامٽيو جي صدارت هيٺ گلشن حديد ۾ ٿي گذريو

ڊاڪٽر مظهر ميمڻ، خير محمد مگسي ،رشيد سڌايو، ولي ناريجو ۽ ضلعي ڪورنگي جي عهديدارن سعيد احمد لکڻ ۽ راجا حفيظ ڏيوڙو شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ ڪورنگي ضلعي جي تنظيمي معاملن ۽ ڪورنگي جي ڪارخانن مان سنڌي مزدورن جي جبري بيدخلي خلاف تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو .

ڪورنگي اي ايم ايپرل ڪمپني ۽ ٻين ڪارخانن مان جبري طور سنڌي مزدورن جي برطرفي خلاف ايس ٽي پي ضلعي ڪورنگي پاران 21 مئي تي رکيل احتجاج سنڌ ترقي پسند مزدور فيڊريشن ڪراچي ڊويزن جي تجويز تي ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو.

فيصلو ڪيو ويو ته ضلعي ڪورنگي جي ڪارخانن مان سنڌي مزدورن جي جبري بيدخلي خلاف سنڌ ترقي پسند مزدور فيڊريشن ڪراچي ڊويزن طرفان احتجاج جو اعلان عيد کانپوءِ ڪيو ويندو.

ولي ناريجو
پريس ترجمان
ايس ٽي پي ڪراچي

Photos from Sindh Taraqi Pasand Party, Karachi 's post 19/05/2026

پريس پڌرائي
سنڌ ترقي پسند پارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر اعجاز سامٽيو ،نائب صدر ڊاڪٽر مظهر ميمڻ ،جنرل سيڪريٽري خير محمد مگسي ۽ پريس ترجمان ولي ناريجو سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ جي ڀاءُ سعيد احمد ميمڻ جي خضدار روڊ تان اغوا ٿيڻ واري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته حڪومت کان گهر ڪيون ٿا ته سعيد ميمڻ کي فوري طور بازياب ڪرايو وڃي.

ولي ناريجو
پريس ترجمان
سنڌ ترقي پسند پارٽي ڪراچي

18/05/2026

#ڪراچي "پارٽي پڌرائي"
سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلع ڪورنگي جو اجلاس ولي راڄپر جي صدارت هيٺ ٿي گذريو.
اجلاس ۾ ضلعي عهديدارن ۽ سينئر ڪارڪنن قادر مگسي ،ستار ٻرڙو، نديم راڄپر ،گل حسن سهتو زيار سهتو ،تحسين سهتو ،ارشد سهتو ،رحيم راڄپر ،ڪامريڊ مبين سهتو شرڪت ڪئي
ضلع صدر ولي راڄپر ۽ ٻين ضلع عهديدارن جي سفارش ۽ ڪراچي ڊويزن جي صدر اعجاز سامٽيو جي مشوري سان
يونين ڪونسل چڪراڳوٺ لاء آرگنائيزنگ ڪميٽي مقرر ڪئي وئي آهي
چيف آرگنائيزر گل حسن سهتو،
آرگنائيزر زبير سهتو
ڊپٽي آرگنائيزر آفتاب چانڊيو
عطاالله سهتو،
تحسين سهتو حسن لنڊ ،
ارشد سهتو
رحيم راڄپر
ڪامريڊ مبين سهتو کي ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي

،، ولي ناريجو ،،
پريس ترجمان ايس ٽي پي
ڪراچي ڊويزن

12/05/2026
12/05/2026

،، پارٽي پڌرائي ،،
سنڌ ترقي پسند پارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر اعجاز سامٽيو جي منظوري سان ڪراچي ڊويزن لاءِ ڪوارڊينٽر ۽ ٽائونن لاءِ آرگنائيزر ۽ ميمبر مقرر ڪيا ويا آهن

ناري تحريڪ ڪراچي ڊويزن لاءِ سعيده گوپانگ ڪوارڊينٽر مقرر ڪيو ويو.
ترقي پسند فيڊريشن ڪراچي ڊويزن لاءِ رشيد سڌايو کي ڪوارڊينٽر مقرر ڪيو ويو.
ترقي پسند لائرز فورم ڪراچي ڊويزن لاءِ ايڊووڪيٽ بختاور چانڊيو کي ڪوارڊينٽر مقرر ڪيو ويو.

ابراهيم حيدري ٽائون لاءِ
آزاد گھلو آرگنائيزر،ايڊوڪيٽ جاويد دشتي ،وحيد ملاح اعجاز عارفاڻي ۽ بابل مگسي کي ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي

گڏاپ ٽائون لاءِ
آرگنائيزر قمر ڪلهوڙو
قادر سومرو ، شهباز ڏنو شر ،جاويد کوسو ۽ مولا بخش ميمڻ کي ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي

ولي ناريجو
پريس ترجمان
سنڌ ترقي پسند پارٽي ڪراچي

Photos from Sindh Taraqi Pasand Party, Karachi 's post 12/05/2026

11_5_2026
ڪراچي (پريس پڌرائي ):
سنڌ ترقي پسند پارٽي ڪراچي ڊويزن جو اجلاس پارٽي ڊويزنل صدر اعجاز سامٽيو جي صدارت هيٺ ٿي گذريو، جنهن ۾ ڊاڪٽر مظهر ميمڻ، خير محمد مگسي،رشيد سڌايو ، ۽ ولي ناريجو شرڪت ڪئي.
سينٽرل ڪميٽي جي ميمبر ادريس چانڊيو خصوصي طور شرڪت ڪئي
اجلاس ۾ تنظيمي، عالمي، ملڪي ۽ ڪراچي مجموعي صورتحال تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو ۽ ڪيترائي اهم سياسي ۽ تنظيمي فيصلا ڪيا ويا.

اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پارٽي کي وڌيڪ منظم، فعال ۽ ڪيڊر بيسڊ بڻائڻ وقت جي ضرورت آهي، جنهن لاءِ ڪراچيءَ جي باقي ضلعن ۽ يوسيز سطح تائين سموريون ٻاريون مڪمل ڪيون وينديون ۽ ڪراچي جي هر ڪنڊ ڪڙڇ تائين پارٽي جو پيغام پهچائڻ لاءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي وڌيڪ متحرڪ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اجلاس دوران ڪراچي جي ڪارخانن مان سنڌي مزدورن جي بيدخلي، منشيات فروشي جي خاتمي ۽ اسپتالن ۾ بنيادي صحت سهولتن جي فراهمي لاءِ جدوجهد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو

اجلاس ۾ ڪراچي ۾ ۾ پارٽي جي تربيتي ورڪشاپس ڪرائڻ، رهيل ضلعن ۽ ٽائونن ۾ تنظيم سازي جو فيصلو ڪيو ويو.
ناري تحريڪ ڪراچي ڊويزن لاءِ سعيده گوپانگ ڪوارڊينٽر مقرر ڪيو ويو.
ترقي پسند فيڊريشن ڪراچي ڊويزن لاءِ رشيد سڌايو کي ڪوارڊينٽر مقرر ڪيو ويو.
ترقي پسند لائرز فورم ڪراچي ڊويزن لاءِ ايڊووڪيٽ بختاور چانڊيو کي ڪوارڊينٽر مقرر ڪيو ويو.
ابراهيم حيدري ٽائون لاءِ
آزاد گھلو آرگنائيزر،ايڊوڪيٽ جاويد دشتي ميمبر،وحيد ملاح اعجاز عارفاڻي ميمبر ،بابل مگسي ميمبر
گڏاپ ٽائون لاءِ
آرگنائيزر قمر ڪلهوڙو
قادر سومرو ، شهباز ڏنو شر ،جاويد کوسو ۽ مولا بخش ميمڻ ميمبر طور مقرر ڪيو ويو

اجلاس ۾ اڳواڻن ان عزم جو اظهار ڪيو ته سنڌ ترقي پسند پارٽي ڪراچي سنڌ جي حقن، وسيلن ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکندي.

ولي ناريجو
پريس ترجمان
سنڌ ترقي پسند پارٽي ڪراچي

Want your business to be the top-listed Government Service in Karachi?

Click here to claim your Sponsored Listing.

Location

Category

Website

Address

Karachi