Jeay Sindh Mahaz

Jeay Sindh Mahaz

Share

A political Party who is working for Sovereign, Autonomous and Prosperous Sindh.

30/09/2024
01/09/2024

نئون ڪتاب ڇپجي ويو
سچ ۽ ڪوڙ ؛حقيقت۽ بھتان بازي ،عقل دليل ۽ عقيدي پرستي وچم فرق کي سمجھڻ ۽ سمجھائڻ لاءِ قومي ڪارڪنن کي سنڌ پروگريسو پبلشر ڪراچيءَ پاران ڇپيل ھي ڪتاب پڙھڻ گھرجي.

26/10/2023

فلسطين جي صورتحال سنڌ جي مستقبل لاء ڪھڙو سبق ۽ ڪھڙو گس ٿي ٻڌائي ؟
(سنجيده گفتگو وقت جي تقاضا آھي)
عبدالخالق جوڻيجو

25/10/2023

جيئي سنڌ محاذ جي چئرمين عبدالخالق جوڻيجو پاران دائود يونيورسٽي جي وي سي جي سنڌي شاگردن ۽ ملازمن سان تعصباڻي رويي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ شاگردن جي پنهنجن حقن لا۽ جدوجهد جي مڪمل حمايت ڪئي.

Photos from Jeay Sindh Mahaz's post 22/10/2023

جيئي سنڌ محاذ پاران قمبر ۾ ڌاري آبادڪاري خلاف شيل پمپ کان پريس ڪلب قمبر تائين مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ ھاشم کوسو، اياز ھڪڙو، نور سولنگي، نجم خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي.
جنھن ۾ شھر جي نوجوانن، شاگردن، سوين ڪارڪنن شرڪت ڪئي.
صدارتي خطاب ڪندي ڪامريڊ ھاشم کوسي چيو ته جڏهن کان ھي ملڪ ٺھيو آھي تہ سنڌ مستقل طور مصيبتن جو شڪار رھي آھي. انھن مان مصيبتن جي ماءُ ڌاري آبادڪاري آھي. جيڪا سنڌ جي وجود لاءِ خطرو آهي. وقت جا حڪمران پير مير جاگيردار ڪرسي خاطر ، مختلف ترقياتي منصوبن جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن تي والار ۽ ڌاريا آباد ڪري رھيا آھن.
ھن پنھنجي خطاب م وڌيڪ چيو ته ڌاري آبادڪاري ۽ زمين تي والار ڪيتري خطرناڪ آهي ان جي خبر ڪير فلسطينن کان پڇي، جيڪي اڄ ڌرتي کي بچائڻ لاءِ رت جو نذرانو ڏئي رھيا آھن.
ھن سنڌي قوم کي اپيل ڪندي چيو ته سنڌي ماڻھو پنھنجي ڌرتي، وجود، شناخت بچائڻ لاءِ ۽ ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ، جدوجھد ڪن ۽ جيئي سنڌ محاذ جو ساٿ ڏين.
ريلي کي جيئي سنڌ محاذ جي اطلاعات سيڪريٽري اياز ھڪڙو، فنانس سيڪريٽري نور سولنگي، قمبر ضلعي جي صدر نجم خاصخيلي، قمبر يوٿ فورم اڳواڻ ڪامريڊ اياز ٻرڙو، بيريسٽر ٽيم اڳواڻ قادر چانڊيو، شاگرد اڳواڻ مريد سنڌي، ممتاز لاکير، فضل حيدري، قمر سنڌي، صالح لاشاري، اقرب سنڌي، لال سنڌي ۽ ٻين خطاب ڪيو.

10/10/2023

جيئي سنڌ محاذ جو چيئرمن عبدالخالق جوڻيجو فلسطين جي موجوده صورتحال تي تجزيو ڪندي.

26/09/2023

قومي تحريڪ عالمي تناظر ۾
عبدالخالق جوڻيجو (چئرمين جيئي سنڌ محاذ)

Want your business to be the top-listed Government Service in Karachi?

Click here to claim your Sponsored Listing.

Location

Category

Address

Sindh Center Sachal Goth
Karachi
75000