22/05/2026
سنڌو ديش مقدر آ
سائين جي ايم سيد رھبر آ
بھتر تعليم بھتر سياست
پريس پڌرائي: ٢٢ مئي ٢٠٢٦
جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ضلعو دائود محمد علي جناح يونيورسٽي جي انتظاميا ۽ وائيس چانسلر جي ظالماڻي، غير منصفاڻي ۽ شاگرد دشمن عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿي، جنهن تحت يونيورسٽي اندر ٻن شاگردن جي وچ ۾ ٿيل تڪرار کي سمجهداري ۽ انصاف سان حل ڪرڻ بدران بنا ڪنهن شفاف انڪوائري جي چئن شاگردن کي رسٽيڪيٽ ڪري سندن مستقبل سان ظلم ڪيو ويو آهي. بنا انڪوائري، بغير ڪنھن ثبوت جي شاگردن کي رسٽيڪيٽ ڪرڻ سراسر ظلم ۽ آمريت آهي. جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ضلعو دائود مطالبو ڪري ٿي ته فوري طور تي رسٽيڪيشن وارو فيصلو واپس ورتو وڃي، غيرجانبدار جاچ ڪميٽي قائم ڪئي وڃي ۽ سنڌي شاگردن خلاف ٿيندڙ امتيازي سلوڪ بند ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ شاگرد تنظيمون پنھنجي احتجاج جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪنديون ۽ هر فورم تي هن ظلم خلاف آواز بلند ڪيو ويندو.
ان موقعي تي جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ضلعو دائود جي جنرل سيڪريٽري سمير سولنگي پنھنجو موقف رکندي چيو ته سنڌ جي نوجوانن کي ڪمزور سمجهڻ واريون قوتون ياد رکن، اسان جا خواب، اسان جي تعليم ۽ اسان جي عزت ڪنهن جي ذاتي جاگير ناهي. جيڪڏهن سنڌي شاگردن کي بار بار نشانو بڻايو ويندو، سندن مستقبل تباھ ڪيو ويندو ۽ بنا جاچ جي کين يونيورسٽين مان ڪڍيو ويندو، ته پوء خاموشي ختم ٿيندي ۽ مزاحمت جنم وٺندي.
پاران: جساف ضلعو دائود ڪابينا ٢٢ فال
01/05/2026
سنڌو ديش مقدر آ
سائين جي ايم سيد رھبر آ
بھتر تعليم بھتر سياست
پريس پڌرائي: ١ مئي ٢٠٢٦
قائداعظم يونيورسٽي ۾ وائيس چانسلر پاران سنڌي شاگرد کان اجرڪ لاهرائڻ ۽ سندس تذليل ڪرڻ وارو عمل انتهائي ڪاوڙ ڏياريندڙ، شرمناڪ، تعصب ڀريو ۽ ناقابلِ قبول آهي. اجرڪ رڳو ڪپڙي جو ٽڪرو ناهي، پر سنڌ جي هزارين سالن جي تهذيب، قومي سڃاڻپ، عزت، وقار ۽ غيرت جي علامت آهي. اجرڪ جي بي حرمتي دراصل سنڌي قوم جي احساسن، تاريخ ۽ ثقافتي وجود تي سڌو حملو آهي، جنهن تي خاموش رهڻ پنهنجي سڃاڻپ سان ناانصافي برابر آهي. تعليمي ادارا شعور، برابري، عزت ۽ ثقافتي احترام جا مرڪز هجڻ گهرجن، پر جيڪڏهن انهن ادارن ۾ ويٺل اختيار ڌڻي شاگردن کي سندن قوميت ۽ ثقافتي سڃاڻپ سبب ذليل ڪن ٿا ته اهو عمل کليل تعصب ۽ اختياري بدماشي کان گهٽ ناهي.
جساف دائود اهڙي ڪردار ۽ عمل جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪري ٿي ۽ واضح ڪري ٿي ته سنڌي شاگردن جي عزت نفس، اجرڪ ۽ سنڌ جي ثقافتي سڃاڻپ تي ڪنهن به قسم جو حملو هرگز برداشت نه ڪيو ويندو
جساف دائود واضح ڪري ٿي ته اسان قائداعظم يونيورسٽي جي سنڌي شاگردن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا ۽ سندن عزت، حقن ۽ ثقافتي سڃاڻپ جي تحفظ لاءِ هر فورم تي ساڻن گڏ بيٺا آهيون. جيڪڏهن هن واقعي تي فوري نوٽيس نه ورتو ويو ۽ ذميوارن خلاف عملي قدم نه کنيو ويو ته شاگردن جي ڪاوڙ ۽ احتجاج جي مڪمل ذميواري يونيورسٽي انتظاميا تي هوندي. سنڌ جي اجرڪ، ثقافت ۽ شاگردن جي عزت نفس تي حملو ڪنهن به صورت برداشت نه ڪيو ويندو.
پاران: جساف ضلعو دائود ڪابينا ٢٢ فال
19/04/2026
سنڌو ديش مقدر آ
سائين جي ايم سيد رھبر آ
بھتر تعليم بھتر سياست
پريس پڌرائي: ١٩ اپريل ٢٠٢٦
سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ پيش آيل تازي المناڪ واقعي، جنھن ۾ شاگردياڻي ڊاڪٽر فھميده لغاري سان مبينا طور تي هراسان ڪرڻ جا الزام سامهون آيا ۽ بعد ۾ سندس زندگي ضايع ٿيڻ جي خبر ملي، سماج لاء انتهائي ڏکوئيندڙ ۽ فڪر جوڳي صورتحال آهي.
ڪراچي جي شاگرد تنظيمن طرفان ان واقعي خلاف گذريل ڏينھن احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو. ان موقعي تي جساف ضلعو دائود جي صدر سيد امان شاھ پنھنجو موقف ڏيندي چيو ته ڊاڪٽر فهيمده لغاري جي قتل ۾ ملوث ڪردارن کي سخت کان سخت سزا ڏئي ڦاسي تي لٽڪايو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته جساف هر ڏکئي گهڙي ۾ ڊاڪٽر فھميده لغاري جي فيملي سان گڏ بيٺي رهندي ۽ وک وک تي ساٿ ڏيڻ جو وچن ڪري ٿي.
پاران: جساف ضلعو دائود ڪابينا ٢٢ فال
07/04/2026
سنڌو ديش مقدر آ
سائين جي ايم سيد رھبر آ
بھتر تعليم بھتر سياست
پريس پڌرائي: ٧ اپريل ٢٠٢٦
جان جان ھئي جيئري ورچي نه ويٺي
وڃي ڀون پيٺي ساريندي کي سڄڻي.“ (شاھؒ)
7 اپريل جنھن رات سنڌ هڪ عظيم ۽ بھادر اڳواڻ کان محروم ٿي وئي. شھيد بشير خان قريشي پنھنجي سڄي زندگي سنڌ جي حقن، سڃاڻپ ۽ سائين جي ايم سيد جي ڏنل فڪر سنڌوديش جي آزادي لاء جدوجھد ڪئي.
سندس وڇوڙو صرف هڪ شخص جي جدائي نه پر هڪ اهڙي آواز جي خاموشي هئي، جيڪا سنڌ جي آزادي لاء بي خوف ٿي ڳالھائيندي هئي. اڄ به سندس خدمتون ۽ جدوجھد سنڌ جي تاريخ جو اهم حصو آهن، ۽ سندس کي تيستائين ياد ڪيو ويندو جيستائين سنڌ جو وجود آھي.
پاران: جساف ضلعو دائود ڪابينا ٢٢ فال
21/03/2026
سنڌو ديش مقدر آ
سائين جي ايم سيد رھبر آ
بھتر تعليم بھتر سياست
پريس پڌرائي: ٢١ مارچ ٢٠٢٦
جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ـ جساف ضلعو دائود پاران سنڌ سميت سڄي دنيا جي مسلمانن کي عيدالفطر جون کوڙ ساريون واڌايون پيش ڪجن ٿيون.
عيدالفطر اسان کي صبر، برداشت، هم آهنگي ۽ ڀائيچاري جو درس ڏئي ٿي. هي مقدس ڏينهن اسان کي اهو پيغام ڏئي ٿو ته اسان هڪ ٻئي سان محبت، عزت ۽ اتحاد سان پيش اچون ۽ سماج ۾ امن ۽ يڪجهتي کي هٿي وٺرائيندا رهون.
پاران: جساف ضلعو دائود ڪابينا ٢٢ فال
21/02/2026
سنڌو ديش مقدر آ
سائين جي ايم سيد رھبر آ
بھتر تعليم بھتر سياست
پريس پڌرائي: ٢١ فيبروري ٢٠٢٦
وٺي ھر ھر جنم وربو
مٺا مھراڻ ۾ ملبو
تازو ئي ڊاڪٽر انعام سيال جي لاڏاڻي جي المناڪ خبر سموري سنڌ دوست ساٿين خاص ڪري قومي تحريڪ سان لاڳاپيل ساٿين کي گهري ڏک ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. سندس وڇوڙو نه رڳو سندس خاندان لاء نقصان آهي پر قومپرست سياست لاء پڻ هڪ وڏو خال پيدا ڪري ويو آهي. ڊاڪٽر انعام سيال جي خدمتن کي هميشه قدر جي نگاه سان ياد رکيو ويندو.
ان سلسلي ۾ تعزيتن جو سلسلو جاري آهي. اڄ جساف ضلعو دائود جي صدر امان شاھ وڇڙي ويل جسقم ڪراچي ڊي او ڊاڪٽر انعام سيال جي لواحقين سان ملاقات ڪري سندن ڏک ۾ شريڪ ٿيا ۽ دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي جساف ڪراچي ڊي او مبشر جاگيراڻي پڻ موجود هئا.
پاران: جساف ضلعو دائود ڪابينا ٢٢ فال
19/02/2026
سنڌو ديش مقدر آ
سائين جي ايم سيد رھبر آ
بھتر تعليم بھتر سياست
مار پوئي موت، آئين اڻ مندائتو
گھايئي اهڙا گھوٽ، مند نہ جن جي مرڻ جي
پريس پڌرائي: ١٩ فيبروري ٢٠٢٦
جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ـ جساف ضلعو دائود جي مرڪزي ونگ جسقم ڪراچي جي ڊي او شھيد بشير خان قريشي جي ويجھي ساٿي ڊاڪٽر انعام سيال جو رات اوچتو وڇوڙو ٿي ويو آھي. سندس وڇوڙي سان قومي تحريڪ کي وڏو نقصان پھتو آھي، خاص ڪري ڪراچي ۾ سنڌين جي مالڪي ۽ وارثي ڪرڻ جي ڳالھ ڪجي ته، ڊاڪٽر انعام سيال ھڪ بھادر قومي ڪارڪن ھئو ۽ سنڌي قوم جي حقن لاء سدائين اڳڀرو رھيو.
جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ـ جساف ضلعو دائود سندس اوچتي وڇوڙي تي گھري ڏک جو اظھار ڪري ٿي ۽ ڊاڪٽر جي وارثن سان ڏک جي ھن گھڙي ۾ برابر جي شريڪ آھي.
پاران: جساف ضلعو دائود ڪابينا ٢٢ فال
31/01/2026
سنڌو ديش مقدر آ
سائين جي ايم سيد رھبر آ
بھتر تعليم بھتر سياست
پريس پڌرائي: ٣١ جنوري ٢٠٢٦
جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ـ جساف ضلعو دائود پاران ڊويزنل آرگنائيزر جسقم ڪراچي محترم انعام سيال، ڊويزنل آرگنائيزر جساف ڪراچي مبشر جاگيراڻي، صدر جساف ملير جي ايم سيال، ۽ ٻين جساف اڳواڻن نانو ميراڻي، لطف علي، ۽ منير کوسو جن جي مان ۾ هڪ ننڍڙو پروگرام رکيو ويو، جنهن ۾ اهم ملاقات ڪئي وئي. ملاقات دوران صدر جساف دائود ورسٽي سيد امان شاھ موجوده صورتحال، شاگردن کي درپيش تعليمي ۽ انتظامي مسئلن تي تفصيلي ۽ سنجيده ڳالھ ٻولھ ڪئي. شرڪت ڪندڙن شاگردن جي حقن، تعليم جي معيار ۽ تنظيم جي مستقبل جي حڪمت عملي بابت پنهنجا خيالات پيش ڪيا، جنهن سان تنظيم جي جدوجھد کي وڌيڪ منظم، مضبوط ۽ اثرائتي بڻائڻ لاءِ رستو واضح ٿيو.
مرڪز طرفان پڻ واضح ۽ پڪو عزم ظاهر ڪيو ويو ته جساف دائود سان گڏ هر محاذ تي بيھي جدوجھد جاري رکندو، شاگردن جي حقن جي حفاظت ڪندو ۽ ڪنهن به صورت ۾ شاگردن جي حقن تي سمجھوتو نه ڪيو ويندو. اهو پڻ ظاھر ڪيو ويو ته جساف تعليمي شعبي ۾ بھتري ۽ شاگردن جي حوصلا افزائي لاء هر ممڪن قدم کڻندي. هن ملاقات نه صرف موجوده مسئلن تي روشني وڌي پر تنظيم لاء نئين حوصلي، نئين جدوجهد جو سبب پڻ بڻي، جنهن سان يونيورسٽي ۾ جساف جي سياسي ۽ تنظيمي ڪردار کي وڌيڪ طاقت ۽ اثر حاصل ٿيئي.
پاران: جساف ضلعو دائود ڪابينا ٢٢ فال
17/01/2026
سنڌو ديش مقدر آ
سائين جي ايم سيد رھبر آ
بھتر تعليم بھتر سياست
ڪَؤنر پاڙُون پاتارَ ۾، ڀَؤنرُ ڀِري ۾ سُڃَ؛
ٻِنِين سَندِي ڳالھڙِي، عِشق اِيُّ اُهڃَ؛
توءِ نه لَهينِ اُڃَ، جي پِيو پِيَنِ پاڻَ ۾.
"شاھ"
پريس پڌرائي: ١٧ جنوري ٢٠٢٦
جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ـ جساف ضلعو دائود پاران اڄ عظيم قومي اڳواڻ، مفڪر ۽ آزادي جي علمبردار سائين جي ايم سيد جي جنم ڏينهن جي موقعي تي جساف ضلعو دائود سندس فڪري جدوجهد، قومي شعور ۽ آزادي واري فلسفي کي سلام پيش ڪري ٿي.
بغير فڪر جي سياست غلامي کي جنم ڏئي ٿي سائين جي ايم سيد جي نظربندي نه ڪنهن ڪرپشن، نه ذاتي مفادن، ۽ نه ڪنهن ڏوھ جي نتيجي ۾ هئي اها نظربندي اھو قيد سنڌ جي بقا، آزادي ۽ قومي حقن جي جدوجهد جي سزا هئي. سائين قيد ۾ به خاموش نه رهيو، پر قلم، فڪر ۽ شعور جي ذريعي پنهنجي قوم لاءِ جدوجهد جاري رکي. هن ثابت ڪيو ته قومي اڳواڻ رياست جي جابرانه سلوڪ ۾ به شڪست ناهن کائيندا، ڇوته هو پنهنجي قوم جي ضمير ۾ زنده رهندا آهن.
پاران: جساف ضلعو دائود ڪابينا ٢٢ فال