Awami Workers Party-Sindh

Awami Workers Party-Sindh The Awami Workers Party is secular,democratic and a leftist Political party representing the working class and working people of Pakistan.

with the aim to establish a socialist society.

ٻارڙن جو تربيتي ڪلاس باقر نظاماڻيءَ ۾ آڪٽوبر انقلاب جي سالگرھ جي حوالي سان منعقد ٿيو.جنھن ۾ ٻارن ۽ نوجوانن جي ڀرپور شرڪت...
20/10/2026

ٻارڙن جو تربيتي ڪلاس
باقر نظاماڻيءَ ۾ آڪٽوبر انقلاب جي سالگرھ جي حوالي سان منعقد ٿيو.
جنھن ۾ ٻارن ۽ نوجوانن جي ڀرپور شرڪت رھي.

شھدادپور: ساٿي ٻارڙا سنگت، ڳوٺ باقر نظاماڻي ۽ عوامي ورڪرز پارٽي يونٽ شھدادپور جي سهڪار سان 19 آڪٽوبر 2026ع تي آڪٽوبر انقلاب جي سالگرهه جي حوالي سان هڪ فڪري ۽ سياسي پروگرام منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ ٻارن، نوجوانن ۽ سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن شرڪت ڪئي.
پروگرام ۾ روس ۾ برپا ٿيل آڪٽوبر جي سوشلسٽ انقلاب، ان جي تاريخي پسمنظر، مقصدن ۽ عالمي سياست تي ان جي اثرن بابت تفصيلي ڳالهايو ويو.
پروگرام جا مقرر ۽ شرڪت ڪندڙ:
مشتاق نظاماڻي — مرڪزي ڪميٽي جو ميمبر، عوامي ورڪرز پارٽي
نظر حسين مهيسر — سيڪريٽري، عوامي ورڪرز پارٽي يونٽ شھدادپور
ڪامريڊ حڪم چانڊيو — اڳواڻ، سنڌ هاري ڪاميٽي
عبدالله چانڊيو — سنڌي ادبي سنگت، شهدادپور
منتشا نظاماڻي — صدر، ساٿي ٻارڙا سنگت
عبدالحئي سومرو
علي نواز قاضي نظاماڻي — صدر، عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ
مقررن آڪٽوبر انقلاب جي تاريخي حالتن، ان جي بنيادي نظرين ۽ پورهيت عوام جي جدوجهد ۾ ان جي اهميت تي روشني وڌي. هنن ٻارن ۽ نوجوانن ۾ سياسي شعور، مطالعي، سوال ڪرڻ ۽ گڏيل فڪري گفتگو جي روايت کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.
پروگرام جي پڄاڻيءَ تي ٻارن ۽ نوجوانن مختلف سوال ڪيا، جن جا مقررن تفصيلي جواب ڏنا. سوالن ۽ جوابن واري نشست دوران ٻارن ۽ نوجوانن سياسي، تاريخي ۽ سماجي موضوعن ۾ پنهنجي دلچسپي ۽ تجسس جو اظهار ڪيو.
شرڪت ڪندڙن ٻارن سان سياسي گفتگو ۽ فڪري مڪالمي جي هن سلسلي کي ساراهيو ۽ نوجوانن جي شرڪت کي مستقبل لاءِ هڪ مثبت ۽ حوصلا افزا عمل قرار ڏنو. ان موقعي تي ان ڳالهه تي پڻ زور ڏنو ويو ته ٻارن ۽ نوجوانن سان اهڙا فڪري، سياسي ۽ سماجي پروگرام وقت بوقت منعقد ٿيڻ گهرجن.

عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي اڳواڻن جون قنبر ۽ لالو رائنڪ ۾ سياسي، ادبي ۽ تنظيمي سرگرميونعوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي ڊپٽي جنرل ...
19/10/2026

عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي اڳواڻن جون قنبر ۽ لالو رائنڪ ۾ سياسي، ادبي ۽ تنظيمي سرگرميون

عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ مٺل مغيري ۽ يوٿ سيڪريٽري ڪامريڊ گلزار چنا آچر ڏينهن قنبر ۽ لالو رائنڪ ۾ مختلف سياسي، ادبي ۽ تنظيمي سرگرمين ۾ حصو ورتو.

پارٽي اڳواڻن قنبر پريس ڪلب آڏو آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جي احتجاج ۾ شرڪت ڪئي، جنهن کان پوءِ پارٽي اڳواڻ جاويد ميمڻ سان ملاقات ڪئي ۽ سنڌي ادبي سنگت قنبر شاخ جي دستوري گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪئي. بعد ۾ لالو رائنڪ ۾ بٺا مزدور يونين جي ذميوارن سان گڏجاڻي ڪئي، جڏهن ته پارٽي اڳواڻ ڪامريڊ يونس ڪنڀر جي لاڏاڻي تي سندس وارثن سان تعزيت پڻ ڪئي.

انهن سرگرمين جو مقصد ايندڙ جمعي ڏينهن لالو رائنڪ ۾ سارين جا مناسب اگهه مقرر ڪرائڻ لاءِ ٿيندڙ احتجاجي ريلي ۽ آچر ڏينهن وڳڻ شهر ۾ آڪٽوبر انقلاب جي سالگرهه جي مناسبت سان رٿيل ليڪچر پروگرام جون دعوتون ڏيڻ ۽ سياسي، سماجي توڙي مزدور تنظيمن سان رابطن کي مضبوط ڪرڻ هو.

کراچی: عوامی ورکرز پارٹی کراچی کی جانب سے "اکتوبر انقلاب اور سماجی تبدیلی کی سیاست" کے عنوان سے ایک فکر انگیز سیمنار کا ...
18/10/2026

کراچی: عوامی ورکرز پارٹی کراچی کی جانب سے "اکتوبر انقلاب اور سماجی تبدیلی کی سیاست" کے عنوان سے ایک فکر انگیز سیمنار کا انعقاد کیا گیا۔

سیمنار میں ممتاز قانون دان سربراہ عوامی ورکرز پارٹی کامریڈ اختر حسین ایڈووکیٹ، معروف دانشور ڈاکٹر توصیف احمد، ڈاکٹر جبار خٹک، ڈاکٹر ناظر محمود، سھیل سانگی، کامریڈ شفیع شیخ سمیت دیگر مقررین نے خطاب کیا۔

مقررین نے کہا کہ اکتوبر انقلاب نے دنیا بھر کی محنت کش تحریکوں اور سماجی انصاف کی جدوجہد پر گہرے اثرات مرتب کیے۔ آج بھی سرمایہ دارانہ نظام کے بحران، طبقاتی تفریق اور وسائل کی غیر منصفانہ تقسیم کے خاتمے کے لیے اکتوبر انقلاب سے سبق حاصل کرنے کی ضرورت ہے۔

انہوں نے کہا کہ پاکستان میں حقیقی سماجی تبدیلی کے لیے مزدوروں، کسانوں، طلبہ اور عام عوام کو منظم ہونا ہوگا۔

سیمنار میں سیاسی کارکنان، طلبہ، صحافیوں اور خواتین کی نے شرکت کی۔

18/10/2026

"اکتوبر انقلاب اور سماجی تبدیلی کی سیاست" کے عنوان سے عوامی ورکرز پارٹی کراچی نے ایک سیمنار کا اہتمام کیا ، جس میں سربراہ عوامی ورکرز پارٹی کامریڈ اختر حسین ایڈووکیٹ اپنے خیالات کا اظہار کر رہے ہیں ۔

عوامي ورڪرز پارٽي ضلعي سانگهڙ جي ورڪنگ ڪاميٽي جي ميٽنگ زير صدارت عبدالقيوم لانڊر جي ٿي گذري. ميٽنگ جي ڪاروائي ضلعي جنرل ...
17/10/2026

عوامي ورڪرز پارٽي ضلعي سانگهڙ جي ورڪنگ ڪاميٽي جي ميٽنگ زير صدارت عبدالقيوم لانڊر جي ٿي گذري. ميٽنگ جي ڪاروائي ضلعي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ خليل بلوچ ھلائي.
گذريل ڪاروائي پڙهي وئي.
ايجنڊا نمبر (1) آڪٽوبر انقلاب جي سالگره 28 آڪٽوبر بروز اربع تي شام جو 4 بجي ملھائي ويندي. جنھن جي لاء ڪاميٽي ۾ (1) عبدالقيوم لانڊر (2) ڪامريڊ محبوب (3) ايڊووڪيٽ خليل بلوچ (4) مير حسن مري چونڊيا ويا.
ايجنڊا نمبر(2)
تازو وڇڙيل ساٿي لالا غلام قادر سريوال جي تعزيتي پروگرام رکيو ويندو جنھن جي لاء امڪاني تاريخ 7 نومبر رکي وئي. پروگرام ڳوٺ گل حسن سريوال ۾ رکيو ويندو. تعزيتي ريفرنس ۾ سانگھڙ جھول جي ادبي سياسي سماجي دوستن کي دعوت ڏني ويندي. تعزيتي ريفرنس جي ذميوار ڪميٽي ۾ پروفيسر ميرحسن سريوال، ايڊووڪيٽ سبطين قادر سريوال، راجن مڱريو شامل ھوندا.
ايجنڊا نمبر (3) ميرحسن مري ۽ خليل بلوچ ملتان جي ذاتي دوري دئوران ڪيل سياسي ڪم جي رپورٽ ڪئي. جنهن ۾ اتي مرڪزي ھاري سيڪريٽري وٽ پنجاب ۽ سرائڪي وسيب جي مختلف ضلعن مان آيل ھاري ورڪرن جي ٿيندڙ ميٽنگ بابت رپورٽ ڏني.
ايجنڊا نمبر (4) اسٽڊي سرڪل
ڪامريڊ عظيم رونجھي احمد خان نديم جي ڪتاب ( ڈیئر کامریڈ) تي لکيل تبصرو پڙھيو . دوستن ان تبصري کي ڀرپور ساراهيو.
شرڪت ڪندڙ ساٿي
(1) عبدالقيوم لانڊر ضلعي صدر
(2) ايڊوڪيٽ خليل بلوچ ضلعي سيڪريٽري
(3) علي نواز قاضي نظاماڻي صوبائي صدر
(4) محمد ھاشم سولنگي
(5) مير حسن مري
(6) پروفيسر مير حسن سريوال
(7) ڪامريِڊ محبوب
(8) ڊاڪٽر رام
(9)وحيد بگٽي
(10) عظيم رونجهو

خیبر پختونخوا میں ایمرجنسی اور گورنر راج کا نفاذ جمہوری مینڈیٹ پر حملہ ہے، سیاسی بحران کا حل طاقت اور گرفتاری نہیں .. اخ...
11/10/2026

خیبر پختونخوا میں ایمرجنسی اور گورنر راج کا نفاذ جمہوری مینڈیٹ پر حملہ ہے، سیاسی بحران کا حل طاقت اور گرفتاری نہیں .. اختر حسین ایڈووکیٹ
اسلام آباد: عوامی ورکرز پارٹی کے مرکزی صدر کامریڈ اختر حسین ایڈووکیٹ نے خیبر پختونخوا میں ایمرجنسی اور گورنر راج کے نفاذ، صوبائی حکومت کے اختیارات سلب کرنے اور وزیراعلیٰ سمیت سیاسی رہنماؤں کی گرفتاری کی شدید الفاظ میں مذمت کرتے ہوئے اسے ملک کے وفاقی، جمہوری اور پارلیمانی نظام کے لیے انتہائی خطرناک اقدام قرار دیا ہے۔
اپنے بیان میں اختر حسین ایڈووکیٹ نے کہا کہ خیبر پختونخوا کے عوام نے اپنے ووٹ کے ذریعے جس سیاسی جماعت اور صوبائی حکومت کو مینڈیٹ دیا ہے، اسے انتظامی یا ریاستی طاقت کے ذریعے ختم کرنا عوام کے حقِ حکمرانی اور جمہوری اصولوں کی کھلی توہین ہے۔ سیاسی اختلافات، حکومتی ناکامیوں یا امن و امان کے مسائل کا حل آئین، پارلیمان اور جمہوری اداروں کے اندر تلاش کیا جانا چاہیے، نہ کہ ایمرجنسی، گورنر راج، گرفتاریوں اور ریاستی طاقت کے ذریعے۔
انہوں نے کہا کہ امن و امان کی خراب صورتِ حال کسی بھی حکومت کے لیے ایک سنجیدہ چیلنج ضرور ہے، لیکن دہشت گردی یا بدامنی کو سیاسی مخالفین کے خلاف غیر جمہوری اقدامات کا جواز نہیں بنایا جا سکتا۔ اگر کسی صوبائی حکومت کے خلاف آئینی یا قانونی شکایات موجود ہیں تو ان کا فیصلہ آئینی طریقۂ کار، صوبائی اسمبلی اور عدالتوں کے ذریعے ہونا چاہیے۔
اختر حسین ایڈووکیٹ نے کہا کہ پاکستان کی تاریخ اس امر کی گواہ ہے کہ وفاقی حکومتوں کی جانب سے صوبائی حکومتوں کو برطرف کرنے، گورنر راج نافذ کرنے اور سیاسی قیادت کو گرفتار کرنے کی روش نے ملک میں جمہوری اداروں کو مضبوط کرنے کے بجائے سیاسی عدم استحکام، صوبائی محرومی اور وفاقی اکائیوں کے درمیان بداعتمادی کو مزید گہرا کیا ہے۔
انہوں نے خبردار کیا کہ خیبر پختونخوا میں منتخب حکومت کے اختیارات سلب کرنے کا اقدام صرف ایک صوبے کا مسئلہ نہیں بلکہ پورے وفاقی جمہوری نظام کا مسئلہ ہے۔ اگر آج ایک صوبے کے عوام کے انتخابی مینڈیٹ کو طاقت کے ذریعے بے اثر کیا جاتا ہے تو کل یہی طریقہ کسی بھی دوسری وفاقی اکائی کے خلاف استعمال کیا جا سکتا ہے۔
عوامی ورکرز پارٹی کے صدر نے کہا کہ پاکستان کا وفاق کسی ایک مرکز کی مرضی سے نہیں بلکہ مختلف قوموں، صوبوں اور محکوم طبقات کے جمہوری رضاکارانہ اتحاد سے قائم رہ سکتا ہے۔ خیبر پختونخوا کے عوام کو اپنے سیاسی مستقبل کا فیصلہ کرنے کا حق حاصل ہے اور اس حق کو کسی بھی صورت میں انتظامی احکامات یا ریاستی جبر کے ذریعے سلب نہیں کیا جا سکتا۔
انہوں نے وزیراعلیٰ خیبر پختونخوا اور دیگر سیاسی رہنماؤں کی گرفتاریوں کے حوالے سے کہا کہ سیاسی اختلاف کو جرم بنانا جمہوریت کے بنیادی تصور کی نفی ہے۔ اگر کسی فرد کے خلاف کوئی قابلِ دست اندازیِ قانون الزام موجود ہے تو اسے شفاف قانونی کارروائی اور عدالت کے سامنے پیش کیا جائے، جبکہ سیاسی سرگرمیوں اور اختلافِ رائے کو ریاستی طاقت سے کچلنے کا سلسلہ فوری طور پر بند کیا جائے۔
اختر حسین ایڈووکیٹ نے کہا کہ عوامی ورکرز پارٹی دہشت گردی، انتہا پسندی اور ہر قسم کے سیاسی تشدد کے خلاف ہے، لیکن ریاستی جبر اور غیر جمہوری اقدامات کے ذریعے امن قائم نہیں کیا جا سکتا۔ پائیدار امن صرف سیاسی، معاشی اور سماجی انصاف، صوبائی خودمختاری، بنیادی حقوق کے تحفظ اور عوام کی حقیقی جمہوری شرکت کے ذریعے ہی ممکن ہے۔
انہوں نے کہا کہ خیبر پختونخوا کے عوام طویل عرصے سے دہشت گردی، فوجی آپریشنز، جبری گمشدگیوں، معاشی محرومی اور سیاسی عدم استحکام کا بوجھ اٹھا رہے ہیں۔ ایسے حالات میں عوام کو مزید سیاسی انتشار اور ریاستی محاذ آرائی میں دھکیلنے کے بجائے امن، انصاف اور جمہوری حقوق کی ضمانت فراہم کرنے کی ضرورت ہے۔
عوامی ورکرز پارٹی نے وفاقی حکومت سے مطالبہ کیا کہ خیبر پختونخوا میں ایمرجنسی اور گورنر راج کے نفاذ پر فوری نظرثانی کی جائے، منتخب صوبائی حکومت اور اسمبلی کے آئینی اختیارات بحال کیے جائیں، گرفتار سیاسی رہنماؤں کو قانون کے مطابق فوری طور پر عدالتوں کے سامنے پیش کیا جائے اور تمام سیاسی قوتوں کے درمیان مذاکرات کے ذریعے بحران کا جمہوری حل تلاش کیا جائے۔
اختر حسین ایڈووکیٹ نے ملک کی تمام جمہوری، ترقی پسند، قوم پرست اور بائیں بازو کی قوتوں سے اپیل کی کہ وہ آئین کی بالادستی، پارلیمانی جمہوریت، صوبائی خودمختاری، بنیادی انسانی حقوق اور عوام کے انتخابی مینڈیٹ کے دفاع کے لیے متحد ہوں۔
انہوں نے واضح کیا کہ عوامی ورکرز پارٹی کسی بھی صوبے کے عوام کے جمہوری مینڈیٹ پر حملے کو قبول نہیں کرے گی اور جمہوری و وفاقی حقوق کے تحفظ کے لیے سیاسی اور آئینی جدوجہد جاری رکھے گی۔

جاری کنندہ

شعبہ نشر و اشاعت
عوامی ورکرز پارٹی

Imposition of Emergency and Governor’s Rule in Khyber Pakhtunkhwa Is an Attack on the Democratic Mandate; Political Crises Cannot Be Resolved Through Force and Arrests... Akhtar Hussain Advocate

Islamabad: Comrade Akhtar Hussain Advocate, Central President of the Awami Workers Party, has strongly condemned the imposition of emergency and Governor’s Rule in Khyber Pakhtunkhwa, the stripping of powers from the provincial government, and the arrest of the Chief Minister and other political leaders. He described these actions as extremely dangerous for Pakistan’s federal, democratic and parliamentary system.

In his statement, Akhtar Hussain Advocate said that the people of Khyber Pakhtunkhwa had given their mandate through their votes to a particular political party and provincial government. Removing that government through administrative measures or state power is an open violation of the people's right to self-governance and a direct affront to democratic principles. Political differences, government failures and law-and-order challenges must be addressed within the framework of the Constitution, Parliament and democratic institutions, rather than through emergency measures, Governor’s Rule, arrests and the use of state power.

He said that the deteriorating law-and-order situation is undoubtedly a serious challenge for any government. However, terrorism or unrest cannot be used to justify undemocratic actions against political opponents. If there are constitutional or legal complaints against a provincial government, they must be addressed through constitutional procedures, the provincial assembly and the courts.

Akhtar Hussain Advocate said that Pakistan’s history bears witness to the fact that the dismissal of provincial governments, imposition of Governor’s Rule and arrests of political leaders by federal governments have weakened democratic institutions rather than strengthened them. Such practices have further deepened political instability, a sense of deprivation among provinces and mistrust between the federating units.

He warned that stripping the elected government in Khyber Pakhtunkhwa of its powers is not merely an issue concerning one province; it is a challenge to the entire federal democratic system. If the electoral mandate of the people of one province is overridden through force today, the same approach could be used against any other federating unit tomorrow.

The Awami Workers Party president said that Pakistan’s federation can survive only through the voluntary and democratic unity of its diverse nationalities, provinces and oppressed classes, rather than through the will of a single central authority. The people of Khyber Pakhtunkhwa have the right to determine their political future, and this right cannot be taken away through administrative orders or state coercion under any circumstances.

Commenting on the arrests of the Khyber Pakhtunkhwa Chief Minister and other political leaders, he said that treating political dissent as a crime negates the fundamental principles of democracy. If there are legally actionable allegations against any individual, they must be dealt with through transparent legal proceedings, and the accused must be presented before a court. Meanwhile, the practice of suppressing political activities and freedom of expression through state power must end immediately.

Akhtar Hussain Advocate said that the Awami Workers Party stands against terrorism, extremism and all forms of political violence. However, peace cannot be established through state repression and undemocratic measures. Lasting peace is possible only through political, economic and social justice, provincial autonomy, protection of fundamental rights and genuine democratic participation by the people.

He said that the people of Khyber Pakhtunkhwa have long endured the burden of terrorism, military operations, enforced disappearances, economic deprivation and political instability. Under such circumstances, instead of pushing the people further into political turmoil and confrontation with the state, the authorities must guarantee peace, justice and democratic rights.

The Awami Workers Party has demanded that the federal government immediately review the imposition of emergency and Governor’s Rule in Khyber Pakhtunkhwa, restore the constitutional powers of the elected provincial government and assembly, promptly produce the arrested political leaders before the courts in accordance with the law, and seek a democratic resolution to the crisis through dialogue among all political forces.

Akhtar Hussain Advocate appealed to all democratic, progressive, nationalist and left-wing forces in the country to unite in defence of the supremacy of the Constitution, parliamentary democracy, provincial autonomy, fundamental human rights and the electoral mandate of the people.

He made it clear that the Awami Workers Party would not accept any attack on the democratic mandate of the people of any province and would continue its political and constitutional struggle to protect democratic and federal rights.

Issued by:
Publicity and Publications Department
Awami Workers Party

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي 125هين جنم ڏينهن جي موقعي تي عوامي ورڪرز پارٽي لعلورائنڪ پاران پروقار تقريبهاري جدوجهد جي عظي...
11/10/2026

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي 125هين جنم ڏينهن جي موقعي تي عوامي ورڪرز پارٽي لعلورائنڪ پاران پروقار تقريب

هاري جدوجهد جي عظيم علامت، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ کي انقلابي ڀيٽا!

عوامي ورڪرز پارٽي لعلورائنڪ پاران سنڌ جي عظيم هاري اڳواڻ، انقلابي ڪردار ۽ پورهيت طبقي جي حقن لاءِ پنهنجي زندگي ارپيندڙ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي 125هين جنم ڏينهن جي موقعي تي هڪ پروقار تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ پارٽي اڳواڻن ۽ ڪامريڊ ساٿين شرڪت ڪري کيس ڀيٽا پيش ڪئي ۽ سندس انقلابي جدوجهد کي ياد ڪيو.

تقريب کي خطاب ڪندي عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي ڊپٽي سيڪريٽري ڪامريڊ مٺل بلوچ، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي زندگي ۽ سياسي جدوجهد تي مختصر نوٽ پڙهيو ۽ سندس فڪري ورثي، طبقاتي شعور ۽ هارين جي حقن لاءِ ڪيل تاريخي جدوجهد تي روشني وڌي.

عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي تعليم ۽ تربيت سيڪريٽري ڪامريڊ ساحل گدا حسين پنهنجي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي انقلابي جدوجهد، هارپ قانون ۾ سڌارن، بٽئيءَ جي منصفاڻي نظام ۽ هارين جي معاشي حقن لاءِ ڪيل تاريخي جدوجهد تي تفصيل سان روشني وڌي. هن ٻڌايو ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي هزارين هارين کي منظم ڪري سنڌ اسيمبليءَ تائين تاريخي احتجاجي جدوجهد ڪئي ۽ اڌو اڌ بٽئيءَ جي حق لاءِ آواز بلند ڪيو. هاري ايڪشن ڪميٽيءَ جي پليٽفارم تان جدوجهد ڪندي هن هارين کي سندن جائز حق ڏيارڻ لاءِ ڊپٽي ڪليڪٽريءَ جهڙي اهم سرڪاري عهدي تان به دستبردار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو. سندس زندگي ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته حقيقي انقلابي قيادت ذاتي مفادن بدران عوامي حقن ۽ طبقاتي آزاديءَ کي اوليت ڏيندي آهي.

ان موقعي تي عوامي ورڪرز پارٽي قمبر شهدادڪوٽ جي سينيئر نائب صدر ڪامريڊ محمد خان پاران ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي سياسي جدوجهد، بهادري ۽ هارين سان بيهڻ واري ڪردار کي ساراهيندي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي انقلابي ورثي ۽ هاري دوست جدوجهد جي اهميت تي پنهنجا ويچار ونڊيا.

تقريب دوران ڪامريڊ ڪرشنا چند، ڪامريڊ سڪندر بلوچ، ڪامريڊ فضل بلوچ ۽ ٻين ساٿين پڻ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي زندگي، سياسي جدوجهد ۽ هارين جي حقن لاءِ سندس بي مثال ڪردار تي مختصر خيالن جو اظهار ڪيو.

تقريب جي پڄاڻيءَ تي سڀني ڪامريڊ ساٿين گڏجي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي 125هين جنم ڏينهن جو ڪيڪ ڪاٽيو ۽ انقلابي نعرن سان کيس ڀيٽا پيش ڪئي.

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي جدوجهد اڄ به هارين، مزدورن ۽ مظلوم طبقن لاءِ مشعلِ راهه آهي. سندس فڪر ۽ جدوجهد اسان کي سيکاري ٿي ته حق خيرات ۾ نه، پر منظم سياسي جدوجهد وسيلي حاصل ڪيا ويندا آهن.

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جو رستو ... اسان جو رستو!

هاري مزدور اتحاد زنده باد!

عوامي جدوجهد زنده باد!

انقلاب زنده باد!

نصيرآباد: سماج ۾ نوجوانن جي ڪردار بابت عوامي ورڪرز پارٽي ضلعي قنبر شهدادڪوٽ صدر گلزار چنا جي فڪري ۽ علمي ڪچهري منعقد ڪئي...
10/10/2026

نصيرآباد: سماج ۾ نوجوانن جي ڪردار بابت عوامي ورڪرز پارٽي ضلعي قنبر شهدادڪوٽ صدر گلزار چنا جي فڪري ۽ علمي ڪچهري منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ نوجوانن، شاگردن شرڪت ڪئي.

ڪچهري ۾ ڪامريڊ گلزار چنا ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته نوجوان ڪنهن به سماج جو قيمتي سرمايو آهن. نوجوانن کي معياري تعليم، سياسي ۽ سماجي شعور توڙي روزگار جا مناسب موقعا فراهم ڪري سماج ۾ مثبت ۽ بنيادي تبديلي آڻي سگهجي ٿي.

هن چيو ته اڄ جي دور ۾ نوجوانن کي سوشل ميڊيا کي علم، شعور ۽ سماجي سجاڳيءَ لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي، جڏهن ته منشيات ۽ ٻين سماجي براين کان پاڻ کي پري رکندي سماج جي تعمير ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

ڪچهري ۾ شريڪ نوجوانن ۽ شاگردن پڻ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو ۽ اهڙين فڪري ڪچهرين کي نوجوانن ۾ شعور، بحث ۽ مثبت سوچ پيدا ڪرڻ لاءِ وقت جي اهم ضرورت قرار ڏنو.

ڪچهري جي پڄاڻيءَ تي نوجوانن جي فڪري، تعليمي واڌاري لاءِ گڏجي جدوجهد ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو.

سلام ساٿيو!سنڌ جي عظيم هاري اڳواڻ، انقلابي فڪر جي علمبردار ۽ هارين جي حقن لاءِ تاريخي جدوجهد ڪندڙ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيء...
09/10/2026

سلام ساٿيو!
سنڌ جي عظيم هاري اڳواڻ، انقلابي فڪر جي علمبردار ۽ هارين جي حقن لاءِ تاريخي جدوجهد ڪندڙ

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي 125هين جنم ڏينهن جي موقعي تي عوامي ورڪرز پارٽي لعلورائنڪ پاران هڪ تقريب منعقد ڪئي پئي وڃي.

هن تقريب ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي زندگيءَ، سياسي جدوجهد، انقلابي فڪر ۽ هارين جي حقن لاءِ ڪيل تاريخي جدوجهد تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي. تقريب جي پڄاڻيءَ تي ڪامريڊ جي جنم ڏينهن جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويندو.

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي جدوجهد اسان کي هارين جي حقن، سماجي انصاف، برابري ۽ استحصال کان پاڪ سماج جي اڏاوت لاءِ جدوجهد ڪرڻ جو پيغام ڏئي ٿي.

اچو ته گڏجي هن عظيم انقلابي اڳواڻ کي ڀيٽا پيش ڪريون، سندس فڪر ۽ جدوجهد کي ياد ڪريون ۽ سندس ڏنل پيغام کي اڳتي وڌايون.

اوهان سڀني سياسي، سماجي، ادبي ۽ شعور وند دوستن کي هن تقريب ۾ ڀرپور شرڪت جي دعوت ڏجي ٿي.

📍 **جڳهه:** مهراڻ پبلڪ لائبريري، لعلورائنڪ

🕒 **وقت: 11 آڪٽوبر 2026، منجهند جو 3:00 وڳي.

پورھيتن جي عظيم اڳواڻ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ کي سندس 125ھين سالگره جي موقعي تي سرخ سلام پيش ڪجي ٿو.
09/10/2026

پورھيتن جي عظيم اڳواڻ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ کي سندس 125ھين سالگره جي موقعي تي سرخ سلام پيش ڪجي ٿو.


Address

Pano Rama Centre Karachi
Karachi

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Awami Workers Party-Sindh posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share