30/10/2026
' !
ٻن غريب نياڻين لاء
اَلْحَمْدُلِلّه
جوائننگ ھينڊز ميرپوربٺورو پاران غريب نياڻين جي شادي ۾ مدد # 33 ۽ 34 ۾ ملاح برادري جي ھڪ گھرن ۾ ڪم ڪندڙ غريب پورھيت بيواھ ماء جي نياڻي ۽ زئور برادري جي ھڪ ريزڪي دڪان تي ڪم ڪندڙ غريب مزور جي نياڻي جي شادي لاء گھربل ضروري سامان 101720اکرين ھڪ لک ھڪ ھزار ست سئو ويھ روپين جي مدد سان ٻه الماريون 6X4 فوٽ ماپ جون , ٻه عدد لوھي پيتيون وڏيون 5X3X3 فوٽ ماپ جون , اٺ عدد وڳا ڪپڙن جا ڀرت ڀريل ۽ ٿانون ۾ ڊنر سيٽ, ديڳڙيون سيٽ اسٽيل, ھاٽ پاٽ ۽ ڪولر سيٽ, واٽر سيٽ , باٿ سيٽ , اکري مولڙو سيٽ, ويلڻ پاٽلو سيٽ , تغاري , ٿالا , چئونري اسٽيل , پلاسٽڪ چٽائي , ڪاٺ جي منجھي وغيره وغيره اڄ ميرپوربٺورو شھر جي بازار مان مختلف دڪانن تان خريد ڪري ورتا آھن .
جوائننگ ھينڊز ميرپوربٺورو ٻن غريب نياڻين جي شادي لاء گھربل سامان جوائننگ ھينڊز زڪوات 2026 جي مليل رقم مان خريد ڪيو ويو آھي جڏھن ته ھڪ نوجوان الله جي ٻانھي پاران ڏنل مددي رقم 2000 اکرين ٻه ھزارروپيا پڻ ان ۾ خرچ ڪيا ويا آھن ! جزاك اللّه خيرًا
غريبن جو خدمتگار ادارو
جوائننگ ھينڊز
ميرپوربٺورو