23/03/2026
پي آر ايس ايف ضلعي نواب شاھ جي دستوري گڏجاڻي 23.03.2026 تي ڪامريڊ علي مھر جي گھر ٿي گذري. گڏجاڻي جا ھيٺيا ايجنڊا ھيا.
1.تنظيمي سياسي صورتحال(رپورٽون)
2. مستقبل جو لائحہ عمل
3. منشور ۽ دستور تي رايا
ميڊيا سيل
پروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن ضلعو نوابشاھ
09/12/2025
پي آر ايس ايف نواب شاھ طرفان 6 ڊسمبر تي نواب شاھ ۾ منعقد لاھوتي ميلو ۾ "ڪامريڊ ڪانڀو خان ڪتابي اسٽال" لڳايو ويو. اسٽال تي ويھڻ جي ذميواري آرگنائزر حسن مھر ۽ سبو يونورسٽي جي ساٿي فھيم پلي نڀائي. ڪتابي اسٽال نوجوانن ۽ شاگردن سميت وڏي عمر جي ماڻھن پڻ وزٽ ڪيو، ۽ ڪتابن جي خريداري ڪئي.
03/10/2025
دعوت نامو
سرخ سلام ساٿيو!
عوامي ورڪررز پارٽي ۽ پي آر ايس ايف سڪرنڊ پاران عظيم انقلابي ساٿين جي جدوجهد ۽ سياسي زندگي کي خراجِ عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ ليڪچر پروگرام منعقد ڪيو ويو آھي جنھن ۾ اوھان کي شرڪت جي دعوت ڏجي ٿي.
موضوع ۽ مقرر:
"ڪامريڊ يوسف مستي خان جي زندگي ۽ سياست" مقرر: ڪامريڊ فيض ڪيريو (هاري سيڪريٽري عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ)
"ڪامريڊ ڪانڀو خان جي زندگي، جدوجهد ۽ تنظيمي تعارف"
مقرر: ڪامريڊ ارسلان چانڊيو ( نائب صدر پي آر ايس ايف سنڌ)
تاريخ: آچر، 5 آڪٽوبر 2025
وقت: شام 5:00 وڳي
هنڌ: سڪرنڊ زيرو پوائنٽ پارڪ
اچو! گڏجي پنهنجن ڪامريڊن جي قربانين ۽ جدوجهد کي ياد ڪريون، انهن جي ورثي مان سکون، ۽ امن، انصاف ۽ برابريءَ لاءِ پنهنجي اجتماعي وابستگي کي وڌيڪ مضبوط بڻايون۔
پاران: عوامي ورڪرز پارٽي ۽ پي آر ايس ايف سڪرنڊ
12/09/2025
پريس ريليز 12/10/2025
شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي دولتپور ويندڙ پوائنٽ بس جو بريڪ فيل ٿيڻ سبب شاگرد ۽ شاگردياڻيون زخمي. ورسٽي انتظاميہ جي لاپرواھي عروج تي. پي آر ايس ايف نواب شاھ طرفان سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي.
____________________
شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي ڪيترن ئي سالن کان انتظامي ڌڙن جي پاڻ ۾ ڇڪتاڻ ۽ ناڪاره حڪمت عملين سبب شديد اندروني ڀڃ ڊاھ جو شڪار آھي، جنهن جا نتيجا روزانو شاگردن کي ڀوڳڻا پون ٿا.
يونيورسٽي ۾ ٽرانسپورٽ جي سهولت عملي طور تي موجود ئي ڪونھي. پوائنٽ بسن جي شديد کوٽ آھي ۽ جيڪي موجود آھن سي به کٽارا ۽ ناقابل استعمال آھن. جن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي جانورن وانگر ويهاريو وڃي ٿو. ان ڪري هر وقت ڪنهن وڏي حادثي جو خطرو موجود رھي ٿو.
اڄوڪي ڏينھن ان لاپرواھيءَ جو عملي مثال سامھون آيو، جڏھن دولتپور ويندڙ پوائنٽ بس جو بريڪ فيل ٿي وڃڻ سبب ڪيترائي شاگرد ۽ شاگردياڻيون زخمي ٿي پيا. انتظاميہ جي بي حسيءَ ۽ غفلت جو انتھائي افسوسناڪ منظر اھو به ڏسڻ ۾ آيو جو زخمين لاءِ ايمبولنس به مهيا نہ ڪئي وئي. زخمين کي سندن ساٿي شاگردن پنھنجي مدد پاڻ تحت اسپتال پھچايو.
ورسٽي اندر جڏهن شاگرد پنهنجي جائز حقن ۽ مسئلن بابت آواز اٿارين ٿا ته انتظاميہ بجاءِ حل مهيا ڪرڻ جي، کين ڌمڪائي ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ الجھائي دٻائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. تازو ئي ڪيترن ئي شاگردن تي بي بنياد ايف آءِ آرون داخل ڪيون ويون آھن، جيڪو تعليمي ادارن جي وقار ۽ شاگردن جي آزاديءَ لاءِ انتهائي نقصانڪار عمل آھي.
ان سان گڏوگڏ فورسز کي کلي ڇوٽ ڏني وئي آھي تہ اداري اندر شاگردن سان بدسلوڪي ڪري ۽ کين ھر وقت دٻائي ڌماڪي رکي.
پروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن (PrSF) نوابشاھ هن سڄي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي مطالبو ڪري ٿي ته:
شاگردن کي دٻائڻ ۽ هيسائڻ جو سلسلو فوري طور بند ڪيو وڃي.
فورسز جي اداري اندر مداخلت بند ڪئي وڃي.
ٽرانسپورٽ سسٽم ۾ فوري سڌارا آڻي شاگردن لاءِ محفوظ ۽ مناسب پوائنٽ بسون مهيا ڪيون وڃن.
يونيورسٽي ۾ تدريس ۽ تعليم لاءِ سازگار ۽ بهتر ماحول پيدا ڪيو وڃي ته جيئن غريب ۽ وسيلن کان محروم طبقي جا ٻار به بنا خوف ۽ رنڊڪ جي تعليم حاصل ڪري سگهن.
جيڪڏهن مطالبن تي عمل نه ٿيو ته يونيورسٽي انتظاميہ خلاف پي آر يس ايف طرفان سخت احتجاجي مهم هلائي ويندي.
ميڊيا سيل:
پروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن ضلعو نوابشاھ
27/08/2025
سرخ سلام ساٿيو،
جيئي سنڌ، جيئي شاگرد جدوجھد
پروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن سنڌ پنھنجي پھرين ڏينھن کان وٺي ڪري نه صرف شاگرد سوال تي جاکوڙيندي رھي آھي پر ان سان گڏوگڏ مظلوم طبقن، قومن ۽ پرتن جي سوال کي به پنھنجي جدوجھد جو حصو بڻايو آھي.
ھڪ پاسي گذريل ڪيترن ئي سالن کان شاگرد يونين تي پابندي مڙھيل آھي ۽ تعليمي سرشتي کي مسلسل نجڪاري جي طرف ڌڪيو پيو وڃي. تعليمي ادارن ۾ سھولتون اڻلڀ ٿي چڪيون آھن. بورڊ ۾ مارڪن، يونيورسٽين ۾ سيٽن ۽ سرڪاري نوڪرين جي وڪري وارو ڪڌو عمل جاري آھي. تعليمي ادارن تي فورسز جا قبضا آھن. شاگردن کي ھراسان ڪرڻ، ڌمڪائڻ، شوڪاز ۽ مٿن ڪيس داخل ٿيڻ ڄڻ ته روز جو معمول آھي.
ٻي پاسي رياست جا تضاد ڏينھون ڏينھن ويتر تيز ٿيندا ٿا وڃن. سرمائيداراڻي نام نهاد ترقيءَ فقط بک، اوگھڙ ۽ بي دخلي ئي ڏني آھي ۽ بيٺڪيت پڄاڻان ھيءَ رياست مظلوم طبقن ۽ قومن جي پاڻي، زمين ۽ وسيلن کي ڦرڻ کان وسان نه ٿي گھٽائي. ترقي پسند عوامي آوازن کي ڪيسن، جبري گمشدگين سميت ھر ھيلي سان دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي وڃي پر ھن سڄي ظلم، جبر ۽ ڏاڍ جي باوجود ملڪ جي ھر ڪنڊ مان سگهاريون عوامي تحريڪون اڀري رھيون آھن. جنھن ۾ نوجوان پڻ اڳيان اڳيان آھن.
اھڙي ۾ پروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن سنڌ پنھنجي ٽئين قومي ڪانگريس 30، 31 آگسٽ تي حيدرآباد ۾ ڪري رھي آھي. جنھن جي اوپن سيشن ۾ اوھان شاگردن، نوجوانن، پورھيتن، ھارين، نارين، استادن، وڪيلن ۽ ترقي پسند، وطن دوست سياسي ڌرين کي شامل ٿيڻ جي نينڍ ڏجي ٿي.
ھيءَ اسان جي فقط تنظيمي سرگرمي نه ھوندي پر مٿي واضع ڪيل صورتحال ۾ جاري جبر ۽ ظلم خلاف شاگردن ۽ نوجوانن کي منظم ڪرڻ ۽ مستقبل جي جدوجھد جي لاءِ ھڪ وچن ۽ عزم ھوندو.
وقت ۽ تاريخ: 31 آگسٽ، آچر ڏھاڙي صبح جو 10 وڳي
ھنڌ: پريس ڪلب حيدرآباد
پروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن، سنڌ
27/08/2025
Red Salute, Comrades!
Long Live Sindh! Long Live the Students’ Struggle!
Since its foundation, the Progressive Students' Federation Sindh (PrSF Sindh) has waged an uncompromising struggle—not only on the student question, but also as an organic part of the broader movement of the oppressed classes, nations, and strata of society.
For decades, Students' union remain banned. Education is being commodified and dragged into the clutches of privatization. Facilities in schools and universities are almost nonexistent. The shameful trade of marks in boards, seats in universities, and jobs in government continues. Our educational institutions are occupied by state forces. Harassment, intimidation, show-cause notices, and fabricated cases against students have become the daily routine of this oppressive system.
At the same time, the contradictions of the state are sharpening. The so-called capitalist “development” has produced nothing but hunger, poverty, unemployment, and displacement. This neo-colonial state has looted the water, land, and resources of the oppressed peoples. Every attempt is made to silence progressive voices—through abductions, false cases, and coercion. Yet despite these chains of tyranny, new movements of resistance are rising across the country, with the youth standing at the forefront.
It is in this context that the Progressive Students Federation Sindh convenes its Third National Congress on 30–31 August in Hyderabad. For the Open Session, we extend our invitation to students, youth, workers, peasants, women, teachers, lawyers, intellectuals, and all progressive and patriotic forces to join us.
This Congress will not be a routine organizational activity. It will be a pledge of struggle and a vow of resistance—to organize students and youth against repression and to chart the path for the struggle of the future.
Date & Time: Sunday, 31st August, 10:00 AM
Venue: Press Club, Hyderabad
Progressive Students Federation, Sindh
27/08/2025
شاگرد يونين. بحال ڪري، تعليمي ادارن ۾ چونڊون ڪرايون وڃن!
Revive Students Union Immediately! Hold democratic elections in all educational institutions.
”پي آر ايس ايف سنڌ جي ٽئين قومي ڪانگريس“
31 آگسٽ، آچر ڏھاڙي صبح 10 وڳي
پريس ڪلب ھال، حيدرآباد