Jeay Sindh Student's Federation SBBU Nawabshah JSSF JSQM

Jeay Sindh Student's Federation SBBU Nawabshah JSSF JSQM

Share

Better Education Better Politics

08/05/2026

جساف شهيد بشير خان مرڪزي صدر عبدالحنان عباسي جساف نوابشاه ڊويزن طرفان تعليمي ادارن ۾ حراسمينٽ خلاف ۽ حراسمينٽ سبب خودڪشي ڪندڙ شاگردياڻين سان انصاف لاءِ نڪرندڙ احتجاجي مارچ ۾ خطاب ڪندي.

06/05/2026

جيئي شاگرد سياست
جيئي شاگرد جدوجهد

دنيا جي تعليمي ادارن تي نظر وجهنداسين ته اسان کي اهو معلوم ٿيندو ته اتي شاگردن توڙي شاگردياڻين جي نه صرف تعليمي، پر فڪري تربيت پڻ ڪئي ويندي آهي. ان سان گڏ اتي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي مڪمل تحفظ پڻ فراهم ڪيو ويندو آهي.
پاڪستان جنهن جي وجود ۾ اچڻ شرط ئي سنڌ جو استحصال مختلف وقتن ۽ مختلف طريقن سان ڪيو ويو آهي، اهو چاھي مذهبي انتهاپسندي هجي، ڪارونجهر جي ڪٽائي هجي، وسيلن تي قبضو هجي يا وري انهن ماڻهن جي صورت ۾ هجي جيڪي رياستي پگهار تي رکيل هجڻ باوجود شاگردن ۽ شاگردياڻين کي سهولتون ڏيڻ بجاءِ کين حراسان ڪن ٿا.

تازو ئي محمدي ميڊيڪل ڪاليج ميرپورخاص جي شاگردياڻي ڊاڪٽر فهميده لغاري جيڪا انهيءَ فرسوده نظام هيٺ هڪ اهڙي پروفيسر جو شڪار ٿي جيڪو پاڻ رياستي پگهار تي ڀرتي ٿيل هو، آخرڪار شاگردياڻي خودڪشي ڪري پنهنجي زندگيءَ جو ڏيئو اجھائي ڇڏيو.
ٻئي پاسي تازو ئي مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ايم فل جي شاگردياڻي سوڀ خاصخيلي ڪيترائي ڏينھن اڳ شڪايت ڪئي ته هڪ استاد ڪاشف ابڙو کيس حراسان ڪندو رهيو آهي، شڪايت ڏيڻ باوجود يونيورسٽي انتظاميه ۽ استاد برادري ان استاد کي بچائڻ لاءِ سرگرم آهن ۽ حراسمينٽ ڪاميٽي جاچ ڪرڻ کان ئي جواب ڏئي ڇڏيو آهي.

انهن ئي فرسوده سوچ رکندڙ سماج ۾ رهندڙ وحشي درندن کي سزا ڏيارڻ ۽ سمورن شاگردن ۽ شاگردياڻين کي انصاف ڏيارڻ لاءِ قوم پرست شاگرد اتحاد طرفان شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوابشاهه ۾ (بلاڪ) ٽو کان (بلاڪ) ون تائين "اينٽي هراسمنٽ ريلي" ڪڍي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو.
ان موقعي تي قوم پرست شاگرد اتحاد جي شاگردن وچن ڪيو ته اسان جي تعليمي ادارن ۾ ڪا به شاگردياڻي پاڻ کي اڪيلو نه سمجهي ۽ قوم پرست شاگرد سياست جا هٿ مضبوط ڪيا وڃن.

"اينٽي حراسمينٽ ريلي" ۾ مختلف ڊپارٽمينٽس جي شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

قوم پرست شاگرد اتحاد شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي (نوابشاهه)

05/05/2026

جيئي شاگرد سياست
جيئي شاگرد جدوجهد

شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوابشاه جي قوم پرست شاگرد اتحاد طرفان شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوابشاه ۾ "اينٽي حراسمينٽ ريلي" جو اعلان ڪجي ٿو.

ڪافي عرصي کان سنڌ جي تعليمي ادارن اندر شاگردياڻين ۽ شاگردن کي مختلف طريقن سان حراسمينٽ ڪري خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي،
حراسمينٽ سبب خودڪشي ڪندڙ ڊاڪٽر فهميده لغاري، آصف نور بليدي سميت سمورن شاگردياڻين ۽ شاگردن جي خُون سان انصاف ڪيو وڃي.
تازو ئي مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ هڪ استاد ڪاشف ابڙو طرفان حراسمينٽ جو شڪار شاگردياڻي سوڀ خاصخيلي سان انصاف ڪيو وڃي.
اھڙي شاگرد دشمن ۽ تعليم دشمن واقعن خلاف شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي قوم پرست شاگرد اتحاد طرفان "اينٽي حراسمينٽ" ريلي ڪڍي احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهيا آهيون.
اسين سُبو يونيورسٽي جي شاگردن توڙي شاگردياڻين سميت سمورن مڪتب فڪر جي دوستن کي اپيل ٿا ڪريون ته "اينٽي حراسمينٽ ريلي" ۾ وڌ کان وڌ شرڪت ڪن.

تاريخ: 6 مئي 2026ع
ڏينهن : اربع
ٽائيم: 10 بجي صبح
جڳھ: بلاڪ 2 کان بلاڪ 01 تائين

قوم پرست شاگرد اتحاد
شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوابشاهه

04/05/2026

جساف (شھيد بشير خان) 😘❤

03/05/2026

جساف (شھيد بشير خان) ڊويزن نوابشاھ طرفان نڪتل نوابشاھ ۾ احتجاجي شاگرد مارچ جو ڏيک

سنڌ جي تعليمي ادارن اندر ھراسمينٽ کي فل فور روڪيو وڃي ❤✌

Photos from Jeay Sindh Student's Federation SBBU Nawabshah JSSF JSQM's post 02/05/2026

پريس رليز
تاريخ: 02 مئي 2026

پڌرائي: جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جساف)، سبو يونيورسٽي، نوابشاهه

جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جساف شھيد بشير خان) ضلعو سبو يونيورسٽي پاران سنڌ جي قومي تحريڪ جي روح روان، نامياري دانشور سائين عبدالواحد آريسر ۽ فڪري رهنما استاد خاڪي جويو جي ورسيءَ جي مناسبت سان پروگرام منعقد ڪيو ويو. هن تقريب ۾ جساف جي ڪارڪنن سميت يونيورسٽي جي شعور رکندڙ شاگردن شرڪت ڪئي.

پروگرام ۾ جساف ڊي او نوابشاھ ياسر شر خصوصي طور شرڪت ڪئي ۽ ٻنهي رهنمائن جي سنڌ لاءِ ڪيل خدمتن تي روشني وڌي.

مقررن خطاب ڪندي چيو ته سائين عبدالواحد آريسر ۽ استاد خاڪي جويو سنڌ جي سياسي ۽ علمي شعور جا اهڙا مينار آهن، جن پنهنجي سڄي زندگي سنڌ جي حقن ۽ نوجوانن جي فڪري تربيت لاءِ وقف ڪري ڇڏي.

تقريب ۾ موجود دوستن پاران آريسر صاحب جي بي باڪ قلمي پورهئي سياسي جدوجهد ۽ استاد خاڪي جويو جي علمي جدوجهد تي جامع روشني وڌي

جساف پاران اهو عزم دهرائيو ويو ته سائين جي ايم سيد جي ڏنل فلسفي ۽ انهن دانشورن جي فڪري پيغام کي تعليمي ادارن جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچايو ويندو.

پروگرام ۾ مختلف تنظيمن جي دوستن پڻ شرڪت ڪئي

جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جساف شھيد بشير خان)
ضلعو سبو يونيورسٽي، نوابشاهه

Photos from Jeay Sindh Student's Federation SBBU Nawabshah JSSF JSQM's post 02/05/2026

ھلو ھلو 3 مئي صبع 10 بجي
نوابشاھ ھلو
نئي ناڪي کان پريس ڪلب نوابشاھ تائين

احتجاجي شاگرد مارچ

30/04/2026

ھلو ھلو 3 مئي صبع 10 بجي
نوابشاھ ھلو
نئي ناڪي کان پريس ڪلب نوابشاھ تائين

احتجاجي شاگرد مارچ

Photos from Jeay Sindh Student's Federation SBBU Nawabshah JSSF JSQM's post 29/04/2026

سنڌو ديش مقدر آ سائين جي ايم سيد رھبر آ

ھلو ھلو نوابشاھ ھلو
3 مئي آچر جي ڏينهن
صبع 10 وڳي

نئي ناڪي کان پريس ڪلب نوابشاھ تائين

جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جساف شهيد بشير خان) طرفان سنڌ جي تعليمي ادارن ۽ آفيسن ۾ وڌندڙ حراسمينٽ جي واقعن کي روڪڻ ۽ حراسمينٽ سبب ڊاڪٽر فهميده لغاري، آصف بليدي سميت خودڪشي ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ ۽ سنڌ اندر ڪارو ڪاري سبب ٿيندڙ واقعن کي روڪڻ ۽ ان جو شڪار ٿيندڙ خالده چانڊيو، شمائلہ چانڊيو جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ 3 مئي آچر جي ڏينھن نوابشاه ۾ جساف شھيد بشير خان ڊويزن نوابشاھ طرفان احتجاجي مارچ جو اعلان ڪيو ويو آھي
هن احتجاجي مارچ ۾ اوھان کي شريڪ جي دعوت ڏيجي ٿي ۽ ساٿ ڏيڻ جي پڻ گذارش ڪجي ٿي .

ياسر شر
ڊي او
جساف شھيد بشير خان
نوابشاھ ڊويزن

Photos from Jeay Sindh Student's Federation SBBU Nawabshah JSSF JSQM's post 14/02/2026

سنڌو ديش مقدر آ
سائين جي ايم سيد رھبر آ

پريس رليز
14/02/2026

جساف جسقم شھيد بشير خان مرڪز طرفان 14 فيبروري مُحبتن جي عالمي ڏينهن کي سموري سنڌ اندر سنڌو ديش جي شهيدن جي ياد ۾ کين ڀيٽا پيش ڪري ۽ ٻُوٽا پوکي ڌرتي سان مُحبت جي ناءُ سان ملهائڻ جو اعلان ڪيو.

جساف جسقم شهيد بشير خان ضلعو سبو يونيورسٽي نوابشاه مرڪزي سڏ کي لبيڪ ڪندي اڄ 14 فيبروري مُحبتن جي عالمي ڏينهن تي سنڌو ديش جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ ۽ ٻوٽا پوکي ڌرتي سان مُحبت ڪرڻ جو پروگرام جي ايم سيد هاسٽل سبو يونيورسٽي نوابشاه ۾ رکيو.

پروگرام جي شروعات سنڌو ديش جي قومي تراني سان ڪئي وئي.

اڳواڻن پروگرام ۾ مخاطب ٿيندي چيو ته عام طور سموري دنيا ۾ مُحبتن جو عالمي ڏينهن يعني هڪ انسان ٻئي کي گُل ڏئي پيار جو اظهار ڪندو آهي پر اسان پنهنجي شهيدن کي هر ڏُک سُک ۾ ياد رکڻ جي روايت کي برقرار رکندي شهيدن کي ڀيٽا ۽ گُل پيش ڪري محبتن جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي محبت جو اظهار ڪري رهيا آهيون.
وطن لاءِ شهادت جو جام پيئندڙ شهيدن سان اهو وچن پڻ ورجايُون ٿا ته شهيدن جي رت جو پلاند سنڌو ديش جي آزادي جي صورت ۾ ڪنداسين.
آخر ۾ جساف جسقم شهيد بشير خان هر سال جيان هن سال به ڪيترائي ٻوٽا پڻ پوکيا.

پروگرام ۾ مُختلف سياسي تنظيمن، شاگردن ڀرپور شرڪت ڪئي.

جساف جسقم (شهيد بشير خان)~ ضلعو سبو يونيورسٽي نوابشاه

Want your business to be the top-listed Government Service in Nawabshah?

Click here to claim your Sponsored Listing.

Location

Category

Address

Shaheed Benazir Bhutto University Shaheed Benazirabad
Nawabshah
67450