Sindh United Party Sann

Sindh United Party Sann Sindh United Party Sann
سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي سن

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاھه جا 11 کان 13 آڪٽوبر تائين لاڙڪاڻي، سکر ۽ گھوٽڪي ضلعن ۾ طئي ٿيل پروگرامن جا شيڊول...
06/10/2026

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاھه جا 11 کان 13 آڪٽوبر تائين لاڙڪاڻي، سکر ۽ گھوٽڪي ضلعن ۾ طئي ٿيل پروگرامن جا شيڊول ھن رِيت آھن:

◀️ 11 آڪٽوبر 2026 تي لاڙڪاڻي ۾ سنڌ وحدت مارچ ڪيو ويندو.
◀️ 12 آڪٽوبر تي سکر بار کي خطاب ۽ 3 بجي گھوٽڪي ۾ سيمينار کي پارٽي صدر سيد زين شاھ خطاب ڪندو.
◀️ 13 آڪٽوبر تي گھوٽڪي بار کي پارٽي صدر سيد زين شاھ خطاب ڪندو ۽ شام جو ڏھرڪي ۾ جلسو ڪيو ويندو.

05/10/2026

اڄ 5 آڪٽوبر تي سنڌ جي نامياري قومپرست اڳواڻ، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر، سنڌ جي قومي حقن جي جدوجهد ڪندڙ محترم سيد زين شاه جو 60 جنم ڏينهن آهي.

سيد زين شاه صاحب 5 آڪٽوبر 1966ع تي سيد امداد محمد شاه جي گهر ۾ جنم ورتو. هو سائين جي ايم سيد جو پوٽو آهي. هن ابتدائي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ سن ۾ حاصل ڪئي، جڏهن ته انٽرميڊيئيٽ ڪيڊٽ ڪاليج پٽارو مان مڪمل ڪئي. بعد ۾ هن مهراڻ يونيورسٽي انجنيئرنگ ڪاليج (هاڻوڪي قائد عوام يونيورسٽي آف انجنيئرنگ، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي نوابشاهه) مان اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ۾ بيچلر ڊگري حاصل ڪئي.

هن پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات واپڊا ۾ اليڪٽريڪل انجنيئر طور ڪئي ۽ بعد ۾ اليڪٽريڪل انسپيڪٽر طور پڻ خدمتون سرانجام ڏنيون. پر سنڌ ۽ سنڌي قوم جي خدمت جو جذبو کيس سياست ۽ سماجي جدوجهد ڏانهن وٺي آيو، جنهن سبب هن سرڪاري نوڪري ڇڏي عوامي خدمت جو رستو اختيار ڪيو.

سيد زين شاه پنهنجي سياسي جدوجهد جي شروعات شاگردي واري دور کان ڪئي. سائين جي ايم سيد جي وفات کان پوءِ هن جيئي سنڌ قومي محاذ (JSQM) جي ڪنوينر ۽ بعد ۾ جيئي سنڌ محاذ (JSM) جي چيئرمين طور ذميواريون سنڀاليون. هن هميشه سنڌ جي حقن، وسيلن ۽ مظلوم ماڻهن جي آواز کي بلند ڪيو.

هن ڪمند جي آبادگارن کي مناسب اگهه ڏيارڻ واري تحريڪ، ڪالا باغ ڊيم خلاف جدوجهد، بلوچستان ۾ فوجي آپريشنن خلاف احتجاج، بحريا ٽائون خلاف تحريڪ ۽ درياءِ سنڌ جي پاڻيءَ جي ڦيرڦار خلاف هلندڙ مهمن ۾ اهم اڳواڻ طور ڪردار ادا ڪيو.

سال 2007ع کان هو سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي (SUP) سان لاڳاپيل آهي، جتي هو مرڪزي اڳواڻ طور سنڌ جي حقن، وسيلن ۽ عوام جي مفادن جي تحفظ لاءِ جدوجهد جاري رکيو پيو اچي.

سيد زين شاه کي سندس جنم ڏينهن تي دل جي گهراين سان واڌايون پيش ڪيون ٿا. دعا آهي ته الله پاڪ کيس صحت، خوشيون، ڊگهي ڄمار ۽ سنڌ جي خدمت لاءِ وڌيڪ همت ۽ ڪاميابيون عطا فرمائي.

05/10/2026
30/09/2026

Address

Rehbar Road
Sann

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Sindh United Party Sann posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share