PSF MUET.

Call

PSF MUET. Official page of Sindh People’s Student Federation MUET Jamshoro

08/09/2026

پريس رليز

تاريخ : 2026-09-08

پي ايس ايف مھراڻ يونيورسٽي پاران سنڌ ڌرتي ماءُ ۽ ۱۲ سيپٽيمبر تي ايم آر ڊي جي شھيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاء گڏجاڻي۔

ڄامشورو: پي ايس ايف مھراڻ يونيورسٽي جي صدر لالا عُتبان جي ھدايتن تي مھراڻ يونيورسٽي جي سینٽرل ۾ شاگردن جي گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي.

گڏجاڻي ۾ سينيئر نائب صدر لاليت ڪمار،پي ايس ايف مھراڻ يونيورسٽي جي سرگرم ڪارڪن رقيب وِرڪ سميت ٻين مختلف ڊپارٽمنٽن شاگردن شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي ”سنڌ ڌرتي ماءُ“ جي پيغام کي عام ڪرڻ، سنڌ جي تاريخي، ثقافتي ۽ جاگرافيائي بابت شاگردن ۾ شعور وڌائڻ تي غور ڪيو ويو

ان موقعي تي شاگردن پاران ان عزم جو پڻ اظھار ڪيو ويو ته پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ پاران منعقد ٿيندڙ ريلين، سيمينارن ۽ ٻين جمهوري سرگرمين ۾ شاگرد ڀرپور جوش ۽ جذبي سان شرڪت ڪندا ۽ سنڌ جي وحدت بابت شعور اجاگر ڪرڻ واري معاملي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.

پي ايس ايف مھراڻ يونيورسٽي جي اڳواڻن چيو ته يونيورسٽين جا شاگرد سنڌ جي تاريخ، ثقافت، وحدت ۽ مستقبل بابت باشعور آهن ۽ ”سنڌ ڌرتي ماءُ“ جي پيغام کي هر ڊپارٽمنٽ تائين پهچائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.

جاري ڪندڙ
انفارميشن سيڪرٽري سپاف مھراڻ يونيورسٽي ڄامشورو

پريس رليزڄامشورو، 4 مئي 2026عاڄ مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي، ڄامشورو ۾ هڪ اهم ملاقات منعقد ڪئي وئي، جنهن...
04/05/2026

پريس رليز

ڄامشورو، 4 مئي 2026ع

اڄ مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي، ڄامشورو ۾ هڪ اهم ملاقات منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر، رجسٽرار ۽ اينٽي هراسمينٽ سيل جي ذميوارن سان تازو پيش آيل مبينا هراسمينٽ واري واقعي بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. اهو واقعو ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ ايم فل شاگردياڻي سان هڪ استاد طرفان مبينا هراسمينٽ جي شڪايت جي صورت ۾ سامهون آيو هو.

ملاقات دوران يونيورسٽي انتظاميا طرفان آگاهه ڪيو ويو ته معاملي بابت ڪارروائي جاري آهي ۽ لاڳاپيل قانوني، اداري ۽ انتظامي مرحلا بتدريج مڪمل ڪيا پيا وڃن. انتظاميا واضح ڪيو ته شڪايت کي سنجيدگي سان ورتو ويو آهي ۽ ان حوالي سان جاچ واري عمل کي ضابطن مطابق اڳتي وڌايو پيو وڃي.

ان موقعي تي پي ايس ايف مهراڻ يونيورسٽي جي صدر لالا عتبان يونيورسٽي انتظاميا تي زور ڀريو ته اهڙي حساس نوعيت جي معاملي کي ڪنهن به دير کانسواءِ جلد کان جلد منطقي انجام تائين پهچايو وڃي. شاگردن جي اعتماد، اداري جي ساک ۽ متاثر ڌر جي ذهني تحفظ کي نظر ۾ رکندي هن معاملي تي فوري ۽ سنجيده جواب ضروري آهي.

لالا عتبان وڌيڪ چيو ته جاچ وارو عمل هر قسم جي دٻاءُ، اثر رسوخ، سفارش يا ادارياتي مداخلت کان مڪمل طور آزاد هجڻ گهرجي. انڪوائري شفاف، غيرجانبدار، منصفاڻي ۽ قانوني اصولن مطابق ٿيڻ گهرجي، ته جيئن انصاف نه رڳو ٿئي، پر واضح طور نظر به اچي.

آخر ۾ صدر سپاف مھراڻ يونيورسٽي لالا عطبان چيو ته جيڪڏهن متاثر جي والدين پاران احتجاج يا ٻيا ڪابه قدم کنيا ويا ، ته اسان انهن جي حمايت ڪنداسين

اهم اطلاع :

يونيورسٽي سطح تي هراسمينٽ سان لاڳاپيل مسئلن کي ڏسڻ، ٻڌڻ ۽ حل ڪرڻ لاءِ هڪ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، جيڪا موجوده واقعي سميت مستقبل ۾ اهڙن ممڪن واقعن جي روڪٿام، رپورٽنگ، جاچ ۽ تدارڪ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي. ان ڪميٽي جو مقصد شاگردن، خاص طور تي شاگردياڻين لاءِ محفوظ، عزت ڀريو ۽ اعتماد جوڳو تعليمي ماحول فراهم ڪرڻ آهي.

جاري ڪندڙ:
انفارميشن سيکرٽري
پي ايس ايف مهراڻ يونيورسٽي، ڄامشورو

28/04/2026

مہران یونیورسٹی جامشورو میں ایم فل کی طلبِ علم کو ہراساں کرنے کے معملے پر سخت مزمت کرتے ہیں اور وائیس چانسلر مہران یونیورسٹی سے صاف شفاف تفتیش کا مطالبہ کرتے ہیں دوسری جانب اگر معملے کو سنجیدگی سے نہ لیا گیا تو سپاف مہران یونیورسٹی بھرپور ردِ عمل کا حق رکھتی ہے۔

30/11/2025

President PSF MUET Lala Utbaan Khan at PPP Hyderabad’s Foundation Day event.

58 years of PPP 🫶🏻 , New Gen New Sprit 💯

Address

Jamshoro
Sindh
76090

Telephone

+923065343997

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when PSF MUET. posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share