Deputy Commissioner Shikarpur

Call Contact the organization

Deputy Commissioner Shikarpur Deputy Commissioner is the chief administrator, responsible to administrate all departments in district Shikarpur.

پوليو جي خاتمي جي مهم (ايس اين آءِ ڊِي) جي پهرين ڏينهن (21 سيپٽمبر 2026) تي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو پاران تعلق...
21/09/2026

پوليو جي خاتمي جي مهم (ايس اين آءِ ڊِي) جي پهرين ڏينهن (21 سيپٽمبر 2026) تي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو پاران تعلقي ڳڙهي ياسين ۽ تعلقي شڪارپور جي مختلف اسپتالن، علائقن ۽ ڳوٺن جو دورو ڪيو.
ان موقعي تي اين اسٽاپ آفيسر ڊاڪٽر امتياز حسين ميتلو پڻ موجود هو. ڳڙهي ياسين اسپتال ۾ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ٽيمن کي صبح جو بريفنگ ڏيندي بهتر ڪم ڪرڻ جي تلقين ڪئي. بريفنگ بعد نوشهرو ابڙو ۽ شڪارپور يوسي ون جي مختلف علائقن ۽ ڳوٺن ۾ ٽيمن جي ڪم کي چيڪ ڪيو، بهتر ڪم ڪرڻ تي شاباس ڏني.
ان دوران ڊپٽي ڪمشنر ٻارڙن کي پنهنجي هٿن سان پوليو جا ڦڙا پياريا ۽ هٿ جي آڱرين تي نشان پڻ لڳايا، ۽ ڦڙا پيتل ٻارڙن جي هٿن جا نشان پڻ چيڪ ڪيا. علائقي جي پوليو مانيٽرنگ ٽيم ۽ انچارجن کي هدايت ڪندي چيو ته هتان جي آس پاس ڪوبه ٻار پوليو جي ڦڙن کان نه رهجي.

شڪارپور ضلعي ۾ 6 سيپٽمبر، ”يومِ دفاع/ يوم شُهده“ قومي جذبي سان ملهايو ويو، هر محاذ تي فوجي جوانن پاران ڏنل قربانين کي خر...
06/09/2026

شڪارپور ضلعي ۾ 6 سيپٽمبر، ”يومِ دفاع/ يوم شُهده“ قومي جذبي سان ملهايو ويو، هر محاذ تي فوجي جوانن پاران ڏنل قربانين کي خراجِ تحسين پيش ڪيو ويو. ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور جي اڳواڻي ۾ ضلعي انتظاميا مختلف تقريبن جو انعقاد ڪيو ۾ شرڪت ڪئي ۽ انهن جو انعقاد ڪيو، جن ۾ هيٺيان شامل هئا:
1. پوليس لائين شڪارپور ۾ قائم ”يادگارِ شهداءِ“ تي شهيدن جي اعزاز ۾ هڪ وقار واري تقريب، جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور، ايس ايس پي شڪارپور، اسسٽنٽ ڪمشنر شڪارپور ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
2. يونيورسٽي انتظاميا، ضلعي انتظاميا ۽ پوليس کاتي پاران شيخ اياز يونيورسٽي شڪارپور ۾ يومِ دفاع جي مناسبت سان ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور، ايس ايس پي شڪارپور، وائس چانسلر شيخ اياز يونيورسٽي، اسسٽنٽ ڪمشنر شڪارپور ۽ يونيورسٽي ۽ ادارن جي نمائندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
3. قومي شهيدن جي اعزاز ۾ شڪارپور شهر ۾ ڏيئا روشن ڪيا ويا. مرڪزي تقريب لکيدر تي منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر شڪارپور، ڊي ايس پي سٽي ۽ وڏي انگ ۾ شهرين شرڪت ڪئي.
4. اسسٽنٽ ڪمشنر شڪارپور پاران شهيدن جي خاندانن سان ملاقات ڪئي وئي ۽ سندن عظيم قربانين کي خراجِ تحسين پيش ڪيو ويو. خاندانن سان قومي يڪجهتي جو اظهار پڻ ڪيو ويو.

12 ربیع الاوّل، جشنِ عیدمیلادالنبي ﷺ  (26 آگسٽ 2026).ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور پاران جشنِ عید میلادالنبي ﷺ جي ريلي ۽ مرڪزي جلسي...
26/08/2026

12 ربیع الاوّل، جشنِ عیدمیلادالنبي ﷺ (26 آگسٽ 2026).
ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور پاران جشنِ عید میلادالنبي ﷺ جي ريلي ۽ مرڪزي جلسي گاهه جو دورو ۽ سيڪيورٽي جي انتظامن جي جائزو.
ٻارنهن (12) ربیع الاوّل، جشنِ عیدمیلادالنبي ﷺ جي حوالي سان ضلعي شڪارپور ۾ ٿيندڙ ميلاد، ريليون ۽ اجتماعن جي سيڪيورٽي انتظامن جي جائزي لاءِ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو ريلين ۽ مرڪزي جلسي گاهه جو دورو ڪيو.
دوري دوران ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ميلاد ۽ ريلي ۾ شرڪت ڪئي، منتظمين سان ملاقات ڪئي ۽ سيڪيورٽي ۽ ٻين انتظامن جو جائزو ورتو.
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور چيو ته ضلعي شڪارپور جي چئني تعلقن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي نگراني ۾ جشنِ عید میلادالنبي ﷺ جي حوالي سان مختلف پروگرامن ۾ سيڪيورٽي سان گڏوگڏ، بجلي ۽ پاڻي جي فراهمي، ۽ ٽريفڪ نظام جي معاملن کي بهتر ڪيو ويو آهي.
ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ضلعي جي عوام کي جشنِ عید میلادالنبي ﷺ جي مبارڪ ڏيندي چيو ته حضور ڪريمﷺ جي ولادتِ سڄي انسانيت لاءِ رحمت، امن ۽ محبت جو پیغام آهي.
ان موقعي تي عوام کي اپيل پڻ ڪئي وئي ته سڀ جشنِ عید میلادالنبي ﷺ کي ملهائيندي، مذهبي جوش ۽ جذبي سان گڏوگڏ نظم ۽ ضبط، هڪ ٻئي جو احترام ۽ امن کي قائم رکڻ ۾ انتظامیہ سان تعاون ڪن.

25/08/2026
ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ دهشتگردي جي متاثرين جي ياد ۽ خراج عقيدت جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو ۽ ريلي پڻ ڪڍي وئي.تفصيل موجب...
21/08/2026

ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ دهشتگردي جي متاثرين جي ياد ۽ خراج عقيدت جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو ۽ ريلي پڻ ڪڍي وئي.
تفصيل موجب اڄ ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ اڄ 21 آگسٽ 2026 تي "دهشتگردي جي متاثرين جي ياد ۽ خراج عقيدت جو عالمي ڏينهن" ملهايو ويو ۽ ريلي ڪڍي وئي. ريليءَ جي اڳواڻي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو ڪئي. ريليءَ سان خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور چيو ته هن ڏينهن جو مقصد دهشتگردي جي واقعن ۾ پنهنجون قيمتي جانيون وڃائيندڙ اڳوڻي وزير اعظم پاڪستان محترمه بينظير ڀٽو شهيد، معصوم شهري، سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ سمورن متاثرين کي ياد ڪرڻ ۽ انهن جي خاندانن سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ آهي. هن چيو ته "اسان ياد رکون ٿا. اسان خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. اسان گڏ بيٺا آهيون." دهشتگردي انسانيت جو دشمن آهي ۽ ان جي خلاف سموري قوم متحد آهي.
ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو چيو ت اسان کي امن، رواداري ۽ ڀائيچاري سان هڪ قوم ٿي دهشتگرديءَ خلاف جهاد ڪرڻو آهي ۽ پاڪستان دشمن عناصرن کي سڪيورٽي فورسز سان گڏ شڪست ڏيڻي آهي. ريليءَ سان ڳالهائيندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون شڪارپور محمد فيضان چيمه چيو ته سمورن شهري ادارن، سماجي تنظيمن ۽ عوام کي اپيل ڪريون ٿا ته هو دهشتگردي جي خلاف آواز بلند ڪن ۽ متاثرين جي خاندانن جي مدد لاءِ اڳتي اچن. اسان جو عزم آهي ته اسان گڏجي امن پسند، محفوظ ۽ خوشحال پاڪستان، سنڌ ۽ شڪارپور جي ترقي ۽ تعمير لاءِ ڪوششون جاري رکنداسين.
ريليءَ ۾ چئني تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن، مختيارڪار، ڊي ايڇ او شڪارپور، اي ڊي ايڇ او شڪارپور، تعليم، انفارميشن ڊپارٽمينٽ، ڊسٽرڪٽ چائلڊ پروٽيڪشن آفيسر شڪارپور، ڊپٽي ڊائريڪٽر (وي اَي) سوشل ويلفيئر آفيسر شڪارپور، پاپوليشن ڊپارٽمينٽ ۽ ضلعي جي مختلف کاتن جي عملدارن پڻ شرڪت ڪئي.

شڪارپور ۾ جشنِ آزادي جون شاندار تقريبون، مختلف هنڌن تي قومي جهنڊا چاڙهيا ويا.پاڪستان جي 79هين يومِ آزادي جي موقعي تي شڪا...
14/08/2026

شڪارپور ۾ جشنِ آزادي جون شاندار تقريبون، مختلف هنڌن تي قومي جهنڊا چاڙهيا ويا.
پاڪستان جي 79هين يومِ آزادي جي موقعي تي شڪارپور شهر ۽ ضلعي جي مختلف هنڌن تي 14 آگسٽ جشنِ آزادي جون شاندار تقريبون منعقد ڪيون ويون، جن ۾ قومي جوش ۽ جذبي سان قومي جهنڊا چاڙهيا ويا ۽ قومي سلامتيءَ لاءِ پڻ دعائون گهريون ويون.
تفصيل موجب اڄ شڪارپور جي ڊويزنل اسڪائوٽ هيڊ ڪوارٽر ، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل، ميونسپل ڪميٽي، سول اسپتال سميت مختلف سرڪاري ۽ عوامي هنڌن تي پرچم ڪشائي جون تقريبون منعقد ٿيون. ان موقعي تي پکين کي آزاد ڪيو ويو. جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر ـ ضلع چيئرمين ـ ميونسپل چيئرمين ڊويزنل اسڪائوٽ ھينڊ ڪواٽر ۾ پڻ ٻوٽا پوکيا. تقريبن ۾ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو، ڊسٽرڪٽ چيئرمين سردار ذوالفقار علي خان ڪماريو، ميونسپل چيئرمين سردارزاده حاجي فياض محمود شيخ، اي ايس پي سٽي محمد آصف، رينجرز آفيسرن، پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن، ضلعي انتظاميا جي آفيسرن، سرڪاري ملازمن، تعليم کاتي سان لاڳاپيل آفيسرن ۽ استادن، اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽي جي شاگردن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڊسٽرڪٽ اسڪائوٽ هيڊ ڪوارٽر شڪارپور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي سردارزاه حاجي فياض محمود شيخ چيو ته 14 آگسٽ کي اسين جوش ۽ جذبي سان ملهائيندا آهيون ۽ پاڪستان جي 79 هين يوم آزادي جي موقعي تي پاڪستان جي سلامتيءَ خوشحالي، ترقي، استحڪام ۽ وطن سان محبت جو اظهار ڪيون ٿا. ضلع ڪائونسل چيئرمين سردار ذوالفقار علي خان ڪماريو تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته 14 آگسٽ جو ڏهاڙو پاڪستان جي قيام لاءِ برصغير جي اڳواڻن ۽ عوام جي قربانين تي روشني وڌي. هن چيو ته آزادي صرف جشن ناهي پر اتحاد، ايمان، نظم وضبط، رواداري، جمهوريت ۽ قومي خدمت جي قدرن کي برقرار رکڻ جي ذميواري پڻ آهي. ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ ٻارڙن پاران پاڪستان جي 79هين يوم آزادي تقريب جي حوالي سان سنڌي، اردو، انگريزيءَ ۾ تقريرون پڻ ڪيون ويون، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل چيئرمين طرفان ٻارن کي ڪيش انعام پڻ ڏنا ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ آزادي جي موقعي تي پڻ ڪيڪ ڪاٽيو ويو.
ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو 14 آگسٽ جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته هي ڏينهن اسان کي آزاديءَ جي نعمت، قائد اعظم محمد علي جناح جي ڏاهپ ۽ اسان جي بزرگن جي لازوال قربانين جي ياد ڏياري ٿو. آزادي هڪ امانت آهي ۽ ان جو تحفظ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. هن چيو ته 14 آگسٽ تي عهد ڪريون ته اسان ذاتي اختلافن کان مٿي ٿي، اتحاد ايمان ۽ تنظيم جي اصولن تي عمل ڪندي شڪارپور سموري پاڪستان کي تعليم، صحت ۽ خوشحالي جو گهوارو بڻائينداسين. ضلعي انتظاميه عوام جي خدمت ۽ امن امان جي قيام لاءِ پرعزم آهي. 14 آگسٽ جشن آزادي جي موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو سول اسپتال شڪارپور جي پيرا ميڊيڪل اسٽاف سان پاڪستان جي آزادي جي موقعي تي هڪ ڪيڪ ڪاٽيو ۽ ڊائلاسز ۽ ٻين وارڊن جو پڻ دورو ڪيو ۽ مريضن سان علاج بابت پڇا ڪئي ۽ صحتابي لاءِ دعا پڻ ڪئي، ان موقعي تي پڻ مريضن ۾ مٺائي ورهائي وئي. آخر ۾ جشنِ آزادي جي تقريبن دوران پاڪستان زنده باد جي نعرن سان قومي جذبي جو ڀرپور اظهار ڪيو ويو، جڏهن ته شڪارپور شهر کي قومي جهنڊن ۽ جهنڊين سان سينگاريو ويو ۽ شهرين ۾ جشنِ آزادي جي حوالي سان زبردست جوش ۽ جذبو نظر آيو.

عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم: ضلعي شڪارپور ۾ سخت حفاظتي انتظام ڪرڻ ۽ ضابطه اخلاق تي عمل ڪرائڻ ۽ شھرن ۾ صفائي سٿرائ...
11/08/2026

عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم: ضلعي شڪارپور ۾ سخت حفاظتي انتظام ڪرڻ ۽ ضابطه اخلاق تي عمل ڪرائڻ ۽ شھرن ۾ صفائي سٿرائي کي يقيني بڻايو وڃي ـ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور
تفصيل موجب، ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو ۽ضلعي چيئرمين سردار ذوالفقار خان ڪمايو جي صدارت ھيٺ سندس آفيس ۾ 12 ربيع الاول جي حوالي سان انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ ھڪ اھم گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي جنھن ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون محمد فيضان چيمه، اي ايس پي شڪارپور،چئن تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن، ، پوليس، تعليم، صحت، ميونسپل گيس۽ سيپڪو عملدارن سميت لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن توڙي مختلف مڪتبه فڪر جي عالمن پڻ شرڪت ڪئي ـ ان موقعي تي ضلعي چيئرمين سردار ذوالفقار خان ڪماريو عالمن سان ڳالهائيندي چيو ته ھي ڏھاڙو تمام عظيم الشان ڏھاڙو آهي ھن ڏينھن تي اسان سڀني کي ڀائيچاري ۽ امن سان ھي ڏھاڙو ملھائڻ گھرجي.ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو چيو ته گڏجاڻيءَ جو مقصد مختلف مڪتبه فڪر جي عالمن جا مسئلا معلوم ڪري ۽ فوري حل ڪرڻ آھي ته جيئن 12 ربيع الاول جو ڏينهن خوش اصلوبي سان گذري ڇو ته ھي ڀلارو ڏينھن ڪائنات جو عظيم هستي سان لاڳاپيل آھي، ان ڪري اسان سڀني کي گھرجي ته پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جي ڏسيل راه تي ھلي امن و امان ۽ ڀائيچارو قائم ڪرڻ لاءِ پنھنجو پنھنجو ڪردار ادا ڪريون تہ جيئن ھن ڀلاري ڏينهن تي ضلعي ۾ امن و امان ۽ مذھبي ھم آهنگي قائم رھي . ان موقعي تي، ھن اسسٽنٽ ڪمشنرن کي هدايت ڪندي چيو ته ھو پنهنجي پنھنجي تعلقن ۾ انتظامين جو جائزو وٺن ۽ تعلقي سطح جي مسئلن کي فوري طور حل ڪن، ھن ميونسپل آفيسرن کي سختي سان ھدايت ڪندي چيو ته شھرن ۾ صفائي سٿرائي کي يقيني بڻائڻ ۽ مين ھولن کي فوري طور تي بند ڪيو وڃي ته جيئن جلوسن ۾ شريڪ ماڻھن کي ڪنھن به قسم جي مشڪل پيش نه اچي ان سلسلي ۾ لاپرواهي قبول نه ڪئي ويندي، ھن سيپڪو عملدارن کي به ھدايت ڪندي چيو ته تقريبن جي دؤران لوڊشيڊنگ نه ڪئي وڃي ۽گيس عملدارن کي هدايت ڪندي چيو ته گيس جي لوڊشيڊنگ نه ڪئي وڃي.گڏجاڻيءَ دوران ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور صحت کاتي جي ڊي ايڇ او کي ھدايت ڪندي چيو ته 12 ربيع الاول واري ڏينهن ضلعي جي سمورن ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف سميت ايمبولنسس کي الرٽ رکيو وڃي ته جيئن ڪنھن به اڻوڻندڙ واقعي کي بروقت منھن ڏئي سگهجي ـ ان موقعي تي، سمورن عالمن ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور کي يقين ڏياريو ته ھو ضلعي انتظاميه سان ڀرپور ۽ مڪمل تعاون ڪندا ۽ آخر ۾ دعائي خير گھري ويئي ۽ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور سڀنيءَ جو شڪريو ادا ڪيو ـ

ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ 4 مهينن کان 10 سالن جي ٻارن کي پوليو کان بچاءُ لاءِ پوليو بوسٽر ڊوز ۽ پوليو جا ٻه ڦڙا پيارڻ با...
05/08/2026

ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ 4 مهينن کان 10 سالن جي ٻارن کي پوليو کان بچاءُ لاءِ پوليو بوسٽر ڊوز ۽ پوليو جا ٻه ڦڙا پيارڻ بابت ميڊيا سان هڪ گڏجاڻي.
تفصيل موجب اڄ ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ 4 مهينن کان 10 سالن جي ٻارن کي پوليو کان بچاءُ لاءِ پوليو بوسٽر ڊوز ۽ پوليو جا ٻه ڦڙا پيارڻ بابت ميڊيا سان هڪ گڏجاڻي ٿي. جنهن جي صدارت ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو ڪئي. ان موقعي تي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر نياز ڏهر، ڊسٽرڪٽ پوليو فوڪل پرسن ڊاڪٽر اميتاز ميتلو، مظهر ڄامڙو ۽ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور سيشن دوران ميڊيا نمائندن کي پوليو بوسٽر ڊوز مهم جي مقصدن، اهميت ۽ ٻارن کي پوليو کان محفوظ رکڻ لاءِ کنيل قدمن بابت تفصيلي آگاهي ڏني. ضلعي انتظاميا والدين ۽ شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته 8 آگسٽ کان 18 آگسٽ تائين پوليو کان بچاءَ لاءِ مقرر ڪيل مهم دوران پنهنجي ٻارن کي بوسٽر ڊوز ضرور هڻائن ۽ پوليو جا ڦڙا به ضرور پيارين ۽ مهم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ انتظاميا ۽ صحت کاتي سان ڀرپور سهڪار ڪن. هن چيو ته پوليو جا سڀ انتظام مڪمل ٿيل آهن ۽ ٽيمون به مقرر ڪيو ويون آهن.
ان موقعي تي مظهر علي ڄامڙو گڏجاڻي کي تفصلي بريفنگ ڏني.

ڪشمير جي استحصال جي ڏهاڙي تي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور آفيس ۾ ريلي ڪڍي وئي.اڄ ڪشمير جي استحصال جي ڏهاڙي تي ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ ري...
05/08/2026

ڪشمير جي استحصال جي ڏهاڙي تي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور آفيس ۾ ريلي ڪڍي وئي.
اڄ ڪشمير جي استحصال جي ڏهاڙي تي ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ ريلي ڪڍي وئي. ريليءَ ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل ضياءُ الرحمان، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ون محمد فيضان چيمه، چئني تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن، مختيارڪارن، روينيو، انفارميشن، ايجوڪيشن، سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ شهر جي سياسي سماجي ماڻهن، ڪاليج جي استادن ۽ شاگردن، مختلف سرڪاري کاتن جي آفيسرن، عملدارن ۽ ٻين ريليءَ ۾ شرڪت ڪئي. ريليءَ سان ڳالهائيندي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو چيو ته ملڪ جي ٻين حصن وانگر، شڪارپور ضلعي ۾ ڪشمير استحصال جو ڏهاڙو قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي. ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو چيو ته هي ڏينهن 5 آگسٽ 2019 جي ياد ۾ ملهايو ويندو آهي، جڏهن هندستان آرٽيڪل کي رد ڪري، قبضو ڪيل ڄمون ۽ ڪشمير جي خاص حيثيت کي ختم ڪيو. پاڪستان هن قدم کي گڏيل قومن جي قراردادن ۽ بين الاقوامي قانون جي خلاف ورزي قرار ڏئي ٿو. هن ڏينهن جو مقصد ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ، انهن جي خود اراديت جي حق جي حمايت ڪرڻ ۽ دنيا جو ڌيان ڪشمير جي مسئلي ڏانهن ڇڪائڻ آهي. هن چيو ته ڪشمير اڳ به پاڪستان جو حصو هيو ۽ اڄ به پاڪستان جو حصو آهي ۽ اسان ڪشمير جي آزادي وٺي رهنداسين ۽ اسان اتان جي مظلوم پوڙن، مردن، عورتن ۽ ٻارڙن سان ٿيندڙ هر زيادتي جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.
ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر شڪارپور ڊاڪٽر عارفه بتول ريليءَ سان ڳالهائيندي چيو ته 5 آگسٽ 2019 تي ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي خاص آئيني هيثيت ختم ڪري عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي قراردادن جي ڀڃڪڙي ڪئي. ان ڏينهن کي هرسال طور ملهايو ويندو آهي ته جيئن دنيا جو ڌيان ڪشميرين تي ٿيندڙ ظلمن، انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۽ سندن حقِ خود اراديت ڏانهن ڇڪايو وڃي. ان موقعي تي عوام پاران ڀارت مودي سرڪار تي لعنت، پاڪستان ڪا مطلب ڪيا لا الله الله، پاڪستان زنده باد، ڪشمير زنده باد، پاڪ فوج زنده، سنڌ پوليس زنده باد جا زوردار نعرا لڳايا ويا.

ضلعي شڪارپور ۾ حضرت امام حسين عليه السلام سميت ڪربلا جي شهيدن جي چھلم دوران ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو, ونگ ڪمانڊ...
04/08/2026

ضلعي شڪارپور ۾ حضرت امام حسين عليه السلام سميت ڪربلا جي شهيدن جي چھلم دوران ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو, ونگ ڪمانڊر 82 ونگ ليفٽيننٽ ڪرنل ضياء الرحمان، سان گڏجي ماتمي جلوس ۽ مجلسن جي انتظامن، سڪيورٽي ۽ صفائي سٿرائي جي حوالي سان انتظامن جو جائزو ورتوـ جلوسن، اهم حساس هنڌن ۽ جلوسن جي رستن جا دورا ڪيا.
ان دوران شهيدن جي چھلم جي موقعي تي ماتمي جلوسن جي سيڪيورٽي جي انتظامن جو جائزو پڻ ورتو. دوري دوران ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون شڪارپور، محمد فيضان چيما، اسسٽنٽ ڪمشنر شڪارپور عارفا بتول، ڊي ايس پي شھجان شاھ ۽ ٻيا عملدار پڻ گڏ هئا.

Address

Deputy Commissioner Office Shikarpur Sindh
Sindh
78100

Telephone

+92726920200

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Deputy Commissioner Shikarpur posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Organization

Send a message to Deputy Commissioner Shikarpur:

Shortcuts

Share