Zaur Youth Committee

Zaur Youth Committee United Youth • Stronger Voice • Better Community

A platform where the youth of the Haji Ahmed Zaur community come together to raise their voice, discuss community issues, share important updates, and work collectively for positive change.

🔹Zaur youth community 🔹زئور يوٿ ڪميونٽي جي گڏجاڻي🤝الحمدلله، اڄ زئور يوٿ ڪميونٽي جي گڏجاڻي گرلز اسڪول ۾ ٿي، جنهن ۾ ڀاءُ ذ...
19/08/2026

🔹Zaur youth community 🔹
زئور يوٿ ڪميونٽي جي گڏجاڻي🤝
الحمدلله، اڄ زئور يوٿ ڪميونٽي جي گڏجاڻي گرلز اسڪول ۾ ٿي، جنهن ۾ ڀاءُ ذوالفقار ۽ ٻين معزز بزرگن ۽ نوجوانن شرڪت ڪئي. سڀني ساٿين پاران بهترين نموني استقبال ڪيو ويو. ❤️
گڏجاڻي دوران سڀني ساٿين زئور يوٿ ڪميونٽي جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ پنهنجي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو. الحمدلله، عهديدارن ۽ ميمبرن پڻ ڀرپور شرڪت ڪئي.
گڏجاڻي ۾ صدر عبدالقيوم، نائب صدر سرمد راجا، جنرل سيڪريٽري سمير، انفارميشن سيڪريٽري وقاص علي، ڀاءُ فيضان، عابد، زوهيب، وقار ۽ راول،پيارعلي گڏ هئا.
انشاءَالله، سڀني جي گڏيل مشاورت، اتحاد ۽ ڀائيچاري سان زئور يوٿ ڪميونٽي کي وڌيڪ مضبوط بڻائينداسين.
زئور يوٿ ڪميونٽي زنده باد ❤️
زئور اتحاد زنده باد 🤝

🔹Zaur Youth Community🔹الحمدلله، اڄ Zaur Youth Community جي  PPP Tando Bago Jo Naib Sadar Bashir Ahmed   Zaur صاحب سان مل...
18/08/2026

🔹Zaur Youth Community🔹
الحمدلله، اڄ Zaur Youth Community جي PPP Tando Bago Jo Naib Sadar Bashir Ahmed Zaur صاحب سان ملاقات ٿي، جتي عهديدارن ۽ ميمبرن پاران بشير احمد صاحب جو بهترين نموني سان استقبال ڪيو ويو.
ملاقات دوران ڪميونٽي جي حوالي سان تمام گهڻيون اهم ڳالهيون تفصيل سان ٿيون ۽ ڪيترن ئي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بشير احمد صاحب پڻ ڪميونٽي جي حوالي سان پنهنجي قيمتي راءِ ۽ خيالن کان آگاهه ڪيو.
ماشاءالله، ملاقات ۾ Zaur Youth Community جا عهديدار ۽ ميمبر وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا.
انشاءالله، سڀني جي گڏيل صلاح، اتحاد ۽ تعاون سان Zaur Youth Community کي وڌيڪ مضبوط بڻائي ڳوٺ جي بهتري ۽ ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا رهنداسين.
Zaur Youth Community زنده باد ❤️
Zaur اتحاد زنده باد ❤️

🔹انفارميشن سيڪريٽري: وقاص علي

اڄ جي ملاقات ۽ فاتحهاڄ ڳوٺ حاجي احمد زئور ۾ ڊاڪٽر سجاد، سائين جاني شاهه ۽ ٻين دوستن سان گڏجي رئيس محمد عالم زئور جي اوطا...
17/08/2026

اڄ جي ملاقات ۽ فاتحه
اڄ ڳوٺ حاجي احمد زئور ۾ ڊاڪٽر سجاد، سائين جاني شاهه ۽ ٻين دوستن سان گڏجي رئيس محمد عالم زئور جي اوطاق تي فاتحه خواني ڪئي وئي.
ان موقعي تي Zaur Youth Community جا عهديدار پڻ موجود هئا. ملاقات دوران Zaur Youth Community جي حوالي سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، جنهن ۾ ڪميونٽي جي مقصدن ۽ ڳوٺ جي بهتري لاءِ گڏيل ڪوششن بابت مختصر خيال ونڊيا ويا.
فاتحه جي حوالي سان پڻ ڪجهه اهم ڳالهيون ٿيون، جڏهن ته سم جي حوالي سان به وڌ کان وڌ اڳتي وڌڻ ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ تي زور ڏنو ويو.
ان موقعي تي نائب صدر سرمد راجا، ڊپٽي ڊائريڪٽر عارف حسين، انفارميشن سيڪريٽري وقاص علي سميت ڳوٺ جا ڪجهه معزز ماڻهو پڻ موجود هئا.
انشاءَالله، سڀ گڏجي اتحاد، اتفاق ۽ ڳوٺ جي بهتري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين. 🤝❤️

الحمدلله، اڄ Zaur Youth Community جي زبردست گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ عهديدارن ۽ ميمبرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. گڏجاڻي دوران ڳوٺ جي ...
16/08/2026

الحمدلله، اڄ Zaur Youth Community جي زبردست گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ عهديدارن ۽ ميمبرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. گڏجاڻي دوران ڳوٺ جي مختلف مسئلن ۽ ترقي جي حوالي سان ميمبرن پنهنجا پنهنجا خيال ۽ موقف پيش ڪيا. سڀني گڏجي ڳوٺ جي بهتري، اتحاد ۽ ترقي لاءِ مثبت سوچ سان اڳتي وڌڻ تي زور ڏنو. انشاءالله سڀ گڏجي هڪ آواز ٿي ڳوٺ جي مسئلن جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. ❤️🤝

Zaur Youth Communityماشاءَالله، اڄ جو ڏينهن اسان سڀني لاءِ تمام گهڻو فائديمند ۽ حوصلا افزا رهيو. ۽ ڳوٺ جي وڏن توڙي معزز ...
13/08/2026

Zaur Youth Community
ماشاءَالله، اڄ جو ڏينهن اسان سڀني لاءِ تمام گهڻو فائديمند ۽ حوصلا افزا رهيو. ۽ ڳوٺ جي وڏن توڙي معزز ماڻهن طرفان پڻ بهترين سهڪار ۽ مثبت جواب مليو. سڀ کان وڌيڪ خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي ته سڀني اسان جي نوجوانن جي اتحاد ۽ گڏيل جدوجهد کي تمام گهڻو ساراهيو. روڊ جي ڪم بابت يقين ڏياريو ويو. خاص طور تي سائين عبدالحميد، رئيس عالم زئور ۽ ذوالفقار صاحب پاران اسان کي ڀرپور حوصلا افزائي ۽ مثبت موٽ ڏني وئي، الحمدلله.
اسان جي نوجوانن اڄ صبر، تحمل ۽ اتحاد جو بهترين مظاهرو ڪيو. ان شاءَالله اڳتي به ساڳئي جذبي سان پنهنجي ڳوٺ جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندا رهنداسين ۽ سڀني کي گڏ کڻي هلنداسين.
Congratulations everyone! 🎉
هي اسان جي گڏيل سفر ۾ صحيح رخ ڏانهن هڪ تمام وڏو ۽ اهم قدم آهي.
اتحاد، صبر ۽ گڏيل جدوجهد سان ان شاءَالله اسان جو ڳوٺ وڌيڪ بهتر بڻجندو. 🤝

🔹انفارميشن سيڪريٽري: وقاص علي

🔹Fast Day Meeting🔹                 🤝Zaur Youth Community 🤝🌹 **ماشاءَالله اڄ شام جو Boys school ۾ زئور يوٿ ڪميونٽي ڪامياب...
11/08/2026

🔹Fast Day Meeting🔹

🤝Zaur Youth Community 🤝

🌹 **ماشاءَالله اڄ شام جو Boys school ۾ زئور يوٿ ڪميونٽي ڪامياب گڏجاڻي ۽ نئين شروعات ٿي** 🌹

اڄ اسان جي ڳوٺ جي سڀني معزز ميمبرن جي شرڪت سان **زئور يوٿ ڪميونٽي جي حوالي سان هڪ اهم ۽ ڪامياب گڏجاڻي** منعقد ٿي، جنهن ۾ سڀني دوستن پنهنجي پنهنجي قيمتي راءِ، صلاح ۽ تجويزون پيش ڪيون.

سڀني ميمبرن جي گڏيل صلاح ۽ اتفاق سان يونين جي بهتر انتظام ۽ خدمت لاءِ هي **پنج ذميواريون** مقرر ڪيون ويون:

🔹 صدر: ـ عبدالقيوم
🔹 نائب صدر: ـ سرمد راجا
🔹 انفارميشن سيڪريٽري: ـ وقاص علي
🔹 خزانچي: ـ رضا
جنرل سيڪريٽري: ـ سمير
جوئنٽ سيڪريٽري: ـ نظير احمد
ڊپٽي سيڪريٽري: ـ عارف
🔹 ۽ ٻيون تنظيمي ذميواريون

هي چونڊ ڪنهن هڪ فرد جي نه، پر **سڀني جي گڏيل اعتماد، صلاح ۽ اتحاد جي نتيجي** ۾ ٿي آهي. اسان جو مقصد ذاتي مفاد نه، پر پنهنجي ڳوٺ، ماڻهن ۽ ڪميونٽي جي ڀلائي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ آهي.

❤️ اڄ جي ڪامياب ميٽنگ ۾ شرڪت ڪندڙ **هر هڪ معزز ميمبر : *عابد علي .عمران علي.فيضان علي.ڪاشف علي. زوهيب علي.راول علي.آصف علي.ماجد علي.انيس علي. زبير علي. معشوق
صدام .فهيم راجا .راشد .اياز.اشفاق علي .ارسلان .پيار علي .وقار*
جا دل جي گهراين سان ٿورائتا آهيون**. اوهان جي موجودگي، راءِ ۽ تعاون اسان لاءِ وڏي همت آهي.

**انشاءَالله، اتحاد، اتفاق ۽ مسلسل محنت سان پنهنجي ڳوٺ ۽ ڪميونٽي لاءِ بهتر ڪم ڪندا رهنداسين.**

🤝 **اچو ته گڏجي هلون، گڏجي ڪم ڪريون ۽ پنهنجي ڳوٺ کي اڳتي وٺي هلون.**

🌹 **سڀني دوستن جا دل سان ٿورا — مهرباني، مهرباني، مهرباني!** 🌹

انفارميشن سيڪريٽري : وقاص علي

زئور يوتھ ڪاميٽي جي سمورن عهديدارن ۽ ميمبرن کي نئين يونٽ جي قيام ۽ عهديداري ملڻ تي دل جي گهراين سان مبارڪون! دعا آهي ته ...
09/08/2026

زئور يوتھ ڪاميٽي جي سمورن عهديدارن ۽ ميمبرن کي نئين يونٽ جي قيام ۽ عهديداري ملڻ تي دل جي گهراين سان مبارڪون! دعا آهي ته توهان پنهنجي ذميوارين کي احسن طريقي سان نڀائيندي پنهنجي علائقي جي ترقي ۽ ڀلائي لاءِ ڪم ڪندا رهو. الله تعاليٰ توهان جي هن نيڪ ڪوشش ۾ ڪاميابي عطا فرمائي. آمين
Abdul Qayoom
Arif Hussain

Address

Haji Ahmed Zaur UC Pahar Mari
Tando Bago
72120

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Zaur Youth Committee posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share

Category


Other Social Services in Tando Bago

Show All