01/03/2026
ہم انتہائی افسوس اور رنج کے ساتھ امام آیت اللہ علی خامنہ ای کی شہادت پر گہرے تعزیت اور ہمدردی کا اظہار کرتے ہیں۔ وہ صرف ایران کی قیادت نہیں تھے، بلکہ عالمی سطح پر بہادری، خودداری اور استقامت کی ایک نمایاں علامت کے طور پر جانے جاتے تھے۔ ان کی زندگی قومی وقار اور بیرونی دباؤ کے مقابلے میں ثابت قدمی کی ایک روشن مثال رہی۔
ان کی شہادت خطے کے لیے ایک بڑا سانحہ ہے، کیونکہ انہوں نے ہمیشہ اپنے ملک اور قوم کی خودمختاری اور قومی مفادات کے دفاع میں بے باک قیادت کا مظاہرہ کیا۔ ان کا کردار بے شمار افراد کے لیے حوصلہ، مزاحمت اور استقلال کی ایک علامت رہا۔
ساتھ ہی، ہم واضح کرتے ہیں کہ جنگ کسی بھی مسئلے کا حل نہیں ہے۔ طاقت کی سیاست، فوجی جارحیت اور معاشی پابندیاں صرف معصوم انسانوں کی تکالیف میں اضافہ کرتی ہیں اور دنیا میں عدم استحکام کو بڑھاتی ہیں۔
ہم امریکہ اور اسرائیل کی خطے میں جاری جنگی پالیسیوں، فوجی جارحیت اور طاقت کی بالادستی کی سوچ کی سخت الفاظ میں مذمت کرتے ہیں۔ عالمی مداخلتیں، دباؤ کی حکمت عملی اور جارحانہ اقدامات خطے کو کشمکش، بے چینی اور انسانی المیوں کی طرف دھکیل رہے ہیں۔
ہمارا ایمان ہے کہ امن، انصاف اور باہمی احترام ہی قوموں کے بقا اور استحکام کا حقیقی راستہ ہے۔ اللہ تعالیٰ شہداء کے درجات بلند فرمائے اور ان کے پیروکاروں کو صبر، استقامت اور حوصلہ عطا فرمائے۔
سید زین شاہ
صدر، سندھ یونائیٹڈ پارٹی
27/02/2026
ہم آئین کی بالادستی کی بات کریں تو بارڈر پر جنگ ہوجاتی ہے، ملک میں آٹوکریسی اور جوڈیشل مارشل لاء ہے، سندھ کے مسائل میں معدنیات اور پانی کے مسائل ہیں، قومی اسمبلی کے قوانین کی وجہ سے صوبائی خود مختاری کو نقصان پہنچا، تمام ادراے اپنی آئینی حدود میں کام کریں، عمران خان سمیت پی ٹی آئی کے رہنماؤں کو سیاست سے باہر کردیا گیا، ہم بورڈ آف پیس میں چلے گئے، لیکن ملک میں امن کیلئے کچھ نہیں کرتے. سید زین شاہ
26/02/2026
ڄامشورو:
عمرڪوٽ ۾ ماڇي برادريءَ جي غريب خاندانن کي پوليس وسيلي زبردستي بي دخل ڪرڻ جو عمل نهايت ئي قابلِ مذمت آهي. نسلن کان آباد رهندڙ ماڻهن کي پنهنجن گهرن کان محروم ڪرڻ سراسر ناانصافي، غيرانساني سلوڪ ۽ اختيارن جي غلط استعمال جي مترادف آهي.
جيڪڏهن ڪو قانوني تڪرار موجود بہ هجي، تڏهن بہ شهرين جي عزتِ نفس ۽ بنيادي حقن، خاص طور عورتن جي وقار ۽ حرمت جو هر صورت ۾ تحفظ يقيني بڻائڻ رياست ۽ لاڳاپيل ادارن جي ذميواري آهي. اهڙي توهين آميز ۽ ڏاڍَ تي مبني طريقي سان بي دخلي، بي حسي، نااهلي ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال جي عڪاسي ڪري ٿي.
مطالبو ڪجي ٿو تہ متاثر خاندانن کي تحفظ فراهم ڪري، معاملي جو منصفاڻو نوٽيس ورتو وڃي.
سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي عمرڪوٽ جي ڪارڪنن کي هدايت ڪئي وڃي ٿي تہ هو متاثر خاندانن سان هر حال ۾ گڏ بيهن ۽ کين هر ممڪن قانوني ۽ اخلاقي سهڪار فراهم ڪن.
سيد زين شاھ
صدر سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي
25/02/2026
اسلام آباد:
25/02/2026
سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر ۽ تحريڪ تحفظِ آئینِ پاڪستان جي مرڪزي وائيس چيئرمين سيد زين شاھ جي مصطفيٰ نواز کوکر سان سندس رھائش گاھ تي ملاقات ٿي گذري، ملاقات دوران سياسي صورتحال تي ڳالھه ٻولھه ڪئي وئي.
24/02/2026
اسلام آباد
سيد زين شاھ، صدر سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ۽ وائيس چيئرمين
تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي چئرمين تحريڪ تحفظ آئين
پاڪستان محمود خان اچڪزئي سان ملاقات
24/02/2026
حيدرآباد:
24/02/2026
قاسم آباد جي ڊرينيج جو مسئلو پيپلزپارٽي جي 18 سال حڪومت دوران اربين رپيا خرچ ڪرڻ جي باوجود حل نه ٿي سگهيو ۽ هڪ دفعو ٻيهر واڌو واھ مان نسيم ننگر چوڪ تي روڊ سوڙهو ڪري ڪروڙين رپين جي لاڳت سان ڊرينيج ڪڍڻ جي رٿا بندي ڪئي وئي آهي جيڪا پڻ ناڪام ٿيندي. ان سڄي صورتحال تي جرتمند ۽ بيباڪ صحافي سنڌ ٽي وي جي رپورٽر ظفر هَڪڙو ۽ انجمن تاجران سنڌ قاسم آباد جي اڳواڻن محبوب ابڙو جيڪو موقف ڏنو آهي انهيءَ جي حمايت ڪيون ٿا ۽ کين ملندڙ ڌمڪين ۽ ڪوڙن الزامن جي سخت مذمت ڪيون ٿا.
سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، قاسم آباد جي هر مسئلي تي آواز اٿاريندڙ ظفر هڪڙو ۽ محبوب ابڙو جي ڀرپور ساٿ ڏيندي.
روشن علي ٻرڙو
سينيئر نائب صدر
سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي
22/02/2026
گورنر هائوس کان وٺي، سنڌ اسيمبليءَ جي فلور تائين جيڪو ڪجھ ٿي رهيو آهي اهو پاڪستان پيپلزپارٽي، ايم ڪيو ايم ۽ اسٽيبلشمينٽ جي گڏيل ڪردار جو عڪس آهي. سيد زين شاھ
22/02/2026
صلاح واري ملھ
ايم ڪيو ايم پنهنجو ووٽ بچائڻ لاء سنڌ ورهائڻ جو غليظ بد نيت نعرو هڻندي آهي ۽ پ پ سنڌ جا سڀ وسيلا وڪڻي،سنڌ کي تباھ ڪري وري سنڌ بچائڻ جا نعرا هڻي سنڌين وٽ هيرو ٿيندي آهي
امير حسن پنھور(مرڪزي نائب صدر سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي)