03/05/2026
MURSHID KAREEM❤️❤️
Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Karamii Awaz Akro Sharif, Public Service, Akro Sharif Sindh, .
03/05/2026
MURSHID KAREEM❤️❤️
03/05/2026
03/05/2026
ماہانہ عظيم الشان جلسہ
دربار فضل آباد شريف ماتلی
28/11/2024
ٽن ڏينهن کان وڌيڪ سوڳ ڪرڻ جائز نه آهي....
حضرت عبدالله بن جعفر رضي الله عنہ کان روايت آهي ته (سيدنا جعفر طيار رضي الله عنہ جي شھادت بعد ) نبي ڪريم ﷺ ٽن ڏينهن کان پوءِ جعفر رضي الله عنہ جي اھل خانه وٽ آيا ۽ فرمايائون اڄ ڏينهن کان پوءِ منهنجي ڀاءُ تي نه روئجو.
پوءِ فرمايائون منھنجي ٻنھين ڀائٽن کي مون وٽ آڻيو.
اسان کي نبي ڪريم ﷺ وٽ آندو ويو ته اسان ان وقت چوزن وانگر ھياسين ( يعني عمر ۾ تمام ننڍا ٻار ھياسين) نبي ڪريم ﷺ اسان جي مٿن جا وار ڪوڙڻ جو حڪم ڏنو.
پوءِ فرمايائين: محمد ( بن جعفر) سيرت ۽ صورت جي اعتبار سان منھنجي مشابھہ آهي.
پوءِ پاڻ منھنجي ھٿ کان وٺي فرمايائون: اي الله! جعفر جي اھل خانه کي ان جو نعم البدل عطا فرماءِ ۽ عبدالله جو سودو پڪو ڪري ان ۾ برڪت عطا فرماءِ . اي الله! جعفر جي اھل خانه کي ان جو نعم البدل عطا فرماءِ ۽ عبدالله جو سودو پڪو ڪري ان ۾ برڪت عطا فرماءِ .
اي الله! جعفر جي اھل خانه کي ان جو نعم البدل عطا فرماءِ ۽ عبدالله جو سودو پڪو ڪري ان ۾ برڪت عطا فرماءِ .( يعني ھيء دعا ٽي دفعا فرمايائون).
پڌرائي:
🌼 ميدان موتہ ۾ جڏهن حضرت جعفر رضي الله عنہ جي شھادت ٿي تہ پاڻ ڪريم ﷺ پھرئين ڏينھن سندن گھر آيا ھئا. پوءِ وري ٽن ڏينهن بعد سندن گھر تشريف فرما ٿيا هئا.
ان مان اھا ڳالھ ثابت ٿئي ٿي تہ ٽئين ڏينهن عزيز اقارب اھل ميت وٽ اچي انھن کي پٿر کڻڻ جو چون. جيڪو ٽيھجو ڪيو ويندو آهي ان جو اصل مقصد به اھوئي آھي. جنهن جو ثبوت ھن حديث ۾ آهي. باقي ان ۾ جيڪي اضافي ريتون رسمون ڪيون وڃن ٿيون انھن کان ڪنارو ڪرڻ گھرجي.
🌼 ڪنھن بہ فوتي تي ٽن ڏينهن کان وڌيڪ سوڳ ڪرڻ جائز نه آهي.
البته زال پنهنجي مڙس جو سوڳ چار مھينا ۽ ڏھ ڏينهن ڪندي.
🌼 ننڍن ٻارن جا مٿا ڪوڙي ڇڏڻ گھرجن. ان ۾ بهتري آھي.
🌼 فوت شده عزيز جي تڏي تي وڃڻ گھرجي. ان جي ٻچن کي شفقت ۽ پيار ڏيڻ گهرجي. اھا صلہ رحمي آهي.
🌼 ڪنھن ٻار ناناڻن تي وڃن ته ڪي ڏاڏاڻن تي.
🌼 حضرت جعفر جي شبيه سھڻي نبي ڪريم ﷺ سان ملندي ھئي.
1: مسند احمد مخرجا 279/3
2: المعجم الکبير للطبراني 105/2
3: دلائل نبوة للبيھقي371/4
📚فضائل صحابه ص 228/229
✒️از قلم حضرت پير دلبر سائين مدني
پاران ڪرمي ميڊيا نيٽورڪ 🌎
تحريڪ انصار المسلمين پاڪستان🇵🇰
28/11/2024
اکيـــون اڄ بــه آھـــن اُڃــايــون اُڃــايــون،
سڄڻ ريءَ صحـن تي، سُڃـايـون سُڃـايـون.
تنھنجـا جـلوا جـاني ڏٺـي ڏينھـن ٿـي ويــا،
وڇـــوڙي ۾ ويـتــر نــوان نينھـن ٿـي ويـــا،
اچـي مِـلُ ته گـڏجـي ڪي عيدون ملھايون.
رڳـــو رات ڏينـھــان طـلــب تــات تنھنجــي،
مٺـل مـون کـي ھـر دم وائـي وات تنھنجـي،
محبــت جـون مُرليون مون ويھي وڄـايون.
آھـــــي دل اداســــــي، پــرت ۽ پـيــاســـي،
وڌيــــا وڍ ويــتــــر، نــگــاھـــن نـــراســـــي،
انــدر عـشـق آھُـون سڄـڻ ٿيــون سَـوايـون.
ڪندين"دلبر سائين"کي،ڪڏھن ڪول مٺڙا،
لاھيـــــن لطـــف ســـان ڏنئــي ڏيــب ڏکــڙا،
ڪـري ڪھــل ميٽيــن، مَـدايـون ميـرايــون.
ڪتاب: خَـیـَــالِ یَـــــار (صفحـہ158)
🖋️شاعري:پيـر دلبــر سـائيـن مـدنـي
🌍 ڪــرمــي میــڊيا نیـــــٽ ورڪ
تحریــڪ انصـارالمسلمين پاڪستان
4 آدمی ایسے ہی جسے الله تعاليٰ
کبھی بھی جنت میں نہیں)چہوریگا
بیاں حضرت پير دلبر سائين مدنی
KARAMI AWAZ AKRO SHAREEF LIKE AND FALOW MY PEG ALL🙏
27/11/2024
فرمان حضرت پير دلبر سائين مدنی
کرمی میڈیا نیٹ ورک اکرو شريف 🌎