Voice of Sindhi Nation - سندھی قوم کی آواز

Voice of Sindhi Nation - سندھی قوم کی آواز

Teilen

'Raising the censored voice of Sindhi Nation'

18/07/2022

زندھ آباد ...

اڄ حيدرآباد ۾ ڌاريا سنڌ خالي ڪيو مارچ ....

ڌاريا سنڌ خالي ڪيو تحريڪ زور شور سان جاري ....

16/07/2022

سارے باشعور نوجوان ٹوئیٹر پر آئیں اور اس مہم میں بھرپور حصہ لیں ؛

غیر سندھیو ! سندھ خالی کرو تحریک

Photos from ‎Voice of Sindhi Nation - سندھی قوم کی آواز‎'s post 16/07/2022

سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي پڌرائي

(16 جولائي 2022ع)

ڄامشورو : سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جو سربراھي اجلاس جي ايم سيد ايڊيفس ڄامشورو تي ڪنوينر سيد جلال محمود شاھہ جي صدارت ھيٺ ٿي گذريو. ان ۾ سنڌ جي موجودہ صورتحال تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو ۽ انھي ڳالھہ تي اتفاق ڪيو ويو تہ سنڌ اسان جو ھزارين سالن کان تاريخي وطن آھي، جنھن جا اسان سنڌي وارث آھيون. تازو حيدرآباد ۾ نوجوان بلال ڪاڪا جي بي رحمانہ قتل جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. افغان پناھگير لکن جي تعداد ۾ ڪراچي سميت سنڌ جي ننڍن وڏن شھرن ۾ آباد ٿيل آھن. جنھن سبب سنڌ جي معيشيت ۽ امن امان تباھہ ٿي چڪو آھي ۽ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ، جنھن ۾ سنڌ سرڪار مڪمل طور سھولتڪار بنيل آھي. گذريل 15 سالن کان پيپلزپارٽي سرڪار ، افغانين ۽ ٻين غير ملڪين کي شناختي ڪارڊ ، ڊوميسائل ، ووٽ ، ملڪيت ۽ ڪاروبار جو حق ڏيئي ، خاص طور تي ڪراچي ۾ افغان پناھگيرن جون ڪالونيون ۽ ڳوٺ ريگيولرائيز ڪري سنڌ جي عوام سان ناانصافي ۽ ظلم ڪندي رھي آھي. گذريل ڪجھہ ڏينھن کان افغان پناھگير ڪراچي جي سھراب ڳوٺ، ال آصف اسڪوائر، ماڊل ٽائون ۽ خاص طور ٻين سنڌي آبادين، مک شاھراھن ۽ ڪاروباري مرڪزن مٿان مصلح جٿن جي صورت ۾ حملا ڪري رھيا آھن، جيڪا ڳالھہ قابلِ مذمت آھي. سنڌ پوليس ۽ رينجرز مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آھي. افعاني پناھگير سرعام ھٿيار ۽ افغانستان جا جھنڊا کڻي پوليس ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن کي للڪاري رھيا آھن . ھن صورتحال ۾ وفاقي ۽ سنڌ حڪومت کي نوٽيس وٺي کين گرفتار ڪري افغانستان واپس موڪليو وڃي ۽ سنڌ ۾ سمورن ڪاروباري مرڪزن ۾ مصلح جٿن ۽ منشيات جي ڪاروبار کي ختم ڪيو وڃي.
خيبرپختون خواھہ ۽ ٻين صوبن مان سنڌ ۾ روزگار ڪندڙ ۽ رھندڙ پختونن ۽ ٻين قومن جي ماڻھن سان اسان جو ڪو تعصب ڪونھي پر ھن صورتحال ۾ پاڪستان جي ٻين صوبن جي شھرين کي سنڌ ۾ روزگار ۽ مزدوري ڪرڻ جو تہ حق ھئڻ گھرجي پر اسان سمجھون ٿا تہ پاڪستان ۾ شھريت ڏيڻ جو اختيار صوبائي حڪومتن کي ھئڻ گھرجي، ان ڪري ٻين صوبن مان آيل ماڻھن کي ووٽ ، ملڪيت، خريد ڪرڻ ۽ ڊوميسائل پي آر سي جو اختيار نہ ھجڻ گھرجي. اسان ٻين قومن بشعمول پختونن جي قومي قيادتن کي واضع ڪرڻ چاھيون ٿا تہ اھي سنڌ جي ان جائز مطالبن ۾ سنڌ سان گڏ بيھن.اسان سمورن سنڌ دوست پرامن سياسي ۽ قومي ڪارڪنن کي جس ڏيون ٿا جن ھنن ڏکين گھڙين ۾ پرامن احتجاجن ذريعي سنڌ جي حقن لاءِ جدوجھد ڪئي ۽ پنھنجي قوم کي پرامن ڪرڻ ۾ مثبت ڪردار ادا ڪيو.
اڄوڪو اجلاس متفقہ راءِ سان گُھر ڪري ٿو :
1. بلال ڪاڪا جي قاتلن کي گرفتار ڪري سندس خون سان انصاف ڪيو وڃي.
2. افغان پناھگيرن سميت ٻين سمورن غيرقانوني پرڏيھي پناھگيرن کي پنھنجن ملڪن ڏانھن واپس موڪليو وڃي.
3. موثر قانون سازي وسيلي پاڪستان جي ٻين صوبن مان سنڌ ۾ روزگار لاءِ آيل ماڻھن کي ڊوميسائل، پي آر سي شناختي ڪارڊ، ملڪيت خريد ڪرڻ ۽ ووٽ جي حق کان محروم ڪيو وڃي.
4. ڪراچي ۾ افغان پنھگيرن ۽ ٻين غير قانوني پرڏيھين جي ڪچين آبادين کي ريگيولرائيز ڪرڻ واري سنڌ اسيمبلي مان پاس ڪيل بل کي واپس ورتو وڃي.
5. آبادين ۽ مين شاھراھن تي پرتشدد ڪندڙ ڪارواين ۽ حملن ۾ ملوث افغانين کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي.
6. سڄي سنڌ مان گرفتار ڪيل پرامن قومي ڪارڪنن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي.
اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو تہ مٿين مطالبن جي مڃتا لاءِ 21 آگسٽ 2022ع تي حيدرآباد ۾ سنڌ ايڪشن ڪاميٽي طرفان جلسہ عام ڪيو ويندو.
اڄوڪي اجلاس ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي، جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو، قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجو، عوامي جمھوري پارٽي جي صدرلعل شاھہ، پورھيت مزاحمت جي صدر مسرور شاھہ،جسقم اڳواڻ ارباب ڀيل، جيئي سنڌ محاذ سربراھہ عبدالخالق جوڻيجو، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي سيڪريٽري ھالار رتڙ، انڊيجينيئس الائنس جي اڳواڻ سيد خدا ڏنو شاھہ، جسقم اڳواڻ ديدار شام ، انڊس لائيرس فورم جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ عاقب راڄپر، جيئي سنڌ محاذ (س) جي اڳواڻ آدم ٻٽ، سنڌي ادبي سنگت جي اڳواڻ نعيم ملڪ، سيد زين شاھہ، تاج جويو، روشن علي ٻرڙو ، حيدر شاھاڻي، نواز شاھہ ڀاڏائي، مير احمد منڱريو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

02/07/2022

2 جولاء 712ع
کان
2 جولاء 2022ع

سنڌ جي دنگن ۽ ننگن لاء وڙھندي شهيد ٿيندڙ شهيد اعظم راجا ڏاهر جي 1310 هين يوم شهادت جي موقعي تي کيس قومي سلام پيش ڪجي ٿو.

16/06/2022

16 جون 2020ع کان 16 جون 2022ع

شھيد نياز لاشاري سنڌوديش جي آزادي لا۽ پنھنجي جان ڌرتي تان قربان ڪئي،
شھيد نياز لاشاري جي ٻين ورسي جي موقعي تي کين قومي سلام پيش ڪريون ٿا.

سنڌي قوم اوھان کي ھميشھ ياد رکندي .

06/06/2022

6 جون ، یومِ مزاحمت

لاڑکانہ ؛

جیئے سندھ قومی محاذ چیئرمین صنعان خان قریشی کی رہنمائی میں آج لاڑکانہ میں بحریہ ٹائون، ڈی ایچھ اے، کمانڈر سٹی و دیگر نو آبادیاتی منصوبوں کے خلاف مارچ ....


29/05/2022

جي ڪنهن راھ اجل جي ورتي آ
هن ڀُونء ڪئي نئين ڀرتي آ .....✌

Photos from ‎Voice of Sindhi Nation - سندھی قوم کی آواز‎'s post 29/05/2022

لاڑکانہ میں لاپتا افراد آزادی مارچ، جبری لاپتا انصاف دایو کو 5 سال مکمل،
جون میں میہڑ میں مسنگ پرسنز آزادی مارچ کا اعلان؛

(لاڑکانہ، 29 مئی 2022ع)

وائس فار مسنگ پرسنز آف سندھ ، سندھ سجاگی فورم اور لاپتا افراد کے لواحقین کی طرف سے لاڑکانہ سے جبری لاپتا کارکن انصاف دایو کی جبری گمشدگی کو 5 سال مکمل ہونے پر آج لاڑکانہ میں انصاف دایو سمیت تمام لاپتا افراد کی آزادی کے لیئے "لاپتا افراد آزادی مارچ" کیا گیا، جس کی رہنمائی وائس فار مسنگ پرسنز آف سندھ کے رہنما اور نامور سندھی ادیب تاج جویو، جسقم رہنما سرفراز میمن،لاپتا انصاف دایو کی ہمشیرہ اقصیٰ دایو، لاپتا مرتضیٰ جونیجو کی بیٹی پارس جونیجو، فقیر شبیر لغاری اور دیگر لاپتا افراد کے لواحقین نے کی۔

احتجاجی مارچ میں میہڑ سے جبری لاپتا ظفر چانڈیو ، قمبر سے لاپتا محمد علی چانڈیو ،کراچی سے لاپتا سجاد برڑو اور پرویز سرگانی و دیگر لاپتا افراد کی فیملیز نے بڑے تعداد میں شرکت کی۔

لاڑکانہ پریس کلب کے سامنے میڈیا سے بات کرتے ہوئے تاج جویو،سرفراز میمن، اقصیٰ دایو اور دیگر رہنمائوں نے کہا کہ سندھ کے مختلف شہروں سے 70 سے زائد سندھی کارکنان کو پاکستانی فورسز ،رینجرز ،پولیس اور ایجنسیوں نے اٹھاکر جبری لاپتا کردیا ہے۔ انصاف دایو کو لاڑکانہ کے نظر محلہ سے اٹھایا گیا تھا، جسے آج 5 سال مکمل ہوئے ہیں۔ ایوب کاندھڑو اور مرتضیٰ جونیجو کو بھی 5 سال ہوگئے ہیں۔ کاشف ٹگڑ ، ظفر چانڈیو اور پٹھان خان زہرانی کو 3 سال ہوگئے ہیں۔ امداد شاہ اور سرویچ نوحانی کو ڈیڑھ سال سے زائد وقت ہوگیا ہے۔ تازہ کراچی سے پرویز سرگانی اور سجاد برڑو سمیت متعدد قومپرست کارکنان کو اٹھاکر جبری لاپتا کردیا گیا ہے۔ قمبر سے مزدور محمدعلی چانڈیو، جامشورو سے مظفر قمبرانی، میہڑ سے ظفر قمبرانی ، سیہون سے وزیر نوحانی اور معصوم بچے عرفان نوحانی ، کوٹری سے زاہد چنا، شاہد سومرو اور عزیز قمبرانی کو اٹھاکر جبری لاپتا کردیا گیا ہے۔ جبکہ ابھی بھی سندھ کے مختلف گائوں اور شہروں سے سندھی کارکنان کی جبری گمشدگیاں جاری ہیں۔

ہم سپریم کورٹ آف پاکستان سمیت تمام اعلیٰ عدلیہ اور انسانی حقوق کے اداروں کو اپیل کرتے ہیں کہ سندھ بھر سے جبری لاپتا کارکنان کا نوٹیس لیں اور انہیں بازیاب کرانے میں ہماری مدد کریں۔ اگر ان پر کوئی کیس ہیں تو انہیں عدالتوں میں پیش کیا جائے۔

اس موقع پر رہنمائوں نے کہا کہ حالیہ دنوں میں میہڑ، دادو، قمبر ، سیہون اور اس کی پسگردائی سے متعدد لوگ اٹھاکر جبری لاپتا کیئے گئے ہیں، اس لیئے اب ہم جون کے مہینے میں میہڑ شہر میں "لاپتا افراد آزادی مارچ" کرنے کا اعلان کرتے ہیں۔

پریس رلیز جاری کردہ
سورٹھ لوہار ، چیئرپرسن
وائس فار مسنگ پرسنز آف سندھ

Photos from ‎Voice of Sindhi Nation - سندھی قوم کی آواز‎'s post 28/05/2022

جيئي سنڌ پاران سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ وڃي سنڌ جي آزاديء جو پيغام پهچائڻ ۽ ڳوٺاڻين ڪچهرين جو سلسلو شروع ڪرڻ وارو عمل قومي سجاڳي ۽ قومي آزادي واري جدوجهد ۾ نئون روح ڦوڪيندو ....

زندھ آباد ساٿيو ...
ساٿ هلندو رهي ، لاٽ ٻرندي رهي ....✌✌

19/05/2022

ڪائنر سڀ ڄمار ، سورھيه ساعت هڪڙي ...

سنڌ وطن جي آزايء لاء پنهنجي ڀرپور جوانيء ۾ شهيد ٿيندڙ سنڌ جي قومي شهيد الهڏنو راهمون ۽ نواب راهمون کي قومي سلام پيش ڪجي ٿو ....

(وائيس آف سنڌي نيشن)


Photos from ‎Voice of Sindhi Nation - سندھی قوم کی آواز‎'s post 19/05/2022

ڪائنر سڀ ڄمار ، سورھيه ساعت هڪڙي ...

سنڌ وطن جي آزايء لاء پنهنجي ڀرپور جوانيء ۾ شهيد ٿيندڙ سنڌ جي قومي شهيد الهڏنو راهمون ۽ نواب راهمون کي قومي سلام پيش ڪجي ٿو ....

(وائيس آف سنڌي نيشن)


Wollen Sie Ihr Service zum Top-Regierungsdienstleistung in Geneva machen?

Klicken Sie hier, um Ihren Gesponserten Eintrag zu erhalten.

Lage

Adresse


15
Geneva