09/10/2026
امير ٿيڻ جو اصل راز — محنت، تعليم ۽ ڪاروبار!
توهان ڀلي ڪيتري به ايمانداري ۽ محنت سان مزدوري يا نوڪري ڪريو، پر صرف پگهار تي ڀاڙڻ سان مالي طور مضبوط ٿيڻ ڏکيو ٿي سگهي ٿو. خوشحال زندگيءَ لاءِ محنت سان گڏ صحيح سوچ، تعليم ۽ ڪاروبار جي به وڏي اهميت آهي.
خوشحاليءَ ڏانهن پهريون قدم پنهنجي ٻارن کي معياري تعليم ڏيارڻ آهي. تعليم ئي اها طاقت آهي، جيڪا انسان کي بهتر مستقبل جا موقعا فراهم ڪري ٿي.
ان کان پوءِ پنهنجي وس آهر ڪو ننڍو، صاف سٿرو ۽ عزت وارو ڪاروبار شروع ڪريو، جيئن سبزي ۽ فروٽ جو ڪاروبار، ريزڪي دڪان، اٽي جي چڪي، جنرل اسٽور، ڪپڙي جو ڪاروبار، اناج جي خريد ۽ فروخت يا ٻيا اهڙا ڪاروبار.
ياد رکو! ڪو به ڪاروبار ننڍو يا وڏو ناهي هوندو؛ اصل اهميت ايمانداري، محنت ۽ حلال روزي جي آهي. ننڍڙي شروعات به وقت سان گڏ وڏي ڪاميابيءَ جو سبب بڻجي سگهي ٿي.
پنهنجي اولاد کي تعليم ڏيو، پنهنجي وس آهر ڪاروبار کي هٿي وٺرايو ۽ پنهنجي محنت سان هڪ بهتر مستقبل ٺاهيو. اهڙيءَ طرح گهر جو گذر سفر بهتر ٿي سگهي ٿو، معاشي خودمختياري حاصل ڪري سگهجي ٿي ۽ سماج ۾ عزت ۽ وقار سان زندگي گذاري سگهجي ٿي.
محنت توهان جي، ڪاميابي الله جي فضل سان!
— سنڌ ٺاڪور اتحاد