25/12/2025
سنڌي ادبي سنگت شاخ دادو پاران سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر غلام الدين بلوچ ۽ ٻاراڻي ادب جي بهترين شاعر اقبال شينو جي ورسي پريس ڪلب دادو جي هال ۾ ڀرپور نموني سان ملهائي وئي. تقريب ۾ شهر جي اديبن، شاعرن، استادن، شاگردن ۽ ادب دوست ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
پروگرام جي صدارت نامياري اديب، اسڪالر ۽ سنڌ يونيورسٽي ڪمپس دادو جي پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر اظهر علي شاهه صاحب ڪئي، جڏهن ته مهمان خاص طور ناميارو اديب محترم خليل عارف سومرو شريڪ ٿيو. تقريب ۾ اعزازي مهمان طور سنڌ فنڪار ويلفيئر آرگنائيزيشن (سفوا) سنڌ جي چيئرمين لالا رفيق احمد زئونر، ناميارو شاعر تابش بخاري، ڪاشف احمد بلوچ ۽ اختر حسين شينو پڻ شرڪت ڪئي.
تقريب جي شروعات شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري سان محترم رجب راز ڀٽي ڪئي، جڏهن ته آجياڻو سنڌي ادبي سنگت دادو جي خزانچي صوفي غلام مصطفيٰ پيش ڪيو. تقريب جي سڄي ڪاروائي سنگت جي سيڪريٽري سجاد يوسف وڏي سليقے سان هلائي، هن تقريب ۾ ناليواري اداڪار لالا فيروز ڪنڀر جي معصوم نياڻي جي المناڪ وڇوڙي تي 2 منٽن جي خاموشي ڪئي وئي.
تقريب کي خطاب ڪندي صدارتي مهمان ڊاڪٽر اظهر علي شاهه چيو ته غلام الدين بلوچ ۽ اقبال شينو سنڌي ادب جا اهڙا نالا آهن، جن پنهنجي قلم وسيلي سماج کي سجاڳي، شعور ۽ ٻارن جي ذهني اوسر ڏني. خاص طور اقبال شينو ٻاراڻي ادب ۾ جيڪا خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، اهي هميشه ياد رکيون وينديون. هن وڌيڪ چيو ته ٻارن لاءِ ادب لکڻ دراصل قوم جو مستقبل سنوارڻ آهي.
مهمان خاص خليل عارف سومرو چيو ته غلام الدين بلوچ جي شاعريءَ ۾ ڌرتي، انسانيت ۽ احساسن جي گهري جھلڪ ملي ٿي هو وزن بحر جو انتهائي پڪو پختو شاعر هيو سندس شاعري ۾ وطن دوستي، عشق ۽ انسانيت سان محبت جا ڪيئي مثال ملن ٿا، جڏهن ته اقبال شينو ٻارن جي دنيا کي شاعري وسيلي رنگين بڻايو، ٻاراڻو ادب لکڻ لاء ٻار ٿيڻو ٿو پوي ذهن کي ٻاراڻي اپروچ تي پهچائڻو ٿو پوي.
تقريب کي خطاب ڪندي لالا رفيق احمد زئونر، تابش بخاري، ڪاشف احمد بلوچ، اختر حسين شينو، رجب آزاد، ظفر شينو پڻ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو ۽ ٻنهي مرحوم شاعرن جي ادبي خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪندي هنن چيو ته
اهڙن اديبن جون ورسيون ملهائڻ نئين نسل کي پنهنجي ادبي ورثي سان جوڙڻ جو بهترين ذريعو آهي، سنڌي ادب جي بقا ۽ واڌاري لاءِ اهڙيون تقريبون انتهائي اهم آهن، تقريب کي هدايت حسين شاھ لڪياري، محمد عمر شيخ، ساس پيارو جي سيڪريٽري شاهد چانڊيو، عمران سومرو، اميد سنڌي، وريام سنڌي، موريل پنهور،
غلام مرتضيٰ شيخ، عاشق دادوي، اسد ڪورائي، گل حسيني، ,رئيس شاهنواز ٻٻر، رئيس فياض ٻٻر,غلام
حسين سيال, اسلم پنهور, سھيل سيال, احمد خان لاشاري، امجد قمبراڻي، غلام سرور شيخ، علي گوهر سومرو، نثار گوهر سومرو، مير منظور، اياز سيفي، راهب جمالي، آسي بدر چنہ، فقير محمد، راجا رفيق، زين شاھ، ابل اداس، شعبان آزاد، وقار سولنگي، شفيق قريشي ۽ ٻين شهر جي ادبي، علمي، سياسي سماجي شخصيتن خطاب ڪيو.