26/10/2026
قائداعظم يونيورسٽي ۾ ھولي ملھائڻ جي ڏوھ ۾ شاگردن جون داخلائون رد ۽ انتقامي ڪاروايون:
قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد ۾ هولي ملهائڻ جي ڏوھ ۾ يونيورسٽي انتظاميا پاران سنڌي شاگردن خلاف انتقامي ڪاروايون ڪيون ويون آھن جيڪي انتهائي ڳڻتي جوڳو عمل آهن.
15 جون، 2026 تي مھراڻ اسٽوڊنٽس ڪائونسل ھولي جو ڏينھن مقرر ڪيو ۽ ان لاء انتظاميان کان اجازت لاء مسلسل ٽي ڏينھن ڪوشش ڪئي وئي جنھن تي ڳالھايون ناڪام رھيون ۽ انتظاميان پنھنجي انا تي قائم رھي جيڪو ھر سال وانگر ٿيندو آھي، ان ڏينھن تمام قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد جا شاگرد ھٿن ۾ رنگ کڻي امن جي پيغام لاء ھولي لاء پھتا تہ انتظاميان اسلام آباد پوليس ۽ سيڪيورٽي گارڊن سان شاگردن تي حملو ڪيو ۽ ڪيترا ئي شاگرد زخمي ٿيا، ان کان پوء پروگرام کي پرامن ماحول ۾ شام جي وقت جلايو ويو. ان سڄي عمل ۾ شاگردن جو نقصان ٿيو پر يونيورسٽي انتظاميا الٽو شاگردن تي انتقامي ڪاروايون ڪري رھي آھي.
• هولي ملهائڻ جي بنياد تي 2 شاگردن جي يونيورسٽي جي داخلا ختم ۽ انٽري بين ڪيو ويو آھي.
• ڪيترن ئي سنڌي شاگردن کي هڪ سيمسٽر جي سزا طور رزلٽ روڪي وئي آھي
• مٿن مجموعي طور تي هزارين رپين جو وڏو ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي.
• ڊگري لاء ويندڙ آخري سال جي شاگردن کي مسلسل حراسان ڪيو پيو وڃي ۽ انھن جي ڊگري لاء مسلسل شاگردن کي آفيسن جا چڪر لڳرائي رھيا آھن.
مھراڻ اسٽوڊنٽس ڪائونسل سمجهي ٿي تہ سنڌي شاگردن کي پنهنجي ثقافت ۽ روايتن سان وابستگيءَ جي اظهار کان روڪڻ ۽ ثقافتي تقريبن جي حوالي سان سخت انتقامي ڪاروايون ڪرڻ، يونيورسٽيءَ انتظاميان طرفان نه صرف شاگردن جي مستقبل ۽ تعليم جو بنيادي حق کسڻ سان گڏوگڏ تعليمي ادارن ۾ ثقافتي ھم اھنگي ۽ رواداري کيس روڪڻ جون ناڪام ڪوششون جاري آھن
اداري جو بنيادي مقصد شاگردن ۾ علم، شعور، برداشت ۽ مختلف ثقافتن جي احترام کي هٿي ڏيڻ آهي، نه ڪي کين پنهنجي ثقافتي سڃاڻپ جي اظهار تي سزا ڏيڻ.
مھراڻ اسٽوڊنٽس ڪائونسل جو واضح موقف آهي ته سنڌي شاگرد پنهنجي ثقافت، ٻولي ۽ روايتن سان وابستگيءَ جو اظهار ڪرڻ جو حق رکن ٿا. اسان مطالبو ڪريون ٿا تہ
1. شاگردن خلاف ڪيل انتقامي ۽ انتظامي ڪاررواين تي نظرثاني ڪئي وڃي،
2. داخلا خارج ڪيل شاگردن جي معاملي جو منصفاڻو جائزو وٺندي انھن جي داخلا بحال ڪري تعليمي مستقبل بچايو وڃي.
3. يونيورسٽيءَ ۾ سڀني شاگردن لاءِ پنهنجي ثقافتي سرگرمين کي پرامن انداز ۾ ملهائڻ جو هڪجهڙو ۽ منصفاڻو ماحول يقيني بڻايو وڃي.
هولي سنڌ جي ثقافتي رنگارنگي ۽ گڏيل سماجي زندگيءَ سان جڙيل هڪ اهم تقريب آهي. سنڌ جي ڌرتي هميشه مختلف ٻولين، مذهبن ۽ ثقافتن جي گڏيل وجود ۽ رواداريءَ جي روايتن جي امين رهي آهي. سنڌي شاگردن جي ثقافتي سرگرمين کي روڪڻ ۽ انهن جي سڃاڻپ جي اظهار تي پابنديون مڙهڻ واري روش کي ڪنهن به صورت ۾ قبلو نٿو ڪري سگهجي. ثقافتي سرگرمين کي پرامن طور تي ملھائڻ جو اظهار اسان جو حق آهي.
انفارميشن سيل:
مھراڻ اسٽوڊنٽس ڪائونسل
قائداعظم يونيورسٽي، اسلام آباد