Sindh Shagird Mahaz

Call Directions

Sindh Shagird Mahaz سنڌ شاگرد محاذ ھڪ ترقي پسند، وطن دوست ۽ کاٻي ڌر سان سلھاڙيل شاگرد تنظيم آھي.

پريس ريليز 26/10/2026سنڌ شاگرد محاذ! جيئي سنڌ جيئي شاگرد سياست جيئي شاگرد جدوجھد قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد ۾ ھولي تھ...
26/10/2026

پريس ريليز 26/10/2026
سنڌ شاگرد محاذ!
جيئي سنڌ
جيئي شاگرد سياست
جيئي شاگرد جدوجھد
قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد ۾ ھولي تھوار ملھائڻ تي يونيورسٽي انتظاميا جي طرفان شاگردن جي داخلا ختم ڪرڻ ۽ انهن تي ڏنڊ رکڻ، شاگرد ۽ تعليم دشمن فيصلو سمجھون ٿا ۽ اھڙي فيصلي جي سخت لفظن ۾ مزمت ڪيون ٿا.
قائد اعظم يونيورسٽي اسلام آباد مھراڻ اسٽوڊنٽ ڪائونسل جي طرفان ھولي تھوار ملھائڻ جو پروگرام منعقد ڪيو ويو ھيو جيڪو ھر سال جيان ملھايو وڃي ٿو ان تي انتظاميه سنڌي شاگردن جي داخلا ختم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو جيڪو ھڪ انتھائي ڪريل فيصلو آھي شاگرد جيڪي قوم جو معمار آھن انھن جي داخلا ختم ڪرڻ سان ثابت ٿو ٿئي ته انتظاميه سنڌي شاگردن سان تعصب وارو رويو اختيار ڪري رھي آھي ۽ سنڌي شاگردن جي سياسي ۽ تهذيبي سرگرمي برداشت نه ٿي ڪري سگھي جنھن پنھنجي تعصب وارو رويو اختيار ڪندي سنڌي شاگردن جي داخلا ختم ڪئي آھي. سنڌ شاگرد محاذ ھن فيصلي جي سخت لفظن ۾ مزمت ڪندي مطالبو ڪري ٿو ته شاگردن جي داخلا بحال ڪئي وڃي ۽ هر قوم جي شاگرد کي پنهنجي ٻولي، ثقافت، تهذيب ۽ تاريخ سان محبت ڪرڻ کان ڪير به روڪي نٿو سگهي، سنڌ شاگرد محاذ انتظاميا کي چتاءُ ٿو ڏيئي ته جلد کان جلد شاگردن جي داخلا ختم ڪرڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي ۽ شاگردن کي پنهنجا ثقافتي تهوار ملهائڻ جي مڪمل اجازت هجڻ گهرجي گڏوگڏ اھڙيون شاگرد دشمن پاليسيون ختم ڪيون وڃن.
جيئي شاگرد سياست
جيئي شاگرد جدوجھد.
جاري ڪندڙ :
سنڌ شاگرد محاذ.

21/10/2026

سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ (پي آر ايس ايف Prsf) جي احتجاجي ريلي ۾ جيڪا انتظاميه پاران شاگردن سان پيش ايندڙ مختلف مسئلن فيسن ۾ واڌارو، ھاسٽلن ۾ سھولتن جي کوٽ، ڪينٽين تي کاڌي جو نظام خراب، مين گيٽ جي سامھون فلاحي اوور ۽ زيبرا ڪراسنگ نه ھئڻ ۽ زرعي يونيورسٽي جي خوبصورتي وڻن جي واڍي خلاف ھئي، انھي ۾ سنڌ شاگرد محاذ طرفان قربان عالماڻي ڊپٽي چيف آرگنائيزر حيدرآباد پنھنجو موقف اظھاريندي.

21/10/2026

محمد علي جناح يونيورسٽي جي ڊائيريڪٽر ايڊمنسٽريشن پاران موڪليل غنڊن جو سيڪيورٽي انچارج محمد عباس جي سربراھي ۾ شاگردن تي تشدد پوليس تماشائي بڻيل

20/10/2026

ALERT 🚨

Every passing day another case of threats and black mail surfaces the story board of Muhammad Ali Jinnah University (MAJU).

Today the university's security In-Charge Muhammad Abbas detained a student in his office in the basement of the university, tortured the student verbally and assaulted them physically.

Join us tomorrow for a peaceful protest outside MAJI gate

Time: 10 am
Date: 21st october
Venue: MAJU gate

19/10/2026

The SZABUL Students Council proudly announces a Guest Speakers For the Study Circle on “Student Politics: The Untold History of Student Resistance.”

The session will feature distinguished speakers:
🎙️ Hasnain Javed Buledi
Former President, SZABUL Students Council

🎙️ Ghulam Murtaza Jagirani
Former President, SZABUL Students Council

🎙️ Shahanshah Hussain Shar
Chairman, Sindh Shagird Mahaz

📅 Date: Tuesday, 20 October 2026
⏰ Time: 11:00 AM onwards
📍 Venue: Cafeteria, SZABUL

Join us for an insightful discussion on student politics, resistance, and the enduring voice of students.

پڌرائيسنڌ شاگرد محاذ مرڪز پاران سنڌ يونيورسٽيءَ ضلعي جي آرگنائيزنگ باڊيءَ جو اعلان ڪيو وڃي ٿو. هيءَ آرگنائيزنگ باڊي يوني...
19/10/2026

پڌرائي

سنڌ شاگرد محاذ مرڪز پاران سنڌ يونيورسٽيءَ ضلعي جي آرگنائيزنگ باڊيءَ جو اعلان ڪيو وڃي ٿو. هيءَ آرگنائيزنگ باڊي يونيورسٽيءَ اندر شاگردن کي منظم ڪرڻ، شاگردن جي بنيادي، تعليمي ۽ جمهوري حقن لاءِ جدوجهد کي اڳتي وڌائڻ ۽ شاگرد سياست جي شعوري، فڪري ۽ تنظيمي روايت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي.

سنڌ جي موجوده حالتن ۾ شاگردن جي ذميواري آهي ته هو تعليم، سماجي انصاف، قومي حقن ۽ عوامي مسئلن بابت شعور پيدا ڪن ۽ شاگردن جي گڏيل جدوجهد کي منظم ڪن. سنڌ شاگرد محاذ جو مقصد شاگردن کي هڪ اهڙي پليٽ فارم تي متحد ڪرڻ آهي، جتي هو پنهنجي حقن جي حاصلات سان گڏ سنڌ جي سماجي، سياسي ۽ تعليمي مسئلن بابت پنهنجو تاريخي ڪردار ادا ڪري سگهن.

جاري ڪندڙ
سنڌ شاگرد محاذ مرڪز

جيئن ته گزريل 6 مهينن کان اسان شاگردن جي بحالي ۽ پنھنجي جائز حقن لاءِ انتظاميه جا در بار بار کڙڪايا انتظاميه سان مسلسل ر...
19/10/2026

جيئن ته گزريل 6 مهينن کان اسان شاگردن جي بحالي ۽ پنھنجي جائز حقن لاءِ انتظاميه جا در بار بار کڙڪايا انتظاميه سان مسلسل رابطا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هرممڪن پر امن طريقي سان پنهنجا مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ مسلسل ڪوششون ڪيون پر ان جي باوجود انتظاميه ڪو به تسلي بخش حل فراهم نه ڪري سگھي

اسان جي مسلسل جدو جهد اپيلن ۽ انتظار باوجود انصاف نه ملڻ سبب هاڻي اسان محمد علي جناح يونيورسٽي جي گيٽ جي سامهون پر امن احتجاج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي
اسان اهو سمجھون ٿا تعليم هر شاگرد جو بنيادي حق آهي ۽ ڪنهن به شاگرد کي پنهنجي جائز تعليمي حقن کان محروم نٿو رکي سگھجي.
انهي سلسلي ۾ اسان سمورن با شعور شاگردن،شاگرد تنظيمن، سياسي اڳواڻن ۽ انصاف پسند دوستن کي محمد علي جناح يونيورسٽي جي گيٽ جي سامهون ٿيندڙ هن پر امن احتجاج ۾ شرڪت ڪرڻ جي دعوت ٿا ڏيون، اچي ڪري اسان جي هن حق پرست جدوجهد ۾ ڀرپور ساٿ ڏين.
اسان اهو واضح ٿا ڪرڻ چاهيون جيسي تائين اسان جا جائز مطالبا نه مڃا ويندا اسان پنهنجو احتجاج جاري رکندا سين

21-10-2026 اربع
10 بجه
هنڌ : محمد علي جناح يونيورسٽي شاهراءِ فيصل لڳ لال ڪوٺي بس اسٽاپ.

محمد علی جناح یونیورسٹی کے گیٹ کے سامنے پُرامن احتجاج کی کال

گزشتہ چھ ماہ سے ہم طلبہ کی بحالی اور اپنے جائز حقوق کے حصول کے لیے یونیورسٹی انتظامیہ کے دروازے بار بار کھٹکھٹاتے رہے ہیں۔ ہم نے انتظامیہ سے مسلسل رابطہ کرنے اور ہر ممکن پُرامن طریقے سے اپنے مسائل حل کروانے کی کوشش کی، لیکن اس کے باوجود انتظامیہ کوئی تسلی بخش حل فراہم کرنے میں ناکام رہی۔

ہماری مسلسل جدوجہد، اپیلوں اور طویل انتظار کے باوجود انصاف نہ ملنے کے باعث اب ہم نے محمد علی جناح یونیورسٹی کے گیٹ کے سامنے پُرامن احتجاج کرنے کا فیصلہ کیا ہے۔

ہم سمجھتے ہیں کہ تعلیم ہر طالب علم کا بنیادی حق ہے اور کسی بھی طالب علم کو اس کے جائز تعلیمی حقوق سے محروم نہیں کیا جا سکتا۔

اسی سلسلے میں ہم تمام باشعور طلبہ، طلبہ تنظیموں، سیاسی رہنماؤں اور انصاف پسند دوستوں کو محمد علی جناح یونیورسٹی کے گیٹ کے سامنے ہونے والے اس پُرامن احتجاج میں شرکت کی دعوت دیتے ہیں، تاکہ وہ ہماری اس حق پرستانہ جدوجہد میں بھرپور ساتھ دیں۔

ہم واضح کرنا چاہتے ہیں کہ جب تک ہمارے جائز مطالبات تسلیم نہیں کیے جاتے، ہم اپنا احتجاج جاری رکھیں گے۔

تاریخ: 21 اکتوبر 2026، بروز بدھ
وقت: صبح 10 بجے
مقام: محمد علی جناح یونیورسٹی، شاہراہِ فیصل، لال کوٹھی بس اسٹاپ کے قریب، کراچی

18/10/2026
پريس پڌرائي:سنڌ شاگرد محاذ پاران سنڌ يونيورسٽي جي سي سي لان ۾ "سنڌ جي شاگرد سياست: تاريخي ڪردار ۽ موجوده وقت ۾ ذميواريون...
17/10/2026

پريس پڌرائي:

سنڌ شاگرد محاذ پاران سنڌ يونيورسٽي جي سي سي لان ۾ "سنڌ جي شاگرد سياست: تاريخي ڪردار ۽ موجوده وقت ۾ ذميواريون" جي عنوان ھيٺ شاندار ليڪچر پروگرام منعقد ڪيو ويو. ويهڪ ۾ يونيورسٽي جي باشعور نوجوان شاگردن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. پروگرام دوران سنڌ کي درپيش مسئلن، شاگردن جي تاريخي جدوجهد ۽ هاڻوڪي حالتن ۾ قومي ۽ شعوري ذميوارين بابت تفصيلي ڳالھ ٻولھ ٿي گذري.

ليڪچر پروگرام کي سنڌ شاگرد محاذ جي مرڪزي چيف آرگنائيزر شهنشاھ حسين ۽ پورهيت مزاحمت تحريڪ جي اڳواڻ وجاهت حسين جاگيراڻي خطاب ڪيو. مقررين ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي شاگرد سياست هميشه مظلوم طبقن جي حقن ۽ تاريخي جدوجهد ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي. اڄ جي موجوده دور ۾ جڏهن سنڌ نئين چئلينجن ۽ مسئلن سان منهن ڏئي رهي آهي، تڏهن سنڌ جي باشعور نوجوانن تي اها ذميواري عائد ٿئي ٿي ته اهي پنهنجو فڪري ۽ علمي ڪردار براهِ راست ادا ڪن. هنن زور ڏنو ته شاگرد تحريڪون ئي سماج ۾ شعور ۽ مزاحمت جو روح ڦوڪينديون آهن.
پروگرام جي پڄاڻي تي سوال جواب جو سلسلو پڻ ھليو ۽ آخر ۾ شرڪت ڪندڙ سمورن شاگردن، خاص طور سنڌين نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي ساٿين جو شڪريو ادا ڪيو ويو جن جو ھن پروگرام کي شاندار ۽ ڪامياب بڻائڻ ۾ ساٿ رھيو.

جاري ڪندڙ:
سنڌ شاگرد محاذ

15/10/2026

حمايت جو اعلان

سنڌين نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن پاران سڀاڻي شام 5 وڳي سي سي لان سنڌ يونيورسٽي ۾ ”سنڌ جي شاگرد سياست جو تاريخي ڪردار ۽ موجوده حالتن ۾ ذميواري“ جي عنوان هيٺ سنڌ شاگرد محاذ پاران ٿيندڙ ليڪچر پروگرام جي ڀرپور حمايت جو اعلان ڪجي ٿو.

اھڙي ليڪچر پروگرام جو انعقاد وقت جي اهم ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته اهڙا پروگرام شاگردن ۾ تاريخي شعور، سياسي سمجهه ۽ سماجي ذميواريءَ جو احساس پيدا ڪن ٿا.

سنڌين نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن سڀني شاگردن کي اپيل ڪري ٿي ته هو سنڌ شاگرد محاذ پاران ٿيندڙ هن علمي ۽ فڪري پروگرام ۾ ڀرپور شرڪت ڪن ۽ سنڌ جي شاگرد سياست جي تاريخ، موجوده چئلينجن ۽ مستقبل جي ذميوارين بابت بحث ۾ پنهنجو حصو شامل ڪن.

سنڌين نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن SNSF
سنڌ يونيورسٽي

Address

Hyderabad

Telephone

+923020033795

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Sindh Shagird Mahaz posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share