Ibn-e-rushd library

Directions

Ibn-e-rushd library A library free for all at hydreabad Sindh, Pakistan founder: professor Arshad Hussain soomro.

"Teaching is the one profession that creates all other professions.
20/09/2026

"Teaching is the one profession that creates all other professions.

inauguration of new office of firm m/s muhhamad Ali rajput law associates by our professor sir Arshad Hussain soomro,❤️
12/09/2026

inauguration of new office of firm m/s muhhamad Ali rajput law associates by our professor sir Arshad Hussain soomro,❤️

06/09/2026
New President HDBA, Shakir Nawaz Shar visited our  Ibn-e-rushd library📚 Hyderabad and meet our mentor professor sir Arsh...
22/08/2026

New President HDBA, Shakir Nawaz Shar visited our Ibn-e-rushd library📚 Hyderabad and meet our mentor professor sir Arshad Hussain soomro. ❤️

    Jurist Justice
23/07/2026

Jurist Justice

‎‎ابنِ رشد لائيبريري — علم، شعور ۽ اميد جو روشن مينار !!‎‎تحرير : نياز احمد راھوڪڙو   ‎‎زندگي جي ھن مختصر سفر دوران مون ...
17/07/2026

‎
‎ابنِ رشد لائيبريري — علم، شعور ۽ اميد جو روشن مينار !!
‎
‎تحرير : نياز احمد راھوڪڙو
‎
‎زندگي جي ھن مختصر سفر دوران مون ڪيترين ئي لائيبرين ۾ وقت گذاريو آهي. اڪثر لائيبريريون خاموشيءَ جون علامتون هونديون آهن، جتي ڪتاب المارين ۾ سجايل هوندا آهن ۽ ڪنهن پڙهندڙ جي انتظار ۾ سالن جا سال خاموش رهندا آهن. ڪو خوش نصيب شاگرد اچي ڪجهه ورق اٿلائي، علم جي خوشبوءِ محسوس ڪري، وري ڪتاب ساڳي جاءِ تي رکي هليو ويندو آهي. اتي خاموشي هوندي آهي، پر زندگيءَ جي ڌڙڪن گهٽ محسوس ٿيندي آهي.
‎پر حيدرآباد جي خوشگوار ھوائن ۾ هڪ اهڙي لائيبريري به موجود آهي، جيڪا روايتي لائيبريرين کان بلڪل مختلف آهي. اها صرف ڪتابن جو ذخيرو نه، پر علم، شعور، تحقيق، تربيت ۽ شخصيت سازيءَ جو هڪ زنده مرڪز آهي. اها آهي "ابنِ رشد لائيبريري."
‎هتي ڪتاب المارين ۾ قيد نه آهن، پر شاگردن جي هٿن ۾ زنده آهن. هر ڪتاب پڙهيو وڃي ٿو، هر صفحي تي سوچ جا نشان ملن ٿا، ۽ هر مشڪل لفظ جي سامهون ڪنهن شاگرد پنهنجي ساٿي لاءِ آسان تشريح لکي ڇڏي آهي. ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ هر ڪتاب روز نئين زندگي ماڻي رهيو هجي.
‎ابنِ رشد لائبريري صرف پڙهڻ جي جاءِ ناهي، پر خوابن کي حقيقت بڻائڻ جي درسگاهه آهي. جيڪو نوجوان ماڻهن جي سامهون ڳالهائڻ کان گهٻرائيندو آهي، اهو هتي اعتماد حاصل ڪري وڏن اسٽيجن تي تقرير ڪندو نظر اچي ٿو. جيڪو شاگرد پڙهائيءَ کان بيزار ٿي رڳو وقت گذارڻ لاءِ ايندو آهي، اهو ڪجهه ئي ڏينهن ۾ ڪتابن جو عاشق بڻجي ويندو آهي. هتي سوالن جا جواب صرف ڪتابن مان نه، پر استاد جي رهنمائي ۽ علمي ماحول مان به ملندا آهن.
‎هن اداري جي پويان هڪ اهڙي عظيم شخصيت بيٺل آهي، جنهن علم کي ڪاروبار نه، پر عبادت سمجهيو. محترم پروفيسر ارشد حسين سومرو صاحب بنا ڪنهن لالچ، بنا ڪنهن سرڪاري سهائتا ۽ بنا ڪنهن معاوضي جي، گذريل پندرهن سالن کان هزارين قانون جي شاگردن لاءِ علم جي شمع روشن رکيو ويٺو آهي.
‎ابنِ رشد لائيبريري جو بنياد آگسٽ 2012ع ۾ سر ارشد سومرو پنهنجي ذاتي خرچ تي صرف پنجن ڪرسين ۽ هڪ ڪرائي جي ننڍڙي ڪمري مان رکيو. وقت سان گڏ شاگرد وڌندا ويا، ننڍڙي ڪمري مان وسيع ڪمرو وڌي ويو ، ۽ اڄ اها لائيبريري هڪ ئي وقت ۾ ڪيترن ئي شاگردن کي سيشن وار مطالعي جون بهترين سهولتون فراهم ڪري رهي آهي.
‎هن اداري جي سڀ کان وڏي خوبي اها آهي ته ھر مھيني بلڪي ھاڻي تـ ھفتي وار مارڪيٽ ۾ نوان قانوني ڪتاب ايندي ئي بنا ڪنهن درخواست جي لائيبريري ۾ موجود ڪيا وڃن ٿا. هزارين روپين جا قيمتي ڪتاب شاگردن کي بنا ڪنهن فيس يا معاوضي جي مطالعي لاءِ ڏنا وڃن ٿا، ۽ هو اهي ڪتاب پنهنجي ڪاليجن تائين به کڻي وڃن ٿا.
‎افسوس جو مقام اهو آهي ته جديد دؤر ۾، جڏهن علمي ادارن جي همٿ افزائي لاءِ مختلف سرڪاري ۽ نجي وسيلا موجود آهن، تڏهن به پندرهن سالن جي مسلسل خدمتن باوجود هن مثالي لائيبريري کي نه ڪا سرڪاري فنڊنگ ملي ۽ نه ئي اها مڃتا، جنهن جي اها حقدار آهي.
‎اڄ ابنِ رشد لائيبريري مان پڙهيل شاگرد ملڪ جي مختلف ادارن ۾ جج، ليڪچرار، وڪيل ۽ ٻين اهم عهدن تي پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. هن درسگاهه جي خاص ڳالهه اها آهي ته هتان صرف قانون نه، پر انسانيت، اخلاق، خدمتِ خلق، تحقيق، نظم ۽ قيادت پڻ سيکاري وڃي ٿي.
‎هر روز شام جو 6 وڳي کان رات 10 وڳي تائين هي علم جو مرڪز بنا ڪنهن ذات، نسل، مذهب، اميري يا غريبي جي فرق جي هر شاگرد لاءِ کليل هوندو آهي. هتي هر اهو نوجوان ڀليڪار جو مستحق آهي، جيڪو علم حاصل ڪرڻ جي سچي خواهش رکي ٿو.
‎منهنجي نظر ۾ ابنِ رشد لائيبريري صرف حيدرآباد يا سنڌ جي نه، پر سڄي ملڪ لاءِ هڪ مثالي تعليمي ماڊل آهي. حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن کي گهرجي ته هن عظيم علمي مرڪز جي سرپرستي ڪن، ان جي عمارت کي وسيع ڪن، جديد سهولتون فراهم ڪن ۽ پروفيسر ارشد حسين سومرو صاحب جي پندرهن سالن جي بي لوث علمي خدمتن کي سرڪاري سطح تي مڃتا ڏين.
‎ڇو ته قومون انهن ماڻهن کي ڪڏهن به نٿيون وسارين، جيڪي خاموشيءَ سان ايندڙ نسلن جي ذهنن ۾ علم جا ڏيئا روشن ڪندا رهن ٿا.
‎ابنِ رشد لائبريري صرف هڪ لائيبريري ناهي؛ اها علم، شعور، اميد، محنت ۽ انسانيت جو اهڙو روشن مينار آهي، جنهن جي روشني مان هزارين زندگيون پنهنجي منزل جو رستو ڳولي رهيون آهن.
‎

29/04/2026
26/04/2026

At the Mega Law Conference organized by APLA-Sindh, Professor Arshad Hussain Soomro, founder of Ibn-e-Rushd Free Library Hyderabad, gave a lecture on ethics in advocacy at the High Court Hyderabad circuit auditorium.

Our library's student, Aftab Ali Dahani, enrolled in the lower court Hyderabad with the grace of Almighty Allah.❤️🙏
31/03/2026

Our library's student, Aftab Ali Dahani, enrolled in the lower court Hyderabad with the grace of Almighty Allah.❤️🙏

A man with kindheart founder of ibn-e-Rushd library hyd professor at llm faculty methram visiting instructor sindh judic...
02/03/2026

A man with kindheart founder of ibn-e-Rushd library hyd professor at llm faculty methram visiting instructor sindh judicial academy sir Arshad Hussain soomro visit dist bar association hydreabad and meet with the Thier old friends 💖

Address

Street Of Behlum Heights Hyderchownk
Hyderabad

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Ibn-e-rushd library posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share

Category