ICT Agricultural Extension Services Sindh

Call Directions Website Contact the organization

ICT Agricultural Extension Services Sindh 𝐎𝐟𝐟𝐢𝐜𝐢𝐚𝐥 𝐏𝐚𝐠𝐞 𝐨𝐟 𝐈𝐂𝐓 𝐀𝐠𝐫𝐢𝐜𝐮𝐥𝐭𝐮𝐫𝐞 𝐄𝐱𝐭𝐞𝐧𝐬𝐢𝐨𝐧 𝐒𝐞𝐫𝐯𝐢𝐜𝐞𝐬 𝐂𝐞𝐧𝐭𝐞𝐫.

30/09/2026

Sai Satabi Sindh | 30-09-2026

� New to streaming or looking to level up? Check out StreamYard and get $10 discount! �

29/09/2026

Sai satabi Sindh

� New to streaming or looking to level up? Check out StreamYard and get $10 discount! �

ڊائريڪٽوريٽ آف پلانٽ پروٽيڪشن، زراعي توسيع کاتو، حڪومت سنڌ طرفان تمام ضروري اطلاع  سارين جي آبادگارن لاءِمعزز آبادگار سا...
28/09/2026

ڊائريڪٽوريٽ آف پلانٽ پروٽيڪشن، زراعي توسيع کاتو، حڪومت سنڌ طرفان تمام ضروري اطلاع سارين جي آبادگارن لاءِ

معزز آبادگار ساٿيو!

سنڌ جي سارين وارن علائقن (لاڙڪاڻو، بدين، ٺٽو، دادو، شڪارپور) ۾ هن وقت *سارين جي ٿڙ واري بورر / Stem Borer* جي جيت جو حملو ڏٺو پيو وڄي. هي جيت فصل کي سخت نقصان پهچائي ٿو.

سڃاڻپ ۽ نقصان جون نشانيون

- جيت ٻوٽي جي ٿڙ جي اندر داخل ٿي ٿڙ کي اندر کان کائي ٿو.
- ننڍي فصل ۾ وچ وارو گونچ سوڪي ويندو آهي جنهن کي *Dead Heart* چئبو آهي.
- وڏي فصل ۾ ڳر جو خوشو اڇو ٿي سوڪي ويندو آهي جنهن کي *White Ear Head* چئبو آهي.
- ٿڙ کي چيري ڏسڻ سان اندر ننڍا اڇا ڪيڙا ۽ ڪارو فضلو نظر ايندو.

بچاءُ ۽ غير ڪيميائي ضابطو

- پنهنجي فصل جو روزانو معائنو ڪريو، خاص ڪري صبح جي وقت.
- متاثر ٿيل گونچن کي پٽي زمين ۾ دٻائي ڇڏيو.
- بيٺل پاڻي جو نيڪال ڪريو ۽ ٻوٽن وچ ۾ هوا جو گذر بهتر بڻايو.
- 20-15 ٽرائيڪو گراما ڪارڊرس پر ايڪڙ لڳايو.
- يوريا ڀاڻ جو غير ضروري استعمال نه ڪريو ڇا ڪاڻ ت يوريا جيت جي ابادي کي تيزي سان وڌائي ٿي.
- روشني جا ڦندا (Light Traps) شام جو لڳايو.
ڪيميائي ضابطو (آخري حل)*
جيڪڏهن معاشي نقصان جي حد (EIL) کان مٿي حملو هجي يعني 10-15% ٻوٽن ۾ Dead Heart نظر اچي* ته پوءِ هيٺ ڏنل ليٽر ۾ سفارش ڪيل زهرن مان ڪنهن هڪ جو ڦوھارو ڪريو.

*نوٽ:* مارڪيٽ ۾ اهي زهر مختلف ڪمپنين جي نالن سان ملن ٿا، پنهنجي بااعتماد ڊيلر کان اصل پراڊڪٽ وٺو. سپري هميشه ٻوٽي جي هيٺين حصي ۽ ٿڙ تي ڪريو.

23/09/2026

SAI SATABI SINDH

� New to streaming or looking to level up? Check out StreamYard and get $10 discount! �

21/09/2026

🌱 سنڌ ۾ آب ھوا طور ذهين زراعت جو فروغ

سنڌ حڪومت پاران سنڌ واٽر اينڊ ايگريڪلچر ٽرانسفارميشن (SWAT) پروجيڪٽ ورلڊ بينڪ جي مالي سهڪار سان شروع ڪيو ويو آهي. هي منصوبو زراعت کاتي ۽ آبپاشي کاتي، حڪومت سنڌ پاران گڏيل طور تي ھلايو پيو وڃي.

SWAT منصوبي جي اهم ذيلي جزن مان هڪ آب ھوا طور ذهين زراعت (Climate Smart Agriculture – CSA) جو فروغ آهي، جنهن تحت نارا ڪينال، ليفٽ بئنڪ ۽ گهوٽڪي ايريا واٽر بورڊز جي دائري ۾ مائنرن تي قائم 15 فارمرز آرگنائيزيشنز (FOs) تي ڌيان ڏنو پيو وڃي.

اهي فارمرز آرگنائيزيشنز آبادگارن جي شرڪت لاءِ هڪ مؤثر پليٽ فارم فراهم ڪن ٿيون، جتي آبيانا (پاڻي جي محصول) جي وصولي ۽ لاڳاپيل مائنرن جي انتظام ۽ سار سنڀال جا ڪم آبادگارن جي جمهوري طريقي سان چونڊيل نمائندن ذريعي سرانجام ڏنا وڃن ٿا.

🎥 هن وڊيو ۾ آب ھوا طور ذهين زراعت جي ڪامياب تجربن ۽ نتيجن کي اجاگر ڪيو ويو آهي، جيڪي 2024–25 دوران سنڌ ايگريڪلچر ايڪسٽينشن جي لاڳاپيل ضلعن جي فيلڊ فيسيلٽيٽرز پاران هيٺين فارمرز آرگنائيزيشنز ۾ قائم ڪيل Climate Business Field Schools (CBFS) ذريعي متعارف ڪرايا ويا:

📍 ٺٺ مائنر – ضلعو سکر

📍 کور وَاهه مائنر – ضلعو بدين

📍 KGM مائنر – ضلعو ميرپورخاص

CBFS جي هن قدم ذريعي آبادگارن کي آب ھوا جي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ لچڪدار زرعي طريقن (Climate-Resilient Agricultural Practices) بابت عملي ڄاڻ ۽ تجربو فراهم ڪيو ويو، جنهن سان وڌيڪ پيداواري، ڪارائتي ۽ پائيدار زرعي نظام کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ملي رهي آهي.

وڊيو ۾ 2026–27 لاءِ مستقبل جو منصوبو پڻ پيش ڪيو ويو آهي، جنهن جو مقصد آب ھوا طور ذهين زراعت جي سرگرمين کي وڌيڪ وسيع ڪرڻ، آبادگارن جي سکيا، ڄاڻ جي ڏي وٺ ۽ آب ھوا جي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ لچڪدار زرعي طريقن کي هٿي ڏيڻ آهي. ان سلسلي ۾ ويڊيو ۾ ذڪر ڪيل 12 نئين چونڊيل فارمرز آرگنائيزيشنز ۾ سرگرمين کي وڌائڻ جو منصوبو آهي:

18/09/2026

صوبائي وزير زراعت سردار محمد بخش خان مهر پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته عالمي ۽ جاگرافيائي سياسي صورتحال سبب ڀاڻ، ڊي اي پي ۽ ٻارڻ جي قيمتن ۾ واڌ کي نظر ۾ رکندي، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي آبادگارن لاءِ 20 ارب رپين جي سبسڊي پيڪيج متعارف ڪرايو پيو وڃي.

هن ٻڌايو ته هن ڀيري تقريبن 56 هزار 741 اهڙن آبادگارن کي خاص مراعتون ڏنيون وينديون، جن حڪومت کي ڪڻڪ فراهم ڪئي آهي. سبسڊي جي بنيادي شرح 4 هزار رپيا في ايڪڙ مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڪڻڪ فراهم ڪندڙ آبادگارن کي في مڻ 2 هزار رپيا اضافي سبسڊي پڻ ڏني ويندي.

17/09/2026

SAI SATABI SINDH | 17-9-26 | Rerun

� New to streaming or looking to level up? Check out StreamYard and get $10 discount! �

ڊائريڪٽوريٽ پلانٽ پروٽيڪشن، زرعي توسيع کاتو، حڪومت سنڌ جي طرفان اهم اطلاعمعزز سارين جا آبادگار حضرات!سنڌ ۾ هن وقت سارين ...
15/09/2026

ڊائريڪٽوريٽ پلانٽ پروٽيڪشن، زرعي توسيع کاتو، حڪومت سنڌ جي طرفان اهم اطلاع
معزز سارين جا آبادگار حضرات!

سنڌ ۾ هن وقت سارين جي فصل تي Rice Plant Hopper جي جيت جو حملو ڏٺو پيو وڃي. هي جيت تمام گهڻو نقصانڪار آهي.

هن جيت جي سڃاڻپ ۽ نقصان جون نشانيون:

1. هي جيت سارين جي ٻوٽي جي هيٺئين حصي ۾، پاڙ وٽ ويهي رس چوسي ٿو.
2. شروعات ۾ ٻوٽا پيلا ٿيڻ لڳن ٿا.
3. جيڪڏهن ڌيان نه ڏنو ته سڄو ٻوٽو سڙي وڃي ٿو، جنهن کي *هاپر برن (Hopper Burn)* چيو وڃي ٿو.
4. هي جيت تمام جلدي وڌي ٿو ۽ سڄي فصل کي تباهه ڪري سگهي ٿو.
بچاءُ ۽ علاج جا طريقا:
هيٺ ڏنل طريقا استعمال ڪجن ۽ جيڪڏهن ضرورت هجي ته هيٺ ڏنل فوٽو ۾ ٻڌايل زهرن مان ڪنهن هڪ جو ڦوھارو ڪيو وڃي. ليٽر ۾ ٻڌايل زھرن جا نالا مختلف برانڊ جي نالن سان مارڪيٽ ۾ دستياب اھن توهان پنهنجي احتماد واري ڊيلر کان وٺي استعمال ڪندا.
1. پنهنجي فصل جو روزانو معائنو ڪريو، خاص ڪري ٻوٽي جي هيٺئين حصي کي ڏسو.
2. زمين ۾ بيٺل پاڻي ڪڍي ڇڏيو ۽ هوا جو گذر بهتر بڻايو.
3. يوريا ڀاڻ جو گهڻو استعمال نه ڪريو.
4. جيڪڏهن هڪ ٻوٽي تي 8 کان 10 جيت نظر اچن ته هيٺ ڏنل ليٽر ۾ ٻڌايل زھرن مان ڪنھن ب هڪ زھر جو ڦوھارو ڪريو.
نوٽ:دوا جو ڦوھارو هميشه ٻوٽي جي هيٺئين حصي تي ڪريو ته جيت مري سگهي.

Address

Directorate Information Technology Block-F, Shahbaz Building Hyderabad
Hyderabad
17000

Opening Hours

Monday 09:00 - 17:00
Tuesday 09:00 - 17:00
Wednesday 09:00 - 17:00
Thursday 09:00 - 17:00
Friday 09:00 - 17:00

Telephone

+923111646111

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when ICT Agricultural Extension Services Sindh posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Organization

Send a message to ICT Agricultural Extension Services Sindh:

Shortcuts

Share