15/09/2026
حيدرآباد جي ميئر ڪاشف علي شورو جي خاص هدايتن ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ محترمه سيده هما نقوي جي نگراني هيٺ برسات دوران فوري قدم کنيا ويا.
آٽو ڀان ريلوي ڪراسنگ وٽ جمع ٿيل برساتي پاڻي کي هنگامي بنيادن تي نيڪال ڪيو ويو. ڳري مشينري ذريعي رستو پڻ صاف ڪيو ويو، جنهن سان ٽريفڪ جي رواني بحال ٿي وئي.
شهرين جي سهولت لاءِ ميونسپل ٽيمون مسلسل فيلڊ ۾ موجود ۽ متحرڪ آهن.