Deputy Commissioner Jacobabad

Directions Website

Deputy Commissioner Jacobabad Deputy Commissioner Jacobabad - Official Page

پريس رليزجيڪب آباد: ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد شهزاد احمد ساهي جي هدايتن تي ٽاور روڊ ۽ آدم خان پاور روڊ تي حددخلين خلاف ڪارروا...
03/10/2026

پريس رليز

جيڪب آباد: ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد شهزاد احمد ساهي جي هدايتن تي ٽاور روڊ ۽ آدم خان پاور روڊ تي حددخلين خلاف ڪارروائي ڪري غيرقانوني قبضا ۽ رڪاوٽون هٽايون ويون.

ڪارروائي کانپوءِ ٻئي روڊ کليل، ويڪرا ۽ خوبصورت نظر اچڻ لڳا آهن، جڏهن ته ٽريفڪ جي رواني ۾ پڻ بهتري آئي آهي.

شهرين ڊپٽي ڪمشنر جي قدم کي ساراهيندي ٿورا مڃيا ۽ مطالبو ڪيو ته جيڪب آباد جي ٻين روڊن تان پڻ حددخليون ختم ڪري شهر کي صاف، کليل ۽ خوبصورت بڻايو وڃي.

شوروم مالڪن جو انتظاميا سان معاهدو، ٻيهر حددخلي نه ڪرڻ جي خاطريجيڪب آباد: ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد شهزاد احمد جي هدايتن تي ا...
02/10/2026

شوروم مالڪن جو انتظاميا سان معاهدو، ٻيهر حددخلي نه ڪرڻ جي خاطري

جيڪب آباد: ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد شهزاد احمد جي هدايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر جيڪب آباد جي صدارت هيٺ شهر جي شوروم مالڪن ۽ سندن نمائندن سان حددخلين جي خاتمي بابت اهم اجلاس منعقد ٿيو.

اجلاس دوران شوروم مالڪن اسٽامپ پيپر تي لکت ۾ اقرارنامو ڏنو ته هو آئنده روڊن، فٽ پاٿن يا سرڪاري حدن اندر ڪنهن به قسم جي حددخلي نه ڪندا ۽ ضلعي انتظاميا طرفان مقرر ڪيل حدن جي مڪمل پابندي ڪندا.

شوروم مالڪن کي واضح طور تي آگاهه ڪيو ويو ته جيڪڏهن مستقبل ۾ ڪنهن به شوروم مالڪ ٻيهر حددخلي يا ناجائز قبضو ڪيو ته ان خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڏني ويندي.

اجلاس ڪاميابي سان پڄاڻي تي پهتو ۽ شوروم مالڪن انتظاميا جي هدايتن تي مڪمل عمل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. طئي ٿيل شرطن تي عملدرآمد کانپوءِ اڄ شام سيل ڪيل شورومن کي ڊي سيل ڪيو ويندو، جڏهن ته کين باضابطه نوٽيس پڻ جاري ڪيا ويندا.

ضلعي انتظاميا واضح ڪيو آهي ته شهر ۾ ٽريفڪ جي رواني، عوامي سهولت ۽ روڊن توڙي فٽ پاٿن کي حددخلين کان پاڪ رکڻ لاءِ ڪارروائي بنا ڪنهن فرق جي جاري رهندي.

جيڪب آباد شهر ۾ حددخلين خلاف وڏي ڪارروائي، 37 دڪان ۽ 7 هوٽلون سيلجيڪب آباد: ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد شهزاد احمد ساهي جي هداي...
02/10/2026

جيڪب آباد شهر ۾ حددخلين خلاف وڏي ڪارروائي، 37 دڪان ۽ 7 هوٽلون سيل

جيڪب آباد: ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد شهزاد احمد ساهي جي هدايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر جيڪب آباد نويد احمد ضلعي پوليس ۽ اينٽي انڪروچمينٽ عملي سان گڏ شهر جي مختلف علائقن، خاص طور تي ٽاور روڊ ۽ ڀرپاسي جي بازارن ۾ حددخلين خلاف وڏي ڪارروائي ڪئي.

ڪارروائي دوران سرڪاري رستن ۽ فوٽ پاٿن تي قائم پڪا ۽ عارضي قبضا، غيرقانوني ڇپر، ڏاڪڻيون ۽ دڪانن اڳيان ڪيل اڏاوتون هٽائڻ لاءِ قدم کنيا ويا، جڏهن ته تقريباً 37 دڪان ۽ 7 هوٽلون سيل ڪيون ويون.

انتظاميه موجب ڪيترن ئي دڪاندارن ۽ هوٽل مالڪن پنهنجي دڪانن اڳيان 20 کان 25 فوٽن تائين غيرقانوني ڇپر ۽ اڏاوتون قائم ڪري ڇڏيون هيون، جنهن سبب ٽريفڪ جي رواني ۽ شهرين جي اچ وڃ سخت متاثر ٿي رهي هئي.

اسسٽنٽ ڪمشنر جيڪب آباد لاڳاپيل دڪاندارن ۽ هوٽل مالڪن کي آفيس ۾ طلب ڪري هدايت ڪئي ته هو حددخلين جي خاتمي لاءِ انتظاميه سان مڪمل سهڪار ڪن. سرڪاري رستا مڪمل طور خالي ڪرڻ ۽ غيرقانوني اڏاوتون هٽائڻ بعد ضابطن موجب سيل ڪيل دڪانن ۽ هوٽلن کي ڊي سيل ڪيو ويندو.

ڪارروائي دوران رستن تي رڪاوٽ بڻيل 2 گاڏيون ۽ 5 رڪشا پڻ تحويل ۾ ورتا ويا.

ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد واضح ڪيو ته شهر جي روڊن، فوٽ پاٿن ۽ عوامي هنڌن تي ڪنهن به قسم جي حددخلي برداشت نه ڪئي ويندي ۽ شهرين جي سهولت لاءِ اينٽي انڪروچمينٽ آپريشن بنا فرق جاري رهندو.

پريس رليزجيڪب آباد: قائداعظم روڊ ۽ آدم خان پنهور روڊ تي حددخلين ۽ ٽريفڪ ۾ رڪاوٽن خلاف ڪارروائي، ڪيترائي دڪان سيل، گاڏيون...
01/10/2026

پريس رليز
جيڪب آباد: قائداعظم روڊ ۽ آدم خان پنهور روڊ تي حددخلين ۽ ٽريفڪ ۾ رڪاوٽن خلاف ڪارروائي، ڪيترائي دڪان سيل، گاڏيون تحويل ۾

جيڪب آباد شهر جي اهم روڊن، خاص طور تي قائداعظم روڊ ۽ آدم خان پنهور روڊ تي حددخلين ۽ بي ترتيب پارڪنگ سبب ٽريفڪ جي رواني سخت متاثر ٿيڻ ۽ شهرين کي پيش ايندڙ تڪليفن ۽ شڪايتن جو ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد شهزاد احمد نوٽيس ورتو ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر جيڪب آباد کي فوري ڪارروائي ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون.

ڊپٽي ڪمشنر جي هدايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر جيڪب آباد، ٽريفڪ انچارج ۽ پوليس سان گڏ شهر جي مختلف روڊن تي حددخلين ۽ غير قانوني پارڪنگ خلاف ڪارروائي ڪئي. لاڳاپيل دڪاندارن ۽ گاڏي مالڪن کي اڳ به ڪيترائي ڀيرا تنبيهه ڪئي وئي هئي ته روڊن ۽ عام گذرگاهن تي رڪاوٽون ختم ڪيون وڃن، پر بار بار وارننگ باوجود عمل نه ڪرڻ تي سخت قدم کنيا ويا.

ڪارروائي دوران آدم خان پنهور روڊ تي موٽر سائيڪل شورومن/دڪانن خلاف ڪارروائي ڪندي تقريباً 9 دڪان سيل ڪيا ويا، جڏهن ته ٽريفڪ ۾ رڪاوٽ بڻيل 3 گاڏيون، جن ۾ هڪ مهراڻ، هڪ GLI ۽ هڪ ڪلٽس شامل آهن، ۽ 6 رڪشا به تحويل ۾ ورتا ويا.

ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد واضح ڪيو ته شهر جي اهم شاهراهن تي ٽريفڪ جي رواني برقرار رکڻ ۽ شهرين کي بنا رڪاوٽ اچ وڃ جي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ حددخلين ۽ غير قانوني پارڪنگ خلاف ڪارروايون جاري رهنديون.

شهرين ضلعي انتظاميا جي ان قدم کي ڀرپور ساراهيندي ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد ۽ انتظاميا جا ٿورا مڃيا ۽ اميد ظاهر ڪئي ته شهر ۾ ٽريفڪ جي بهتري ۽ حددخلين جي خاتمي لاءِ اهڙيون ڪارروايون مسلسل جاري رکيون وينديون.

پريس رليزڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد شهزاد احمد ساهي جو تعلقه ٺل جو تفصيلي دورو، اسپتال، حادثي واري هنڌ، فيول اسٽيشن، پبلڪ لائب...
22/09/2026

پريس رليز

ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد شهزاد احمد ساهي جو تعلقه ٺل جو تفصيلي دورو، اسپتال، حادثي واري هنڌ، فيول اسٽيشن، پبلڪ لائبريري ۽ اناج منڊي جو جائزو، پوليو ريويو اجلاس جي صدارت

جيڪب آباد، 22 سيپٽمبر 2026ع: ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد شهزاد احمد ساهي تعلقه ٺل جو تفصيلي دورو ڪيو، جتي هن مختلف سرڪاري ادارن، عوامي سهولتن، ترقياتي هنڌن ۽ انتظامي سرگرمين جو جائزو ورتو.

ڊپٽي ڪمشنر تعلقہ اسپتال ٺل جو دورو ڪندي ڊاڪٽرن ۽ عملي جي حاضري، صفائي سٿرائي، بنيادي طبي سهولتن جي دستيابي ۽ ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو. هن اسپتال انتظاميا کي هدايت ڪئي ته عوام کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪرڻ سان گڏ عملي جي حاضري ۽ سرڪاري فرضن جي پابندي کي يقيني بڻايو وڃي.

ڊپٽي ڪمشنر ان هنڌ جو پڻ دورو ڪيو جتي بيٺل/ڊرينيج جي پاڻي ۾ ٻڏي ٻن ٻارن جي فوت ٿيڻ جو افسوسناڪ واقعو پيش آيو هو. هن متاثر خاندان سان ملاقات ڪري تعزيت ڪئي، مرحوم ٻارن لاءِ دعا گهري ۽ خاندان جا مسئلا ٻڌا. لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي وئي ته مستقبل ۾ اهڙن واقعن کان بچڻ لاءِ ضروري حفاظتي قدم کنيا وڃن.

وزيراعظم جي فيول رليف/سبسڊي پاليسي تي عملدرآمد جو جائزو وٺڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر جعفر فلنگ اسٽيشن ٺل جو دورو ڪيو، جتي هن مستحق ماڻهن کي فراهم ٿيندڙ سهولت، آپريشنل نظام ۽ مقرر پاليسي تي عملدرآمد جو جائزو ورتو.

ڊپٽي ڪمشنر پبلڪ لائبريري ٺل جو پڻ دورو ڪيو ۽ سهولتن توڙي انتظام بابت مليل شڪايتن جو جائزو ورتو. هن شاگردن سان ملاقات ڪري سندن مسئلا ٻڌا ۽ ٽائون آفيسر، ميونسپل ڪميٽي ٺل کي هدايت ڪئي ته لائبريري جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪري شاگردن لاءِ مناسب ۽ سهولتن سان ڀرپور ماحول مهيا ڪيو وڃي.

ان کان علاوه، ڊپٽي ڪمشنر اناج منڊي جي پلاٽ جو معائنو ڪيو ته جيئن شهر اندر روڊن تي بيٺل ريڙهن ۽ لاڳاپيل سرگرمين کي مناسب جاءِ ڏانهن منتقل ڪري ٽريفڪ جي رواني بهتر بڻائي سگهجي ۽ رش گهٽائي سگهجي.

بعد ۾ ڊپٽي ڪمشنر، اسسٽنٽ ڪمشنر ٺل جي آفيس ۾ شام واري پوليو ريويو اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس دوران پوليو مهم جي فيلڊ ڪارڪردگي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. ڊپٽي ڪمشنر غير حاضر UCMOs ۽ ٻين فيلڊ اهلڪارن جي غير حاضري جو سخت نوٽيس وٺندي لاڳاپيل اختيارين کي سندن خلاف ڪارروائي ڪرڻ ۽ پوليو مهم دوران مڪمل حاضري ۽ مؤثر ڪارڪردگي يقيني بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪيون.

ڊپٽي ڪمشنر چيو ته ضلعي انتظاميا عوامي خدمت جي معيار، صحت، ميونسپل سهولتن، سرڪاري پاليسين تي عملدرآمد ۽ انتظامي نگراني کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ لاءِ فيلڊ مانيٽرنگ جاري رکندي.

پريس رليزڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد شهزاد احمد جي هدايتن تي ٺل ۾ مڇر مار اسپري مهم، جيڪب آباد ۽ ڳڙهي خيرو ۾ پڻ فوري اسپري جون ...
09/09/2026

پريس رليز

ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد شهزاد احمد جي هدايتن تي ٺل ۾ مڇر مار اسپري مهم، جيڪب آباد ۽ ڳڙهي خيرو ۾ پڻ فوري اسپري جون هدايتون

جيڪب آباد: ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد شهزاد احمد جي خاص هدايتن تي ميونسپل ڪميٽي ٺل پاران شهر جي سمورن وارڊن ۾ مليريا ۽ ٻين مڇرن وسيلي پکڙجندڙ بيمارين جي روڪٿام لاءِ مڇر مار اسپري مهم هلائي وئي.

مهم دوران ٺل شهر جي مختلف پاڙن، گهٽين، رهائشي علائقن، نيڪال وارن هنڌن ۽ مڇرن جي افزائش وارن حساس هنڌن تي اسپري ڪيو ويو، جيئن شهرين کي مڇرن ۽ انهن وسيلي پکڙجندڙ بيمارين کان محفوظ رکيو وڃي.

شهرين پاران بروقت مڇر مار اسپري مهم هلائڻ تي ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد شهزاد احمد ۽ ميونسپل انتظاميا جا ٿورا مڃيا ويا ۽ ان قدم کي عوامي صحت جي تحفظ لاءِ ساراهيو ويو.

هوڏانهن ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد ڊي ايڇ او جيڪب آباد، ميونسپل ڪميٽي جيڪب آباد ۽ ٽائون آفيسر ڳڙهي خيرو کي پڻ سخت هدايتون جاري ڪيون آهن ته جيڪب آباد شهر ۽ ڳڙهي خيرو جي سمورن وارڊن ۽ علائقن ۾ فوري طور مڇر مار اسپري مهم شروع ڪئي وڃي.

ڊپٽي ڪمشنر هدايت ڪئي ته بيٺل پاڻي، نالين، گهٽين ۽ مڇرن جي افزائش وارن هنڌن کي ترجيحي بنيادن تي اسپري هيٺ آندو وڃي ۽ مهم ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت يا دير نه ڪئي وڃي.

جيڪب آباد، 8 سيپٽمبر 2026ع: ACTED سنڌ پاران FCDO جي مالي سهڪار ۽ IOM جي تعاون سان جيڪب آباد ضلعي ۾ قائم ڪيل ڪميونل شيلٽر...
08/09/2026

جيڪب آباد، 8 سيپٽمبر 2026ع: ACTED سنڌ پاران FCDO جي مالي سهڪار ۽ IOM جي تعاون سان جيڪب آباد ضلعي ۾ قائم ڪيل ڪميونل شيلٽر جو افتتاح ڪيو ويو.

تقريب ۾ ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد مسٽر شهزاد احمد، ACTED ايريا ڪوآرڊينيٽر سنڌ ۽ بلوچستان مسٽر عاصم رضا، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر سيد حڪيم علي شاهه، UCDMC ميمبرن ۽ ساٿي ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي.

ڊپٽي ڪمشنر ACTED جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته اهڙا شيلٽر آفتن دوران ڪمزور برادرين جي تحفظ، اڳواٽ تياري ۽ مقامي سطح تي مزاحمتي صلاحيت وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.

پريس رليزڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد جي صدارت هيٺ ريوائزڊ نيشنل ايڪشن پلان بابت DCC اجلاسجيڪب آباد، 08 سيپٽمبر 2026ع: ڊپٽي ڪمشن...
08/09/2026

پريس رليز
ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد جي صدارت هيٺ ريوائزڊ نيشنل ايڪشن پلان بابت DCC اجلاس
جيڪب آباد، 08 سيپٽمبر 2026ع: ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد جي صدارت هيٺ ريوائزڊ نيشنل ايڪشن پلان (NAP)، 2021ع تي عملدرآمد بابت ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي (DCC) جو اجلاس ڊجيٽل ڪانفرنس روم، ڊي سي آفيس جيڪب آباد ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ گذريل اجلاس جي فيصلن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو.
اجلاس دوران هيٺيان اهم فيصلا ۽ هدايتون جاري ڪيون ويون:
ضلعي جي حساس ادارن، حساس هنڌن ۽ هاءِ رسڪ پوائنٽس جي سيڪيورٽي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.
فائر سيفٽي ۽ فائر آڊٽ رپورٽن جو جائزو وٺي لاڳاپيل ادارن کي حفاظتي ضابطن تي سختي سان عملدرآمد ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو.
مدرسن ۽ مسجدن جي سروي ۽ تصديق جلد مڪمل ڪري رپورٽون جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي.
پوليس ۽ ايڪسائيز کاتي کي آئس، چرس ۽ ٻين منشيات خلاف گڏيل ڪريڪ ڊائون وڌيڪ تيز ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو.
جعلي ڊاڪٽرن، غيرقانوني ڪلينڪن ۽ غيرمجاز بلڊ بئنڪن خلاف ڪارروائي جاري رکڻ جي هدايت ڪئي وئي.
شهر ۾ لڳل غيرمجاز بينرن، پينا فليڪسز، جهنڊن، پوسٽرن ۽ وال چاڪنگ جي خاتمي لاءِ قدم تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
SEPCO کي بجلي جي رهتن جي وصولي ۽ وڏن ڊفالٽرن خلاف ڪارروائي بهتر ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.
نامڪمل يا ڇڏيل سرڪاري اسڪيمن مان سرڪاري سامان جي چوري ۽ غيرقانوني وڪري ۾ ملوث ماڻهن خلاف سخت قانوني ڪارروائي جو حڪم ڏنو ويو.
فوڊ کاتي کي ضبط/منتقل ڪيل ڪڻڪ جي رهيل ادائيگين ۽ چيڪ پوسٽن جي نگراني بابت معاملا جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.
FIA ۽ انفارميشن کاتي کي سائبر ڪرائم بابت آگاهي وڌائڻ ۽ ضلعي ۾ ڪم ڪندڙ پريس/سوشل ميڊيا نمائندن بابت معلومات مرتب ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.
روڊن تي غيرقانوني پيٽرول جي وڪري ۽ بوتلن ۾ پيٽرول رکڻ خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو.
ڀاڻ، يوريا ۽ زرعي دوائن جي غيرقانوني وڪري ۽ اوور چارجنگ خلاف انسپيڪشن وڌائڻ جي هدايت ڪئي وئي.
ضلعي اندر گودامن ۽ ويئر هائوسز جي رجسٽريشن يقيني بڻائڻ ۽ غيررجسٽرڊ گودامن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو ويو.
اجلاس جي پڄاڻي تي ڊپٽي ڪمشنر سمورن لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته NAP تحت ڪيل فيصلن تي فوري ۽ مؤثر عملدرآمد ڪري اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

پريس رليزجيڪب آباد ۾ عطائي ڊاڪٽرن، غيرقانوني ليبارٽرين، بلڊ بئنڪن ۽ طبي مرڪزن خلاف ڪريڪ ڊائون، ڪيترائي مرڪز سيلجيڪب آباد...
08/09/2026

پريس رليز

جيڪب آباد ۾ عطائي ڊاڪٽرن، غيرقانوني ليبارٽرين، بلڊ بئنڪن ۽ طبي مرڪزن خلاف ڪريڪ ڊائون، ڪيترائي مرڪز سيل

جيڪب آباد: ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد شهزاد احمد ساهي جي هدايتن تي ضلعي انتظاميا ۽ سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي گڏيل ٽيم پاران ضلعي جي مختلف علائقن ۾ عطائي ڊاڪٽرن، غيرقانوني ليبارٽرين، بلڊ بئنڪن، ميڊيڪل اسٽورن ۽ غيررجسٽرڊ طبي مرڪزن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي.

ڪارروائي دوران مختلف اسپتالن، ڪلينڪن، ليبارٽرين، بلڊ بئنڪن ۽ ميڊيڪل اسٽورن جو اوچتو معائنو ڪيو ويو. ضروري رجسٽريشن، لائسنس ۽ قانوني گهرجون پوريون نه ڪرڻ تي چار کان وڌيڪ غيرقانوني ليبارٽرين سميت ڪيترن ئي غيرمجاز طبي مرڪزن ۽ بلڊ بئنڪن کي سيل ڪيو ويو.

ڪارروائي دوران ڪجهه عطائي ڊاڪٽر ٽيم کي ڏسندي ئي موقعي تان فرار ٿي ويا، جن خلاف لاڳاپيل قانونن تحت وڌيڪ قانوني ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

گڏيل ڪارروائي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر حسن شهزاد، اسسٽنٽ ڪمشنر ٺل سنيل ڪمار، مختيارڪار عبدالقيوم سڌايو ۽ سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جا لاڳاپيل آفيسر ۽ عملو پڻ موجود هو.

ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ته انساني جانين سان کيڏڻ، غيرمستند علاج ڪرڻ ۽ قانوني اجازت کان سواءِ ليبارٽري، بلڊ بئنڪ، اسپتال يا ٻيا طبي مرڪز هلائڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي.

ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد شهزاد احمد ساهي لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي آهي ته صحت جي شعبي ۾ غيرقانوني سرگرمين جي مؤثر نگراني ڪئي وڃي ۽ عوام کي محفوظ ۽ معياري طبي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف بنا ڪنهن فرق جي سخت ڪارروائي جاري رکي وڃي.

ضلعي انتظاميا موجب عطائي ڊاڪٽرن ۽ غيرقانوني طبي مرڪزن خلاف اهڙيون ڪارروايون سڄي ضلعي ۾ وڌيڪ تيز ۽ مسلسل جاري رهنديون.

06/09/2026

Pakistan Defence Day: District Administration Jacobabad Organized Mallah Kharo Event.

Address

DC Office Road
Jacobabad
79000

Opening Hours

Monday 09:00 - 17:00
Tuesday 09:00 - 17:00
Wednesday 09:00 - 17:00
Thursday 09:00 - 17:00
Friday 09:00 - 17:00

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Deputy Commissioner Jacobabad posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share