Chhatri Thakurs

Directions

Chhatri Thakurs “Chatri Thakurs | Social Workers | Honor • Humanity • Help”

امير ٿيڻ جو اصل راز — محنت، تعليم ۽ ڪاروبار!توهان ڀلي ڪيتري به ايمانداري ۽ محنت سان مزدوري يا نوڪري ڪريو، پر صرف پگهار ت...
09/10/2026

امير ٿيڻ جو اصل راز — محنت، تعليم ۽ ڪاروبار!

توهان ڀلي ڪيتري به ايمانداري ۽ محنت سان مزدوري يا نوڪري ڪريو، پر صرف پگهار تي ڀاڙڻ سان مالي طور مضبوط ٿيڻ ڏکيو ٿي سگهي ٿو. خوشحال زندگيءَ لاءِ محنت سان گڏ صحيح سوچ، تعليم ۽ ڪاروبار جي به وڏي اهميت آهي.

خوشحاليءَ ڏانهن پهريون قدم پنهنجي ٻارن کي معياري تعليم ڏيارڻ آهي. تعليم ئي اها طاقت آهي، جيڪا انسان کي بهتر مستقبل جا موقعا فراهم ڪري ٿي.

ان کان پوءِ پنهنجي وس آهر ڪو ننڍو، صاف سٿرو ۽ عزت وارو ڪاروبار شروع ڪريو، جيئن سبزي ۽ فروٽ جو ڪاروبار، ريزڪي دڪان، اٽي جي چڪي، جنرل اسٽور، ڪپڙي جو ڪاروبار، اناج جي خريد ۽ فروخت يا ٻيا اهڙا ڪاروبار.

ياد رکو! ڪو به ڪاروبار ننڍو يا وڏو ناهي هوندو؛ اصل اهميت ايمانداري، محنت ۽ حلال روزي جي آهي. ننڍڙي شروعات به وقت سان گڏ وڏي ڪاميابيءَ جو سبب بڻجي سگهي ٿي.

پنهنجي اولاد کي تعليم ڏيو، پنهنجي وس آهر ڪاروبار کي هٿي وٺرايو ۽ پنهنجي محنت سان هڪ بهتر مستقبل ٺاهيو. اهڙيءَ طرح گهر جو گذر سفر بهتر ٿي سگهي ٿو، معاشي خودمختياري حاصل ڪري سگهجي ٿي ۽ سماج ۾ عزت ۽ وقار سان زندگي گذاري سگهجي ٿي.

محنت توهان جي، ڪاميابي الله جي فضل سان!

— سنڌ ٺاڪور اتحاد

حيدرآباد 🥲انتهائي ڏک جي خبر 🙏😭🕉️ هري اوم شانتي، هري اوم شانتي 🕉️ڪاري موري، حيدرآباد مان انتهائي ڏک جي خبر آهي ته اشوڪ ڪم...
09/10/2026

حيدرآباد 🥲
انتهائي ڏک جي خبر 🙏😭
🕉️ هري اوم شانتي، هري اوم شانتي 🕉️
ڪاري موري، حيدرآباد مان انتهائي ڏک جي خبر آهي ته اشوڪ ڪمار جو والد شري رامسن ڪٽوڻا هن فاني سنسار مان پرلوڪ پڌاري ويا آهن.
سندس آخري رسمون اڄ تاريخ 09-10-2026 تي صبح جو 11:00 وڳي ادا ڪيون وينديون.
Hari om Shanti 🙏🥹

شيخ ڀرڪيو: اڄ صبح عدالت ۾ پيشي لاءِ ويندڙ اشوڪ عرف ڀٽو ٺاڪر کي شيخ ڀرڪيو پوليس پاران کنڀي گم ڪرڻ جو وارثن الزام، عدالت ۾...
07/10/2026

شيخ ڀرڪيو: اڄ صبح عدالت ۾ پيشي لاءِ ويندڙ اشوڪ عرف ڀٽو ٺاڪر کي شيخ ڀرڪيو پوليس پاران کنڀي گم ڪرڻ جو وارثن الزام، عدالت ۾ بازيابي لاءِ درخواست داخل

شيخ ڀرڪيو: وارثن جي درخواست تي سول جج ٽنڊومحمدخان پاران شيخ ڀرڪيو ٿاڻي تي ڇاپو، اشوڪ عرف ڀٽو ٺاڪر موجود نه مليو

شيخ ڀرڪيو: وارثن جو الزام آهي ته پوليس اشوڪ عرف ڀٽو ٺاڪر کي نامعلوم هنڌ تي رکيو آهي، کيس فوري طور بازياب ڪيو وڃي

تعليمي سيمينار 2026 — حيدرآبادڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ٺاڪور اسٽوڊنٽس فائونڊيشن (TSF) پاران منعقد ڪيل Educational Semin...
05/10/2026

تعليمي سيمينار 2026 — حيدرآباد

ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ٺاڪور اسٽوڊنٽس فائونڊيشن (TSF) پاران منعقد ڪيل Educational Seminar 2026 ۾ شرڪت ڪرڻ جو موقعو مليو. سچ پڇو ته هي صرف هڪ سيمينار نه، پر تعليم، نوجوانن ۽ اسان جي ايندڙ نسل لاءِ هڪ تمام خوبصورت ۽ اميد ڀري سوچ جو عملي مثال هو.

پروگرام دوران تعليم، نوجوانن جي اڳواڻي، ڪيريئر گائيڊنس، ذاتي ترقي ۽ سماجي خدمت سميت ڪيترن ئي اهم موضوعن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. خاص ڳالهه اها هئي ته نوجوانن ۽ شاگردن کي پنهنجي سوچ، خوابن ۽ مستقبل بابت ڳالهائڻ لاءِ هڪ بهترين پليٽ فارم ڏنو ويو.

اسان جي برادري لاءِ اهڙا پروگرام وقت جي اهم ضرورت آهن، ڇو ته جيڪڏهن اسان پنهنجي نوجوانن کي صحيح رهنمائي، حوصلو ۽ تعليم جو رستو ڏيکارينداسين ته اهي ئي نوجوان سڀاڻي پنهنجي خاندان، برادري ۽ سماج لاءِ بهتر مستقبل جو بنياد بڻجندا.

ٺاڪور اسٽوڊنٽس فائونڊيشن جي سموري ٽيم جس لهي، جن پنهنجي محنت، وقت ۽ خلوص سان هي شاندار پروگرام منعقد ڪيو. هي پروگرام رڳو هڪ ڏينهن جي گڏجاڻي نه هئي، پر تعليم جي روشني کي گهر گهر تائين پهچائڻ جي هڪ خوبصورت شروعات هئي.

جن به دوستن، شاگردن، بزرگن ۽ معزز شخصيتن هن پروگرام ۾ شرڪت ڪئي، انهن سڀني کي منهنجي دل جي گهراين سان واڌايون ۽ سلام. اچو ته هن پيغام کي صرف سيمينار تائين محدود نه رکون، پر پنهنجي پنهنجي گهر، خاندان ۽ برادري تائين پهچايون.

اڄ جيڪڏهن اسان پنهنجي نوجوانن جي حوصلا افزائي ڪنداسين، ته سڀاڻي اهي ئي نوجوان اسان جي برادري جو فخر بڻجندا.

TSF جي پوري ٽيم کي دل سان سلام ۽ اهڙي مثبت سوچ کي اڳتي وڌائڻ لاءِ تمام گهڻيون نيڪ تمنائون.

تعليم، اتحاد ۽ سماجي خدمت — هڪ بهتر مستقبل ڏانهن قدم.
Copy

سياسي سماجي شخصيت ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي يوسي رتن آباد چيئرمين ڀڳوانداس ڪڇي تي مبينا قاتــــــــلاڻو حمـــــــــــــــ...
27/09/2026

سياسي سماجي شخصيت ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي يوسي رتن آباد چيئرمين ڀڳوانداس ڪڇي تي
مبينا قاتــــــــلاڻو حمـــــــــــــــــــــــــــــلو،
يوسي چيئرمين محمد علي ۽ سندس پٽ حملو واقعي ۾ چيئرمين ڀڳوانداس ڪڇي زخمي ٿي پيو.
ذريعن موجب، واقعي کانپوءِ علائقي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. واقعي بابت چيئرمين ڀڳوانداس ڪڇي ۽ سندس ساٿين طرفان مبينا طور تي ايم پي اي هري رام ۽ سندس پٽ ڪرن هري رام جي چوڻ تي ڪرايو پيو وڃي،
ڪڇي برادري پاران واقعي جي سخت مذمت ڪندي مطالبو ڪيو ويو آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا فوري طور تي واقعي جو نوٽيس وٺي، شفاف جاچ ڪرائي ۽ حملي ۾ ملوث ماڻهن کي فورن گرفتار ڪيو وڃي.🗣️👆🏻🙏🏻

سنڌي نا بالغ نياڻي  اٺين ڪلاس پاس شاگردياڻي راڌيڪا ڌي سومار  ميھشوري ڪراچي'جي ميمڻ ڳوٺ مان اغوا  وارثن پاران اغوا براءِ ...
26/09/2026

سنڌي نا بالغ نياڻي اٺين ڪلاس پاس شاگردياڻي راڌيڪا ڌي سومار ميھشوري ڪراچي'جي ميمڻ ڳوٺ مان اغوا وارثن پاران اغوا براءِ مذھب تبديلي ۽ زبردست شاديءَ لاءِ اغوا ڪرڻ جو ا خدشو. سخت مزمت ڪيون ٿا فورن نياڻي کي بازياب ڪرائي وارثن حوالي ڪيو وڃي. . ايڊووڪيٽ اندرجيت لوهاڻو چيئرمين ھيومن رائيٽس ڊفينڊر فورم سنڌ .🥺

ڊگھڙي ۾ رامشي ٺاڪور جي پراسرار موت جو معاملو، انصاف لاءِ اپيلڊگھڙي شهر ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ رامشي ٺاڪور نالي هڪ همراهه کي بيد...
26/09/2026

ڊگھڙي ۾ رامشي ٺاڪور جي پراسرار موت جو معاملو، انصاف لاءِ اپيل

ڊگھڙي شهر ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ رامشي ٺاڪور نالي هڪ همراهه کي بيدردي سان قتل ڪري ڦٽو ڪرڻ جو انتهائي افسوسناڪ واقعو سامهون آيو آهي.

رامشي ٺاڪور 15 سيپٽمبر تي پنهنجي گهران نڪتو هو، جنهن کان پوءِ 17 سيپٽمبر تي ڊگھڙي لڳ هڪ شاخ مان سندس لاش هٿ آيو. لاش جي حالت انتهائي خراب هجڻ سبب شروعات ۾ سندس گهر وارا به کيس سڃاڻي نه سگهيا.

ٻئي ڏينهن پوليس لاش کي لاوارث سمجهي دفنائي ڇڏيو.

رامشي ٺاڪور اڪثر ٻني تي رهندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن چار پنج ڏينهن تائين گهر واپس نه ايندو هو. انهيءَ ڪري گهر وارن اهو ئي سمجهيو ته شايد رامشي ٻني تي هوندو. جڏهن پوليس لاش کي دفنائي ڇڏيو، ان کان پوءِ به گهر وارا رامشي کي ڳوليندا رهيا ۽ گمشدگي بابت پوسٽون پڻ سوشل ميڊيا تي هلائيندا رهيا، پر رامشي جو ڪو پتو نه پئجي سگهيو.

ٻن ڏينهن کان پوءِ پوليس طرفان لاوارث سمجهي دفنايل لاش جي تصوير رامشي جي گهر واري کي ڏيکاري وئي. تصوير ڏسندي ئي سندس گهر واري جي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي، هن چيو:

”هي ته منهنجو مڙس رامشي ٺاڪور آهي.“

رامشي جي هٿ تي ٻَڌل راکڙي ۽ هڪ ڌاڳو پڻ موجود هو، جنهن مان سڃاڻپ ۾ مدد ملي.

جڏهن رامشي جو لاش مليو هو، ان وقت حالت تمام خراب هجڻ سبب جيڪو ماڻهو لاش ڏسڻ ويو، اهو به کيس سڃاڻي نه سگهيو. گهر وارن جو خيال هو ته رامشي ٻني تي هوندو، ڇو ته سندن مطابق ٻه ڏينهن پراڻي لاش جي حالت ايتري خراب ٿيڻ جو هو سوچي به نه سگهيا هئا.

هيٺ ڏنل تصويرن مان به اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته لاش جي حالت ڪهڙي هئي.

گهر وارن جو چوڻ آهي ته رامشي کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب رامشي جو ڪنهن سان جهيڙو پڻ ٿيو هو ۽ اهو به چيو پيو وڃي ته کيس زوريءَ ٻني ڏانهن موڪليو ويو، جنهن کان پوءِ ٻئي ڏينهن سندس لاش هٿ آيو.

هاڻي سوال اهو آهي ته رامشي ٺاڪور سان انصاف ڪير ڪندو؟

هڪ غريب خاندان جو ماڻهو مارجي ويو، گهر وارن کي پنهنجي پياري جو لاش به وقت تي نصيب نه ٿيو، ۽ واقعي کي اڄ لڳ ڀڳ 10 ڏينهن ٿي ويا آهن، پر اڃا تائين خاندان انصاف جي انتظار ۾ آهي.

ٺاڪور برادري جا چڱا مڙس، پٽيل ۽ هندو برادري جا معزز اڳواڻ آخر ڪٿي آهن؟ ڇا هي واقعو اسان جي نظرن کان اوجهل رهندو؟ ڇا هڪ غريب خاندان لاءِ انصاف جي آواز اٿارڻ وارو به ڪو نه آهي؟

اسان ڪنهن تي الزام نٿا لڳايون، پر صاف ۽ شفاف جاچ جو مطالبو ضرور ڪريون ٿا.

اسان جو مطالبو آهي ته:

رامشي ٺاڪور جي قبر ڪشائي ڪري لاش جو باقاعده پوسٽ مارٽم ڪرايو وڃي.

واقعي جي صاف شفاف ۽ غيرجانبدار جاچ ڪئي وڃي.

جيڪڏهن قتل ثابت ٿئي ته ذميوارن کي قانون موجب گرفتار ڪري سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

غريب خاندان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

هي صرف رامشي ٺاڪور جي خاندان جو مسئلو ناهي، هي انسانيت ۽ انصاف جو مسئلو آهي.

مهرباني ڪري هن پوسٽ کي وڌ کان وڌ شيئر ڪيو، جيئن رامشي ٺاڪور جي خاندان جي آواز اعليٰ اختيارين تائين پهچي ۽ هن غريب خاندان کي انصاف ملي سگهي.

رامشي ٺاڪور کي انصاف ڏياريو وڃي.
صاف شفاف جاچ ڪرائي وڃي.
غريب خاندان کي انصاف ڏيارڻ ۾ اسان سڀ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون.

Address

42, Shanti Niketan Society, Near Helmet Circle, Memnagar
Ahmedabad
380052

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Chhatri Thakurs posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share

Category