JSM Hyderabad

Directions

JSM Hyderabad سنڌوديش جي آزادي لاء جدوجهد

30/09/2026

اچو ته وطن ۽ قوم جي خوشحالي ۽ آزادي لاء جيئي سنڌ محاذ جو حصو ٿي هن سامراجي نظام کي ٽوڙيون..

حيدرآباد22 جون 2026 تي سخي ستار ڏنو چولياڻي هائوس حيدرآباد  تي شهيد قيوم منگي جي 28 ورسي تي جيئي سنڌ محاذ ضلعي حيدرآباد ...
24/06/2026

حيدرآباد

22 جون 2026 تي سخي ستار ڏنو چولياڻي هائوس حيدرآباد تي شهيد قيوم منگي جي 28 ورسي تي جيئي سنڌ محاذ ضلعي حيدرآباد طرفان شهيد جي ياد ۾ ان جي ڪيل جدوجهد کي ياد ڪندي شهيد جي تصوير تي گل نڇاور ڪيا ويا ۽ ڏيئا ٻاري سنڌوديش جي قومي تراني سان شهيد سنڏوديش قيوم منگي کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي ۽ شهيد جي قومي سياسي ڪردار تي پڻ روشني وڌي وئي

حيدرآباد جيئي سنڌ محاذ جو رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي سالگرھ جي حوالي سان اجلاس سخي ستار ڏنو چولياڻي ھائوس تي زير صدارت...
08/01/2026

حيدرآباد

جيئي سنڌ محاذ جو رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي سالگرھ جي حوالي سان اجلاس سخي ستار ڏنو چولياڻي ھائوس تي زير صدارت پارٽي چيئرمين رياض علي چانڊيو جي ٿي گذريو اجلاس ۾ سائين جي ايم سيد جي 17 جنوري تي ٿيندڙ سالگرھ معتلق فيصلا ڪندي ڪاميٽيون جوڙيون ويون اجلاس ۾ پورھيت سنگت جو مرڪزي اڳواڻ محراب خان کوسو حيدرآباد ۽ ڄامشورو سان لاڳاپيل عھديدار ۽ ڪارڪن شريڪ ٿيا ان موقعي تي ڳالھائيندي رياض علي چانڊيو چيو ته سيد ھڪ مدبر سياستدان ۽ عالم ھو جنھن سنڌ جي وجود جي بقا لاء زندگي وقف ڪئي اڄ سنڌ جن حالتن ۾ ڦاٿل آھي ۽ جنھن ڪرڀ مان گذري پئي ان جو سيد کي گھڻو عرصو اڳ ادراڪ ٿي چڪو ھو

08/01/2026

حيدرآباد پ ر
جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي جو سربراھي اجلاس رھبر ڪميٽي جي سربراھ ۽ جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو جي صدارت ھيٺ سخي ستار ڏنو چولياڻي ھائوس تي ٿي گذريو جنھن ۾ جسقم بشير خان جي سربراھ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور جيئي سنڌ تحريڪ جي انور بڙدي نواز شاهه ڀاڏائي پنھل ساريو ڊاڪٽر خوشحال ڪالاڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي اجلاس ۾ رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي 122ھين سالگرھ سن ۾ ملھائڻ جي تيارين جو جائزو ورتو ويو اھو طئـ ڪيو ويو ته سائين جي ايم سيد جي سالگرھ جو گڏيل جلسو ڀرپور انداز ۾ ڪيو ويندو اجلاس ۾ سياسي صورتحال جو جائزو وٺندي چيو ويو تـ سنڌ ھڪ صوبو نـ پر سنڌين جو تاريخي وطن آھي ڪنھن کي بـ ان جي سرحدن سان ڇيڙڇاڙ ڪرڻ جي اجازت نـ ڏبي اسان اردو ڳالھائيندڙن کي سنڌ جو مستقل رھاڪو سمجھون ٿا سنڌ اسان سڀني جو گڏيل وطن آھي رھبر ڪميٽي متحدا جي باني الطاف حسين جي ان بيان جي واکاڻ ٿي ڪري جنھن ۾ ھو سنڌ کي تاريخي وطن قرار ڏيندي ان جي وطني سالميت کي برقرار رکڻ ۽ بچائڻ جي ڳالھ ڪري ٿو اجلاس ۾ چيو ويو ته سنڌ جي وسيلن ڪارونجھر جبل معدنيات ۽ ٻين پيداواري ذريعن ۽ سنڌو درياهه تي قبضي جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن انھنن ناجائز قبضا گيرين کي رد ڪريون ٿا ان موقعي تي وڌيڪ چيو ويو ته ملڪي ترقي جي آڙ ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ھيٺ اسان جا جبل پھاڙ زمينون ٽوئرازم جون پوانئٽون ٺٽي بدين ۽ سجاول جي ساحلي پٽي ماڳ مڪان سڀ قبضي ھيٺ ڪيا ويا آھن سڄي سنڌ ۾ ٻيلن تي قبضو پيا ڪن ڌرتي ڌڻين کي بيدخل ڪيو پپو وڃي خوراڪ تعليم ۽ ترقي جي سمورين رٿائن کان محروم ڪيو ويو آھي لاقانونيت جو ننگو راڄ مڙھيل آھي ٺٽي جي جيل ۾ ھڪ قيدي علي بخش ملاح کي بنا قصور تشدد ڪري ماريو ويو آھي تلھار ۾ ھڪ ڪولھي نوجوان کي جن ماريو اھي قاتل پوليس بچائي رھي آھي ھر طرف دھشتگردي آھي ھن سڄي ظلم جي ذميوار پيپلزپارٽي آھي جنھن اقتدار جي خاطر سنڌ کي برباد ڪيو آھي ھن ظلم جبر ۽ ڏاڍ تي ھرگز خاموش نـ ويھنداسين سائين جي ايم سيد جي سالگرھ جي موقعي تي ايندڙ جھدوجھد جو اعلان ڪنداسين

Address

Karachi
71000

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when JSM Hyderabad posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share