JSM Hyderabad

JSM Hyderabad

Share

سنڌوديش جي آزادي لاء جدوجهد

27/02/2026

جيئي سنڌ محاذ ضلعي حيدرآباد جو اجلاس ضلعي آرگنائزر ماجد حسين جي صدارت هيٺ ٿي گذريو جنهن ۾ غفار کوسو، ماڻڪ سنڌي نسيم ملاح سبحان سنڌي غفار ميمڻ رفيق سولنگي سميت ٻين دوستن شرڪت ڪئي اجلاس ۾ تنظيم کي وڌيڪ منظم ڪرڻ لاء دوستن کان رايا ورتا ويا ۽ اڳيئن هفتي ٿيندڙ گڏجاڻي ۾ متفقه راء سان تعلقي قاسم آباد جي باڊي چونڊي ويندي..

25/01/2026

ڪراچي
چيئرمين جيئي سنڌ محاذ رياض علي چانڊيو جي تازو سڙيل گل پلازه ٻاهران پريس ڪانفرنس
گل پلازه ۾ شهيد ٿيندڙ ادرو ڳالهائيندڙ سنڌين سان هن ڏک جي گهڙي ۾ برابر جا شريڪ آهيون
چيئرمين جيئي سنڌ محاذ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هي باھ جو واقعو ڪانئين ڳالھ ناهي ماضي ۾ اهڙا واقعا سرڪاري سرپرستي حڪومتي مفادن لاء ٿيندا رهيا آهن،
پريس ڪانفرنس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته ايماندار ججن تي مشتمل هڪ جانچ ڪميٽي ٺاهي وڃي جيڪا اصل ڏوهارين کي پڌرو ڪري ۽ ان جانچ ڪميٽي کان پ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم کي ٻاهر رکيو وڃي ته خبر پئجي سگهي ته انهن مان ته ڪو ملوث ناهي؟
هڪ سوال جي جواب ۾ رياض چانڊيو صاحب چيو ته اگر ان واقعي جي شفاف جاچ ڪري متاثرن کي انصاف نه ڏياريو ويو ته سائين جيئم سيد جي پوئلڳن جي اتحاد جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي تان سخت احتجاج جو اعلان ڪيو ويندو..

(نوٽ) گل پلازه جهڙي ڏکائيندڙ واقعي تي نسل پرست ڌريون مسلسل سنڌ جي وحدت تي وار ڪري رهيون آهن انهن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته ڪراچي سنڌ جي دل آ جنهن جي سنڌ کان عليحدگي تاقيامت ناممڪن آ..

08/01/2026

حيدرآباد

جيئي سنڌ محاذ جو رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي سالگرھ جي حوالي سان اجلاس سخي ستار ڏنو چولياڻي ھائوس تي زير صدارت پارٽي چيئرمين رياض علي چانڊيو جي ٿي گذريو اجلاس ۾ سائين جي ايم سيد جي 17 جنوري تي ٿيندڙ سالگرھ معتلق فيصلا ڪندي ڪاميٽيون جوڙيون ويون اجلاس ۾ پورھيت سنگت جو مرڪزي اڳواڻ محراب خان کوسو حيدرآباد ۽ ڄامشورو سان لاڳاپيل عھديدار ۽ ڪارڪن شريڪ ٿيا ان موقعي تي ڳالھائيندي رياض علي چانڊيو چيو ته سيد ھڪ مدبر سياستدان ۽ عالم ھو جنھن سنڌ جي وجود جي بقا لاء زندگي وقف ڪئي اڄ سنڌ جن حالتن ۾ ڦاٿل آھي ۽ جنھن ڪرڀ مان گذري پئي ان جو سيد کي گھڻو عرصو اڳ ادراڪ ٿي چڪو ھو

08/01/2026

حيدرآباد پ ر
جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي جو سربراھي اجلاس رھبر ڪميٽي جي سربراھ ۽ جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو جي صدارت ھيٺ سخي ستار ڏنو چولياڻي ھائوس تي ٿي گذريو جنھن ۾ جسقم بشير خان جي سربراھ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور جيئي سنڌ تحريڪ جي انور بڙدي نواز شاهه ڀاڏائي پنھل ساريو ڊاڪٽر خوشحال ڪالاڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي اجلاس ۾ رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي 122ھين سالگرھ سن ۾ ملھائڻ جي تيارين جو جائزو ورتو ويو اھو طئـ ڪيو ويو ته سائين جي ايم سيد جي سالگرھ جو گڏيل جلسو ڀرپور انداز ۾ ڪيو ويندو اجلاس ۾ سياسي صورتحال جو جائزو وٺندي چيو ويو تـ سنڌ ھڪ صوبو نـ پر سنڌين جو تاريخي وطن آھي ڪنھن کي بـ ان جي سرحدن سان ڇيڙڇاڙ ڪرڻ جي اجازت نـ ڏبي اسان اردو ڳالھائيندڙن کي سنڌ جو مستقل رھاڪو سمجھون ٿا سنڌ اسان سڀني جو گڏيل وطن آھي رھبر ڪميٽي متحدا جي باني الطاف حسين جي ان بيان جي واکاڻ ٿي ڪري جنھن ۾ ھو سنڌ کي تاريخي وطن قرار ڏيندي ان جي وطني سالميت کي برقرار رکڻ ۽ بچائڻ جي ڳالھ ڪري ٿو اجلاس ۾ چيو ويو ته سنڌ جي وسيلن ڪارونجھر جبل معدنيات ۽ ٻين پيداواري ذريعن ۽ سنڌو درياهه تي قبضي جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن انھنن ناجائز قبضا گيرين کي رد ڪريون ٿا ان موقعي تي وڌيڪ چيو ويو ته ملڪي ترقي جي آڙ ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ھيٺ اسان جا جبل پھاڙ زمينون ٽوئرازم جون پوانئٽون ٺٽي بدين ۽ سجاول جي ساحلي پٽي ماڳ مڪان سڀ قبضي ھيٺ ڪيا ويا آھن سڄي سنڌ ۾ ٻيلن تي قبضو پيا ڪن ڌرتي ڌڻين کي بيدخل ڪيو پپو وڃي خوراڪ تعليم ۽ ترقي جي سمورين رٿائن کان محروم ڪيو ويو آھي لاقانونيت جو ننگو راڄ مڙھيل آھي ٺٽي جي جيل ۾ ھڪ قيدي علي بخش ملاح کي بنا قصور تشدد ڪري ماريو ويو آھي تلھار ۾ ھڪ ڪولھي نوجوان کي جن ماريو اھي قاتل پوليس بچائي رھي آھي ھر طرف دھشتگردي آھي ھن سڄي ظلم جي ذميوار پيپلزپارٽي آھي جنھن اقتدار جي خاطر سنڌ کي برباد ڪيو آھي ھن ظلم جبر ۽ ڏاڍ تي ھرگز خاموش نـ ويھنداسين سائين جي ايم سيد جي سالگرھ جي موقعي تي ايندڙ جھدوجھد جو اعلان ڪنداسين

23/12/2025

تحفظِ سنڌ مارچ

شهيد سخي ستار ڏنو چولياڻي هائوس کان پريس ڪلب حيدرآباد تائين سنڌ جي محفوظ مستقبل جي نعرن جي گونجار ۾..

28/11/2025

اسين ڌرتيءَ جا محافظ آھيون
پاڪستان ڪو ملڪ ناھي فيڊريشن آ

جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو ❤️

26/11/2025

‏سنڌ محبت آهي ۽ محبت کي تلوارون به فتح ناهن ڪري سگهيون.!
(عبدالواحد آريسر)

25/11/2025

پيئِي جن پَرکَ، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جي؛
واري سَڀُ وَرقَ، لوچي لاهُوتِي ٿِيا.

خيال:
جن کي گنجي ٽڪر جي آستان جي سچي پروڙ پيئي. سي سمورا دفتر ويڙھي، رب کي ڏوري، وڃي لاهوتي فقير ٿيا.
ھن بيت ۾ گنجي ڏونگر مان مراد ڏکيو تڪليفن وارو پنڌ آھي
مرشد جي مٿئين بيت جو مقصد اھو آھي ته جن کي به ڏکن کان پو ايندڙ سکن جي سڌ ھوندي اھي ٻيا سڀ سک ڇڏي فقط انھن ڏکن واري پنڌ سان ئي لڳل رھندا

Photos from JSM Hyderabad's post 18/11/2025

ڪراچي
جيئي سنڌ محاذ جو خصوصي اجلاس چيئرمين رياض علي چانڊيو جي صدارت ۾ چولياڻي ھائوس تي ٿيو
حڪومت طرفان اٺاويهين ترميم آڻڻ ۽ ان ۾ وڌيڪ صوبا ٺاهڻ جي حوالي سان چيو ويو
تـ سنڌ اسان جو تاريخي وطن آھي انتظامين يونٽ ناھي ملڪي اسٽيبلشمينٽ ۽ ان جون جون اتحادي نام نھاد سياسي پارٽيون پ پ پارٽي ايم ڪيو ايم مسلم ليگ توڙي ٻيون
بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جا پاريلمياني دلال گروپ پاڪستان ۾ رھندڙ مظلوم قومن سنڌين بلوچن ۽ پختونن جي مادر وطنن کي انتظامين طور جيڪو ورھائڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي وڃي ان جي مذمت ڪيون ٿا ۽ ان خلاف ڀرپور مزاھمت ڪنـداسين
پنجاب ۽ ان جا ادارا اٺھتر 78سالن کان وٺي اسان جي وسيلن جي بيدردي سان لٽمار ڪري پنهنجي ڇاڙتن کي مظلوم قومن مان ڪڏھن سنڌين ڪڏھن بلوچن ۽ پختونن مان اقتدار تي ويھاري
پنهنجي قبضي کي واڌارو ڪندا رھيا آھن پر اڄ اھا ڳالھ پڌري ٿي پئي آ
تـ ھن ملڪ ۾ نـ اسلام آ نـ جمھوريت آ نـ ادل نـ انصاف آ ھر طرف قبضي گيري ۽ لٽمار جو نظام مڙھيل آھي
73 جو آئين بـ فورو نظام جو دستاويز آ
ڪڏھن پنجاب اھو کڻي قبضي کي سگھارو ڪندو آ ڪڏھن ان کي پيرن ھيٺان لتاڙي پنهنجي لٽمار کي جاري رکندو آ اسان آئين ترميمن ظريعي اسان جي سنڌ وطن جي جاگرافي سان ھٿ چراند يا بلدياتي اختيارن جي نالي تي سنڌ ۽ سنڌيت جي وجود سان ھٿ چراند سازش رٿي وئي آھي تنهن ڪري اسان سنڌ ائڪشن ڪميٽي کي بحال ڪيو جيئن گڏيل محاذ جوڙي سنڌ دشمن سازشن خلاف گڏيل جدوجھد ڪجي ۽ گڏوگڏ فڪر جي ايم سيد کي آڏو رکي جيئي سنڌ محاذ ۽ رھبر ڪميٽي جي پليٽ فارم تان قومي غلامي خلاف پنهنجي جدوجھد جاري رکنداسين
اياز سولنگي مرڪزي پريس ترجمان جيئي سنڌ محاذ

Want your business to be the top-listed Government Service in Karachi?

Click here to claim your Sponsored Listing.

Location

Website

Address


Karachi
71000