31/10/2024
*نئون ديرو جا تھلڪہ خيز انڪشاف*
*ھيءَ ڪھاڻي آ ھڪ مريم جي*
پارٽ 2
وڏي افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته 19 آڪٽوبر 2024 تي
گل نور اسڪول سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن نئون ديرو ۾ ھيڏو وڏو دردناڪ واقعو ٿيو جيڪو
اسان 24 آڪٽوبر 2024 تي رپورٽ ڪيوسين پر ڪنھن بہ اعلي عملدار نوٽيس نه ورتو.
جيئن ته امتياز سومرو ھڪ پرائمري ٽيچر آھي
جنھن جي پٽ اشفاق عرف ساجد سومرو کي گل نور اسڪول سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن نئون ديرو ۽ اقرا ماڊل اسڪول سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن نئون ديرو مليل آھي.
عديل پٽ امتياز سومرو جنھن کي فائونڊيشن اسسٽيڊ ماڊل اسڪول سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جوڍا مليل آھي.
ساگر رحيم سيال پٽ امتياز سومرو جنھن کي فائونڊيشن اسسٽيڊ اسڪول ڀرچونڊ مليل آھي.
مطلب اسڪولن جو ڄار امتياز سومرو ۽ سندس پٽن جي قبضي ۾ آھي.
امتياز سومرو ھڪ پرائمري ٽيچر آھي پر پنجن سالن ۾ سندس ڪرپشن ۽ ڌوڪي بازيءَ جي پيسي مان ڪيتريون ئي پراپرٽيون ٺاھيون آھن.
جن مان ڪجھ ھيٺ ڏجن ٿيون
ڪيتريون ئي جڳون ڪرائي تي ڏنل اٿس، 6 ھزار فٽ پلاٽ ڏھيسر ڪالوني ۾. 6 ھزار فٽ پلاٽ دستگير ڪالوني ۾.
21 ھزار فٽ پلاٽ دين محمد ڪالوني ۾. 6 ھزار فٽ پلاٽ عبدر واھ ۾.
3500 فٽ پلاٽ نجم شاھ ڪالوني ۾ ۽ ٻيون ڪيتريون ئي ڪروڙن جون پراپرٽيون جيڪي ھن جي پنھنجي نالي، پٽن ڌيئرن جي نالي ۽ ٻين ڪيترن ئي پنھنجن جي نالي تي ورتل آهن.
ھڪ پرائمري ٽيچر وٽ ٻه ڪارون ۽ چار موٽر سائيڪلون سندس ايتري پراپرٽي ڪٿان آئي؟
امتياز سومري جي پٽن جي اسڪولن ۾ ٽيچرس کي آگسٽ کان مئي تائين رکندا آھن چند اھي ٽيچرس ڇڏي جيڪي ھنن جي ھا ۾ ھا ملائين باقي ٽيچرس کي جون جولاءِ ۾ ڪنھن نه ڪنھن بھاني سان ڪڍي ڇڏيندا آھن ۽ جون جولاءِ جون پگھارون پاڻ کڻندا آھن.
سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جو ھڪ بھترين آفيسر شعيب ڀٽو جنھن ڪيترن ئي ٽيچرس کان اھا انڪوائري پڻ ڪئي ھئي جنھن ۾ اھو واضع ٿيو ھيو ته واقعي امتياز سومرو جي پٽن جي چارن ئي اسڪولن ۾ ساڳئي طرح ٽيچرس کي ڪڍيو ويندو آ ۽ انھن جون پگھارون پڻ ھڙپ ڪيون وينديون آھن پر امتياز سومرو جي پليل آفيسرن اھا انڪوائري اتي ئي ختم ڪرائي ڇڏي ھئي.
ذريعن موجب ٽيچر مريم جي والد وزير ميراڻي ۽ سندس گھر وارن کي موتمار ڌمڪيون ۽ داٻا ڏئي اشفاق عرف ساجد سومرو طرفان 10 لک عيوض نئون ديرو مان لڏائي لاڙڪاڻي روانو ڪري ڇڏيو ۽ معاملي کي رفعا دفعا ڪيو ويو آھي.
ڊائريڪٽر پرائيويٽ اسڪول ايجوڪيشن لاڙڪاڻو جي پٽيوالن اشفاق عرف ساجد سومرو کان پيسا وٺي سندس کي انڪوائري کان بچائي ورتو آھي.
سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن لاڙڪاڻو جي ٽن آفيسرن اشفاق عرف ساجد سومرو جي پيءُ امتياز سومرو سان ڏيتي ليتي ڪري انڪوائري روڪي ڇڏي.
صدر ۽ جنرل سيڪريٽري PPP نئون ديرو, يوسي چيئرمين نئون ديرو به امتياز سومرو جي وڏن واسطن ھجڻ جي ڪري چپ رھيا.
آھي ڪو غيرتمند اعلي عملدار جيڪو صاف شفاف انڪوائري ڪرائي اڇو ڪارو پڌرو ڪرائي ۽ اسانجي نئون ديرو جي شاگرد توڙي استادن کي ھنن رھزنن کان بچائي.
اسانجو مطالبو
وزير اعلي سنڌ، ڊي سي لاڙڪاڻو، ڊي آء جي لاڙڪاڻو، ڊائريڪٽر پرائيويٽ اسڪول ايجوڪيشن ڊسٽرڪٽ لاڙڪاڻو، ڊائريڪٽر سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن ۽ وس وارن کي اپيل ٿي ڪجي ته ان واقعي جو فل فور نوٽيس وٺن ۽ صاف شفاف انڪوائري ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي ته جيئن تعليمي ادارن ۾ ان قسم جا واقعا نه ٿين.
پاران: نئون ديرو جو عوام
Larkana sindh official Naudero Newz Naudero Larkana Larkano Digital News HD Naudero news Naudero City
Sindhoo Nawaz Ghanghro
Shahnaz Shaikh Tariq Ali Hesbani Hesbani
Naudero, Sindh, Pakistan
Qadir Chandio Larkana TV
Insaf News
Larkano Digital News HD Larkana Larkana Hai Yar Larkana TV Larkana News Updates Larkana Larkana Hai Sain Larkana sindh official Larkana City Group Sindh 360 Sindh is One Qadir Chandio Upload's Material Larkana 360 لاڙڪاڻو نيوز لاڙڪاڻي جي سھڻي Sindh Education Foundation, Government of Sindh Education of Sindh
30/10/2024
پنھنجن ٻارڙن کي ملن ، مسجدن ۽ مدرسن کان پري رکو ، نماز جي وقت بہ ٻارن سان پاڻ گڏجي وڃو .
ڪالھ ڪورنگيء ۾ نياڻيء جي شڪايت تي مالڪن طرفان فوٽو ڪڍي پوليس کي ثبوت ڏئي قرآن شريف پڙھائيندڙ مولويء کي گرفتار ڪرائي ورتو ، FIR درج ، مولويء سوين نياڻين سان جنسي حرڪتون ڪرڻ جي سچي ڪئي آھي .
Upload's Material
23/10/2024
*نئون ديرو جا تھلڪہ خيز انڪشاف*
*ھيءَ ڪھاڻي آ ھڪ مريم جي*
مريم ڌيءَ وزير علي ميراڻي ويٺل گورنمينٽ هاسپيٽل نئون ديرو وزير علي باب ذوالفقار گيٽ نئون ديرو وٽ ريڙھي تي مڇي کپائيندو آھي.
مريم ( گل نور اسڪول سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن (SEF) نئون ديرو ) ۾ بطور ٽيچر ڪم ڪندي آھي.
مريم جو اسڪول جي مالڪ ( اشفاق احمد عرف ساجد سومرو ) ولد امتياز سومرو سان ڪيتري ئي ٽائيم کان عشق ھلندڙ ھيو مريم ۽ اشفاق عرف ساجد ڪيترن ئي جڳھن تي گڏ ٽوئر ڪندا گھمندا ڦرندا رھيا جن جا ھنن ڪيترائي دفعا ڦوٽو اسٽيٽس پڻ لڳائيندا رھندا ھئا.
تاريخ 19 آڪٽوبر 2024 ڇنڇر صبح جو 11 بجہ اشفاق عرف ساجد سومرو جيئن اسڪول پھتو ته ٽيچر مريم ميراڻي کيس چيو ته توھان واعدو ڪيو ھيو عمري کان واپس اچڻ تي توھان مونسان ٻئي شادي ڪندئو ھن وقت توھان جي واپس اچڻ کي ھفتو گذري چڪو آھي پر توھان جي طرفان صرف ڪوڙا آسرا ئي ملن پيا.
ياد رھي ته اشفاق عرف ساجد سومرو پھريان کان شادي شده آھي.
ٽيچر مريم ھيڊ مسٽريس جي آفيس ۾ اشفاق عرف ساجد سومرو کي چيو مونسان شادي ڪندئو يا نه ( ھا يا نه ) ۾ جواب ڏيو اشفاق عرف ساجد صاف انڪار ڪندي چيو مان شادي نه ڪندس ٿوري ٽائيم کان پوءِ اسڪول ۾ ئي ٽيچر مريم ھنن جي سامھون زھر کاڌو ۽ ترپڻ لڳي اسڪول ۾ واويلا مچي وئي جنھن تي ( ھيڊ مسٽريس ڪرن عباسي ) چيو ٻارن کي ڪلاسن کان ٻاھر نڪرڻ نه ڏيو ۽ ھيڊ مسٽريس ڪرن عباسيءَ ٽيچر مريم جي گھر وارن کي گھرايو مريم جي ماءُ روئيندي روئيندي اسڪول پھتي ۽ سامھون ايندڙ ٽيچر اقصا کوکر کي منھن وارو چنبو ھڻي کيس نڪ مان رت ڪڍي ڇڏي.
ھيڊ مسٽريس ڪرن عباسي، اشفاق عرف ساجد سومرو ۽ ساجد جو ڀاءُ عديل سومرو ٽيچر مريم ۽ انجي ماءُ کي ڪار تي لاڙڪاڻي اسپتال کڻائي ويا.
باخبر ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته SHO نئون ديرو ان سڄي معاملي کان بي خبر رھيو ان کان علاوه حڪومتي PPP پارٽيءَ جا عھديدار به اشفاق عرف ساجد سومرو جي حمايت ۾ خاموش آھن.
(سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن SEF) ڊسٽرڪٽ لاڙڪاڻو جي آفيسرن ( 3 لک ) وٺي معاملي کي رفعا دفعا ڪري ڇڏيو.
(ڊائريڪٽر پرائيويٽ اسڪول ايجوڪيشن) ڊسٽرڪٽ لاڙڪاڻو جي ڪلارڪن ۽ پٽيوالن کي خبر ھوندي (1 لک) عيوض ڊائريڪٽر تائين ڳالھ پھچڻ نه ڏني.
تاريخ 21 آڪٽوبر 2024 سومر جي ڏينھن ھيڊ مسٽريس ڪرن عباسي اسڪول جي سڀني ٽيچرس کي گھرايو ۽ چيو ھر ڪنھن جا ڪاٿي نه ڪاٿي برا ڪم آھن جن جا ثبوت پڻ مون وٽ موجود آھن اھڙيءَ طرح ھيڊ مسٽريس ڪرن عباسي سڀني ٽيچرس کي دٻاءُ وجھندي ڌمڪايو تہ مريم جي معاملي واري ڳالھ ڪنھن بہ اسڪول کان ٻاھر ڪئي آ ته ان کي اسڪول مان بروقت ڪڍيو ويندو.
اشفاق عرف ساجد سومرو، عديل سومرو ۽ ساگر سومرو پاڻ ۾ ڀائر آھن.
اشفاق ۽ عديل کي سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن SEF جا اسڪول مليل آھن سندن ڀاءُ ساگر جو شناختي ڪارڊ ۾ نالو مٽائي ساگر رحيم سيال لکرايو ويو آھي سندس جي نالي سان بہ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن SEF جو اسڪول مليل آھي.
نئون ديرو جي ميڊيا پڻ ان موضوع تي ڪا خبر نه ھلائي آھي ڇو ته اشفاق عرف ساجد سومرو جو پيءُ ميڊيا وارن، PPP جي عهديدارن ۽ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن SEF جي آفيسرن کي پڻ تحفا پيش ڪندو رھندو آھي.
امتياز سومرو ۽ سندس اولاد ڪيترن ئي برن ڪمن ۾ ملوث ۽ عياش پرست آھن.
اسانجو مطالبو
وزير اعلي سنڌ، ڊي سي لاڙڪاڻو، ڊي آء جي لاڙڪاڻو، ڊائريڪٽر پرائيويٽ اسڪول ايجوڪيشن ڊسٽرڪٽ لاڙڪاڻو، ڊائريڪٽر سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن ۽ وس وارن کي اپيل ٿي ڪجي ته ان واقعي جو فل فور نوٽيس وٺن ۽ صاف شفاف انڪوائري ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي ته جيئن تعليمي ادارن ۾ ان قسم جا واقعا نه ٿين.
پاران: نئون ديرو جو عوام
Naudero Larkana Naudero Newz Naudero Press Club Naudero Bbc Naudero news Naudero Sindh Naudero, Sindh, Pakistan Qadir Chandio Sindh 360 Larkana 360
news naudero
Shahnaz Shaikh
Insaf Newss
Larkano Digital News HD Larkana TV Larkana sindh official Larkana Larkana Hai Sain Larkana News Updates Larkana Larkana Hai Yar