Sindh Dharti

Sindh Dharti

Share

رات جو پويون پهر ۽ ماروئڙن جي ياد، نيڻن کان ننڊ رٺل، الآ ڪڏهن وطن جا ويڙھا ڏسندس.

12/09/2022

سنڌ ۾ 2 لک خيما تقسيم ڪري چڪا آھيون، وڌيڪ 15لک خيمن جي ضرورت آهي، وڏو وزير سيد مراد علي شاھه

22/12/2021

واھ واھ ھڪ ھندوستان جي سنڌياڻي ڪلاڪار جو ھي ڪلام ٿورو غور سان ٻڌو. 🙏

Photos from Sindh Dharti's post 22/12/2021

‏آصف زرداري جي فرنٽ مين محسن زرداري ۽ عابد زرداري جيڪي پوليس ۽ روينيو کاتي جي ملي ڀڳت سان علائقي جي عام ماڻهن جي زمينن تي قبضا ڪيون ويٺا آهن انهن جي خلاف سنڌ جون نياڻيون سياري جي راتن ۾ به احتجاج جاري رکيون ويٺيون آهن .نياڻين جي جدوجهد کي سلام.

05/12/2021

ننڍپڻ جون يادون ـ🤗

05/12/2021

زميني خدائي ۽ غرور ايترو آهي جو تعزيت وٺندڙ سفيد ڏاڙهي وارا اڻپڙهيل مسڪين هيٺ فرش تي ويٺل آهن، ۽ تعزيت ڪندڙ سنڌ جو سردار هميشه جيان مٿي ويٺل آهي، سنڌ جي ڪلچر، تهذيب، روايتن، رسمن، هٿ جوڙائي جو ڍينگو ڍير ڪرڻ وارا ڪي ٻيا نه بلڪه سنڌ جا پنهنجا ئي ڀوتار آهن، جيڪي پڙهيل ته آهن پر سندن ۾ الائي ڇو تڪبر وارو فيڪٽر ڪڏهن ختم ٿيندو......!!!!

04/12/2021

اھو ڪھڙو سلامتي وارو دين آھي جنھن جي قھر کان ڪو به محفوظ ناھي؟ مذھب ۽ انتھاپسندي کي ڪڏھن به الڳ ڪري نٿو سگھجي. ڌرتيءَ تي جيسائين مذھب موجود رھندا، انسانن کي تيستائين عذاب ڀوڳڻا پوندا!

27/11/2021

شاگردياڻي جا پير ٽيبل سان صفا لڳل آھن ، خودڪشي نٿي لڳي نياڻي کي قتل ڪيو ويو آھي
ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي جا پير ٽيبل تي پيا آهن. ان حالت ۾ ڪنهن جو ساه ڪيئن ٿو نڪري سگهي؟
هي خودڪشي نه پر قتل آهي.

26/11/2021

هاسٽل جي جن ڇوڪرين کان 6 فوٽ مٿي لڳل کڙڪي به کلي نه سگهندي آهي۔ اهي ڇوڪريون 16 فوٽ اوچي ڇت جي پکي سان رسي ٽنگي رسيء کي مضبوط ڳنڍ ڏئي پوء اها رسي پنهنجي ڳچيء ۾ ٻڌي هڪ ٽن فوٽن جي ٽيبل تي پير رکي پاڻ کي ڦاهي به ڏين ٿيون۔
ڪاش سنڌي نياڻين جو ڪو ڌڻي سائين به هجي ها۔.

26/11/2021

نوشين جو المناڪ موت-
۽ سِنڌ جي مَقتل جو مَنظرنامو....!!

(نعمت کهڙو)

مُنهنجي قلم ۾،
ايتري طاقت ڪِٿي آهي،
جو مان سِنڌ جو دَرد،
بَيان ڪري سَگهان...؟؟
دُنيا کي ٻُڌائي سَگهان،
هِي اُها ڌَرتي آهي،
جَنهن تي سَڄي جَڳ ۾ موجود،
جَبلن کان به،
وَڌيڪ دَرد موجود آهي!
مان ته اُن جو،
هِڪ ماسو، ۽ هِڪ پاسو به،
بيان ڪري نَٿو سَگهان!
اُهو دَرد- جيڪو صَدين کان،
سِنڌ جي سيني ۾،
ديرو ڄَمائي ويٺل آهي!
اَڄ به سِنڌ ڄَڻ ته،
تاتارين ۽ ڪاچارين،
جي قبضي مَنجهان،
گُذري رَهي آهي!
نادر شاهه ايراني به ٻُڌوسين!
مَدد خان اَفغاني به ٻُڌوسين!
ڪي تُرخان، ۽ تُغلق به آيا!
عربن به سِنڌ جي ڪُومل وَجود تي،
پَنهنجا گهوڙا ڊوڙايا!
اَڄ به اُنهن جي،
سُنبن جا نشان چِٽا آهن!
اَڄ به سِنڌ ۾،
ڌاڙ گهوڙا آهي!
مُغلن به مَحشر بَرپا ڪيو!
انگريزن به ظُلمت مَچائي!
اُهي سَڀ تاريخ جو حصو بَڻجي ويا!
ها! پَر! اَفسوس،
اُنهن جو خاتمو اَچي نه سَگهيو!
ظُم ڪريو- ۽ راڄ ڪريو!
اُنهن جو انسان دُشمن نَظريو،
خَتم ٿِي نه سَگهيو!
اُهو اَڄ به پُوري شدت سان،
سِنڌ ۾ موجود آهي!
جيڪو سِنڌ جي وَجود سان،
بيدردي ۽ بي جِگري سان،
کيڏي رَهيو آهي!
ها! اُنهن ظالمن جو اولاد پِڻ-
ڪنهن نه شَڪل،
ڪنهن نه ڪنهن رُوپ ۾،
اَڄ به موجود آهي!
جيڪي شَهرن ۾ به آهن!
ڳوٺن ۾ به آهن!
رِڻ پَٽ ريگستانن ۾ به آهن!
اَفسوس صَد اَفسوس!
وَڏي وَقت کان اُهي سِنڌ جي،
اَعليٰ تَعليمي ادارن ۾ پِڻ،
گهڙي آيا آهن!
جَن کان سِنڌ جُون،
هرڻين جَهڙو نياڻيون،
مَحفوظ ناهن!
مَحبوب ناظم جَهڙا،
ڳڀرو پُٽ به بَچيل ناهن!
ها! آئون جَڏهن-
سِنڌ جي مَقتل ڏانهن ڏِسان ٿو!
ظُلم ڪو هِڪ پاسائون ناهي!
ظُلم گهڻ- پاسائون آهي!
حُڪومت جا ظُلم!
وَقت جي حُڪمرانن جا ظُلم!
رياست جا ظُلم!
اُن جي ڪارندن جا ظُلم!
وَڏيرن، ڀوتارن، پِيرن مِيرن،
نام نهاد نَوابن ۽ سَردارن جا ظُلم!
اُهي سَڀ گڏ آهن!
قاتلن جو ٽولو ساڳيو آهي!
آئون سِنڌ جي مَقتل ۾ آيو آهيان!
مُونکي اُهي سياسي ڪارڪُن پِڻ،
نَظر اَچي رَهيا آهن!
جَن کي گوليون هڻي ماريو وَيو!
جَن کي رَت ۾ وهنجاريو وَيو!
جَن کي زندهه جَلايو وَيو!
۽ پوءِ سِنڌ کي،
وَڏي وات ٻُڌايو ويو!
تُون حَق گُهرندينءَ،
پَنهنجو آواز بُلند ڪندينءَ،
تُنهنجي ٻَچن کي،
کنڀي گُم ڪيو ويندو!
اُنهن جا چچريل لاش،
تُنهنجي جهوليءَ ۾ اُڇلايا ويندا!
توکي انصاف نه مِلندو!
اُتي سِنڌ پَنهنجو رَدِ عَمل ڏِنو!
سِنڌ- جيڪا پَنهنجي رُوح ۽ خمير ۾،
صَدوري به آهي، ته سَرڪش پِڻ!
صَدوري مَظلوم انسانيت لاءِ!
سَرڪش جابرن ۽ غاصبن لاءِ!
هاڻي مَقتل ۾ موجود!
ٽنڊي بهاول جا مَعصوم ڳوٺاڻا،
انصاف لاءِ واجهائي رَهيا هُئا!
اُنهن جي پُڄاڻان-
ڀيڻ حاڪم زادي ۽ ڀيڻ زيب النساءِ،
پاڻ کي باهه ڏِني!
اُهي به مَقتل جي زينت بَڻيون!
۽ پوءِ- ۽ پوءِ،
سِنڌ اَمان جَندو جي رُوپ ۾،
اڳيان اَچي وَئي!
قاتل کي لَلَڪاري چَيائين،
اي قاتل!
مان سِنڌ جي مِٽي آهيان!
تو مُنهنجي ٻَچڙن کي ماريو آهي!
اَڃا به تُون ظُلم تي بيٺل آهين!
مُنهنجي نياڻين پاڻ ساڙيو آهي!
هاڻي مُنهنجي مَن ۾،
سَرفروشيءَ جي تَمنا،
جاڳي اُٿي آهي!
اي قاتل!
تُون جيڪو زور لڳائي سَگهين ٿو.
اُهو لڳاءِ!
تو مُنهنجي پُٽن کي ڪُٺو!
مُونکان مُنهنجون نياڻيون،
سيبتيون ۽ سياڻيون به کسي وَرتيون!
هاڻي مُونکي به گهاءِ!
اي قاتل!
مُنهنجي مَن- اَندر ۾،
سَرفروشيءَ جي تَمنا-
جاڳي اُٿي آهي!
تُنهنجي بازوئن ۾،
ڪيتري طاقت آهي...؟؟
تُون پَنهنجو سَڄو زور لڳاءِ،
مان جُهڪڻ واري ناهيان!
مان وڪامڻ واري ناهيان!
يَقينن! قاتل گيدي هوندا آهن!
انسانيت جا دُشمن-
اصل ۾ ڏاڍا ڪمزور هوندا آهن!
بس! اُهي اُن وَقت،
خُدا بَڻجي ويندا آهن،
جَڏهن خلقِ خُدا،
خاموش هُوندي آهي!
اُنهن مَنجهان ڪا اَڪيلي،
اَمان جَندو،
اَٽل بَڻجي بيهندي آهي ته،
اُهي هيڻا ٿي پَوندا آهن!
اِئين ساڻا ۽ ويڳاڻا ٿِي پَوندا آهن،
جِيئن مَٿن صَدين جو،
بار اَچي اوچتو ڪِريو هُجي!
پوءِ سَڀني ڏِٺو-
قاتل ڪمزور ٿِيو!
مُنصف وَڏو بي شرم هو!
اُن کي به شَرم آيو!
اَمان جَندو سان-
مُڪمل نه ئِي سَهي،
انصاف ضرور ڪيو ويو!
اَڄ جَڏهن مُون،
هِڪ ڀيرو ٻيهر،
سِنڌ جي مَقتل ۾،
جهاتي پاتي آهي،
مُنهنجي ڇاتيءَ ۾،
ڪاتي کُپي وَئي آهي!
پَر مان مايوس ناهيان!
مان گهٻرايل ناهيان!
مان ته سِنڌ جي دَردَ کي سَميٽي،
توانائين ۾ تَبديل ڪري،
اَهڙو طوفان مَچائڻ ٿو چاهيان!
جَنهن سان ظُلم ۽ ظالم،
ڪک پَن ٿي وَڃن!
سِنڌ جو اُهو دَرد-
جيڪو مَعصوم ڪانها ڪُمار،
جي رُوپ ۾ پڻ،
رُوح کي رَتورَت ڪري رَهيو آهي!
ڪو هِڪ ماڻهو ته ناهي؟
ڪو هِڪ ٻار ته ناهي؟
ڪا هِڪ نياڻي ته ناهي؟
ڪو هِڪ شَهيد ته ناهي؟
هَزارين لکين آهن-
جيڪي ظُلم جي گهاڻي ۾،
پيڙجي ويا!
ڪُجهه کي ياد ڪيو ويو!
ڪي گُمنام ئي رَهيا!
مَقتل ۾ پاڻ ڏِسون ٿا،
راجا ڏاهر موجود آهي!
سُورهيه بادشاهه پڻ موجود آهي!
بَشير خان ساڻن،
ڪچهري ڪري رَهيو آهي!
تَوهان ڏِسي سَگهو ٿا-
ساڳي ڪچهريءَ ۾،
دولهه دريا خان ۽ دودو سومرو به،
موجود آهن!
هيمون ڪالاڻي ۽ روپلو ڪولهي پڻ،
نَظر اَچي رَهيا آهن!
هوڏانهن مَقتل جي هُن طرف،
ڀُٽا شَهيد به موجود آهن!
مُرتضيٰ ۽ شاهنواز،
پَنهنجي شَهيد بابا سان،
گڏ ويٺل آهن!
بينظير شهيد سِنڌ جي،
مَظلوم مَقتول نياڻين سان،
ڪچهري ڪري رَهي آهي!
مَقتل ۾ هِڪ ٻي چوڪڙي به،
مَتل آهي!
جيڪا سِنڌ جي ساڙي شَهيد ڪيل،
ڪارڪُنن جي آهي!
اُهي وَري مَخدوم بلاول سان،
محوِ محفل آهن!
سَڄو مَقتل ڀَريل آهي!
جِتي خالد محمود شهيد،
اَڄ به سَجدي ۾ آهي!
خُدا جي دَرٻار ۾ ٻاڏائي،
سِنڌ لاءِ انصاف گُهري رَهيو آهي!
مَقتل ۾ تازو ئي،
شَهيد ناظم جوکيو به،
پُهتو آهي!
جَنهن جي گڏيل طور،
پُرجوش آجيان ڪَئي وَئي آهي!
کيس سُرخ سَلام پيش ڪيو ويو آهي!
هوڏانهن عيني بَلوچ شَهيد،
بينظير واري ڪچهريءَ ۾،
موجود نَظر اَچي ٿي!
اُتي فهميده سيال به،
هاڻي هاڻي پُهتي آهي!
ميمونه سومرو،
۽ روشنه مَحبوب پڻ موجود آهن!
قُرآن شَريف جي حافظ نياڻي،
روبينه اُڄڻ-
جَنهن کي بي آبرو بَڻائي،
شَهيد ڪيو ويو،
اُها تَلاوت ڪري رَهي آهي!
هوڏانهن مَقتل ۾،
دودو ڀيل روپلي ڪولهيءَ جي،
ڀاڪرن ۾ ڀَريل نَظر اَچي ٿو!
مَقتل ۾ هڪ چوڪڙي،
سِنڌ جي شَهيد قلمڪارن،
جي پِڻ آهي!
اَمير بَخش، اَجئه ڪُمار، عَزيز ميمڻ،
علي شير راڄپر، شاهد سومرو،
مُنير سانگي، ذوالفقار، ۽ نُور لَنجواڻي،
پاڻ ۾ ڪچهري ڪري رَهيا آهن!
هاڻي سِنڌ جو سَڄو دَرد،
مُنهنجي سيني ۾،
لَهي آيو آهي!
۽ مان-
نَمرتا کان نائلا، ۽ نوشين تائين!
سِنڌ جي اُن سُور کي،
بيان ڪرڻ چَاهيان ٿو!
جيڪو هاڻي،
مُڪمل ناسُور ۾ تَبديل ٿي ويو آهي!
خُدا جي واسطي!
ڌرتي ماءُ جي ناتي!
اُن ناسُور جو علاج ڪريو!
اُن جو مُڪمل خاتمو آڻيو!
نه ته پَڪ ڄاڻو!
ڪو به مَحفوظ نه رَهندو!
سِنڌ باقي نه رَهندي!
سِنڌ نه رَهي ته،
ڪائنات جا سَڀ رَنگ،
۽ ڪهڪشان پڻ،
بي رَنگ بَڻجي ويندا!
سِج- چَنڊ، ۽ سِتارا،
وسامي ويندا!
انسان ۽ انسانيت،
بي مَعنيٰ بَڻجي ويندا!
شايد! اُهو،
قيامت جو ڏِينهن هوندو!
ها! شايد! اُهو ئِي،
قيامت جو ڏِينهن هوندو!

26/11/2021

#زرعي يونيورسٽي ۾ ثقافتي ڏينهن ملهائڻ تي رياست پاران 120 شاگردن مٿان بغاوت جا ڪيس داخل
سنڌ جي ڪلچر کي پروموٽ ڪرڻ سان به جيڪڏھن سنڌي شاگرد غدار آھن ته ڀلا غدار ئي صحيح..

26/11/2021

SPSC announcement for new jobs.
(سنڌ جي مڪاني کاتي ۾ #نوڪرين جو اعلان)

سنڌ جي مڪاني کاتي (لوڪل گورنمينٽ) ۾ ٽائون آفيسر . ميونسپل آفيسر . ۽ اڪائونٽنٽ جون نوڪريون سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ڀرتين جو اعلان...

1) ميونسپل آفيسر (BPS:17) 486 خالي جايون .....
(2) ٽائون آفيسر (BPS: 16) 666 خالي جايون....
(3) اسسٽنٽ اڪائونٽنٽ آفيسر( BPS :16) 117 خالي جايون..
درخواست جمع ڪرڻ جي آخري تاريخ 2021-12-28 آھي..
وڌيڪ تفصيل لاء ھيٺ ڏنل لنڪ تي ڪلڪ ڪريو..
www.spsc.gov.pk

Want your business to be the top-listed Government Service in Karachi?

Click here to claim your Sponsored Listing.

Location

Category

Website

Address


Karachi