18/03/2024
پريس پڌرائي؛
ڪراچي 10.03.24
سنڌوديش مقدر آ
سائين جي ايم سيد رھبر آ
ڪل لاڙڪاڻي ۾ شهيد سائين هدايت لوهار جي ناحق قتل خلاف ٿيل احتجاجي ريلي تي رياستي نقابپوشن ۽ پوليس اهلڪارن طرفان احتجاج تي بيرحم تشدد ۽ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي گرفتاري خلاف جسقم جساف آريسر جي مرڪزي سڏ تي اڄ جساف آريسر ڪراچي پاران ڪراچي پريس ڪلب اڳيان ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو.
احتجاج ۾ جساف اڳواڻن ڳالھيندي چيو تہ سائين ھدايت لوھار کي نقابپوش بندوق بردارن بيدردي سان نصيرآباد ۾ قتل ڪيو، جنھن جا قاتل اڄ مهينو گذرڻ باوجود رياستي قاتل گرفتار ناهن ٿي سگهيا، پر ان جي ابتڙ شھيد جي ڌيئرن پاران لاڙڪاڻي ۾ پرامن احتجاج ڪيو ويو ان تي پوليس پاران لاٺي چارج ڪري سوين ڪارڪنن، نياڻن ۽ نوجوانن کي تشدد ڪري گرفتار ڪيو جنھن جي اسان سخت مزمت ٿا ڪيون ۽ جساف چتاء ٿي ڏئي تہ جلد ئي قومي ڪارڪنن مٿان ڪيس ختم ڪري آزاد ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ جساف شھيد جي فيملي سان هر محاذ تي گڏ هوندي سموري سنڌ ۾ سراپا احتجاج ھوندي.
اڳواڻن وڌيڪ خطاب ڪندي چيو تہ اسان غلام قوم جا فرد حقن واري عالمي ادارن ۽ اقوام متحده کان گھر ڪيون ٿا تہ پاڪستان اندر بربريت خلاف نوٽيس ورتو وڃي ۽ مظلوم قومن جي خوشحالي ۽ آزادي ۾ اسانجي مدد ڪئي وڃي.
ترجمان
جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن(جساف آريسر)ڪراچي
10/03/2024
جيئي سنڌوديش جيئي سائين جي ايم سيد
پڌرائي 10/04/24
ڪل 9 مارچ جي شام جساف آريسر پاران بينظير لائبريري سچل ڳوٺ ۾ لطيف سرڪار جي فلسفي تي پهرئين فڪري ويهڪ ڪوٺائي وئي هئي، ان ويهڪ ۾ سينيئر قومي ڪارڪن وقار ڪوري لطيف سرڪار جي شاعري کي فڪرِي پسمنظر سان سمجھايو، ان سان گڏ جساف ڪراچي جو صدر سلام اڄڻ پڻ لطيف سرڪار جي فڪر تي ڳالهايو. ساٿين جي سوالن جا جواب پڻ ڏنا. هن ويهڪ ۾ لطيف سرڪار جي شاعري جي چئن پسمنظر وحدت الوجود، محبت، قومي جدوجهد ۽ مذاحمت کي سمجهيوسين.
آخر ۾ جساف آريسر ڪراچي اعلان ڪيو تہ جساف پاران هي فڪري ويهڪ ماهوار هلائي ويندي ۽ ايندڙ سيشنس لاء لطيف سائين جي سُرن کي ترتيب وار پڙهيو ۽ سمجهيو ويندو ۽ لطيف سائين جي طويل ۽ اونهي فلسفي مان حاصل ٿيندڙ سڀني فڪري پاسن تي غور ڪندي سليبل پڻ ساٿين آڏو پيش ڪيو ويندو، جيئن جساف لطيف سرڪار جي فلسفي کي آسان ۽ بهترين طريقي سان توهان ترقي پسند ساٿين تائين پڄائي سگهي.
هن ويهڪ ۾ جساف آريسر ڪراچي جي ساٿين سان گڏ جساف، سياف، پي آر ايس ايف، سنڌي شاگرد سٿ، جسقم آريسر جي ساٿين ۽ عام شاگردن شرڪت ڪئي.
پريس ترجمان
جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (آريسر) ڪراچي
09/03/2024
ويھُ مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾، ڪِجِ وَڃڻَ سِين وَسُ
ليڙَنِ جو لَطِيفُ چَئي ڏُونگرُ ڏِيندُءِ ڏَسُ
ھَلِي پُنھون پَسُ، سِرَ ڀَرِ رِڙهِي سَسُئي!
(لطيف)
جيئي سنڌوديش
جيئي سائين جي ايم سيد
جساف آريسر ڪراچي پاران رھبر لطيف جي فلسفي تي فڪري ويھڪ ڪوٺائي وئي آھي، جنهن ۾ نوجوان قومي اڳواڻ ۽ ڏاهو ڀاءُ وقار ڪوري فڪر لطيف سرڪار تي پاڻ سان مخاطب ٿيندو.
فڪري ويهڪ جو مقصد پنهنجي عظيم شاعر شاھ لطيف جي فڪر کي،. سمجهڻ، ان تي عمل ۽ سندس پيغام کي عام ڪرڻ آهي. جنهن جي شاعري ۾ دنيا جي ٻين موضوعن سان گڏ قومن جي آزادي، عالم انسانيت لاءِ پيار، پريت ۽ امن جو پيغام آهي.
جنهن ۾ توهان شاگردن، سياسي، سماجي ۽ ترقي پسند ساٿين کي شرڪت جي دعوت عرض رکجي ٿي.
09 مارچ بروز ڇنڇر
وقت : شام 4 وڳي
ھنڌ : شھيد بينظير ڀٽو پبلڪ لائبريري سچل ڳوٺ ڪراچي
پريس ترجمان:
جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (آريسر) ڪراچي
05/03/2024
جيئي سنڌوديش جيئي رھبر اعظم سائين جي ايم سيد
پريس رليز؛ تاريخ 04/03/2024
ڪراچي
سنڌ جي قومي آزادي واري تحريڪ ۾ شاگرد هلچل جي نمايان علامت 4 مارچ 1967 واري شاگردن جي جدوجهد آهي، 4 مارچ تي جساف ۽ عام شاگردن سنڌ جي وجود سان ٿيندڙ هر رياستي سازش کي وڏي بردباري، ۽ همت سان منهن ڏنو، ان سان گڏوگڏ سنڌ جي شاگردن ۾ جدوجهد جي هڪ نئين لهر پيدا ڪئي جنهن کي اڄ اسين عوامي سياست جي شڪل ۾ پڻ ڏسون ٿا پيا، انهي چار مارچ شاگرد جدوجهد جي تسلسل کي برقرار رکندي جساف آريسر پاران پوري سنڌ ۾ ليڪچر پروگرام ڪرايا ويا آهن. مرڪزي اعلان تي عمل ڪندي جساف آريسر ڪراچي پاران سچل لائبريري ۾ شاندار پروگرام ڪرايو ويو، پروگرام ۾ ناميارو وڪيل، سينيئر اڳواڻ ۽ جيئي سنڌ محاذ جو چيئرمين سائين خالق جوڻيجو شاگردن ۽ ترقي پسند ساٿين کي ليڪچر ڏيندي مخاطب ٿيو. آخر ۾ مقرر پاران ٻڌندڙن جي سوالن جا جواب پڻ ڏنا ويا۔ هن پروگرام ۾ جسقم آريسر ڪراچي، جيئي سنڌ محاذ، سياف، سنڌي شاگرد تحريڪ، پي آر ايس ايف جي ساٿين ۽ عام شآگردن پڻ شرڪت ڪئي.
پريس ترجمان
جساف آريسر ڪراچي
01/03/2024
پڌرائي؛
1 مارچ 2024ع
جيئي سنڌوديش جيئي سائين جي ايم سيد
4 مارچ 2024 تي جساف آريسر مرڪز پاران سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ "چار مارچ شاگرد جدوجھد کان عوامي سياست تائين" جي عنوان ھيٺ ليڪچر پروگرام منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي.
جساف پاران ڪراچي ۾ سچل لائبريري سچل ڳوٺ ۾ ليڪچر پروگرام رکيو ويو آھي، پروگرام ۾ اوهان سان مقرر سائين "عبدالخالق جوڻيجو" مخاطب ٿيندو.
سمورن نوجوان شاگردن،وطن دوست، ترقي پسند ذھنن ۽ وڪيل دوستن کي دعوت ڏجي ٿي.
تاريخ:4 مارچ 2024
ھنڌ: بينظير لائبريري سچل ڳوٺ ڪراچي
وقت: منجھند 2:30 وڳي کان 5 وڳي تائين.
جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن(آريسر)ڪراچي
24/02/2024
سنڌوديش مقدر آ
سائين جي ايم سيد رهبر آ
ڪلھ تاريخ 23 فيبروري شام پنج وڳي ڪراچي جي قومپرست تنظيمن پاران ملير پريس ڪلب تي شهيد سائين هدايت لوهار جي قتل خلاف سڏايل احتجاج ۾ جساف آريسر ڪراچي پاران ڀرپور شرڪت ڪئي وئي ۽ جساف آريسر اڳواڻ اويناش سنڌي تنظيمي موقف پڻ رکيو.
احتجاج ۾ جساف جسقم آريسر سميت ٻين تنظيمن جي ساٿين ۽ ترقي پسند دوستن پڻ شرڪت ڪئي.
ترجمان
جساف آريسر
ڪراچي
22/02/2024
جيئي سنڌوديش
جيئي سائين جي ايم سيد
جساف پاران منعقد ڪيل "شھيد اسد عباسي سلسليوار اسٽڊي سرڪل" جو دستوري ھفتيوار پنڌرهون (15) سرڪل سڀاڻي تاريخ 23 فيبروري جمع جي ڏينهن 11:30 وڳي "پيٽر ڪروپاٽڪن" جي ڪتاب "نوجوانن ڏانھن" تي اپلائيڊ ڪيمسٽري ڊپارٽمينٽ جي پارڪ لڳ فزڪس ڊپارٽمينٽ ۾ ھلايو ويندو.
"شهيد اسد عباسي سلسليوار اسٽڊي سرڪل" جو مقصد جساف جي ڪارڪنن، شاگردن ۽ سنڌ جي نوجوانن ۾ علمي، ادبي، سياسي ۽ شعوري واڌويج، ۽ ڪراچي جي شاگرد سياست ۾ تعليمي ۽ تربيتي سرگرمي کي ڪامياب ڪرڻ آهي، جنهن لاء تمام قومي وه سياسي ترقي پسند ساٿين کي شرڪت جي دعوت عرض رکجي ٿي.
پريس ترجمان
جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (آريسر)
ڪراچي
22/02/2024
سنڌوديش مقدر آ
سائين جي ايم سيد رھبر آ
پريس رليز
16 فيبروري تي رياستي سرپرستي ھيٺ قتل ڪيل شھيد سائين ھدايت لوھار جي ناحق قتل ۽ سنڌ ۾ رياست پاران شروع ڪيل نئين ڊيٿ اسڪواڊ خلاف اڄ تاريخ 22 فيبروري تي جساف آريسر پاران G3 اسٽاپ کان سچل گيٽ تائين ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو.
جنھن ۾ جساف ضلعي صدر سلام اُڄڻ ۽ ضلعي جنرل سيڪريٽري اويناش سنڌي تنظيمي موقف رکيو ۽ ان کان علاوه جساف جي ڪارڪن اظھار مھر شاعري پڙھي شھيد سائين ھدايت لوھار کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ جسقم ضلعي چيف آرگنائزر پارٽي موقف پڻ رکيو.
احتجاج ۾ جساف ۽ جسقم آريسر ضلعي اوڀر جي اڳوڻن، ڪارڪنن ۽ ٻين ساٿين شرڪت ڪئي.
پريس ترجُمان
جساف آريسر ڪراچي
31/01/2024
مذمت؛
ڪراچي يونيورسٽي انتظاميا طرفان مسلسل سنڌي شاگردن سان ڏاڍايون ڪري سندن تعليمي رستا روڪ ڪئي پئي وڃي، تعليمي اداري ۾ رجعت پرست تنظيمن کي ھٿي ڏئي سنڌي شاگردن تي حملا، ڪڏھن فيسن ۾ غير قانوني واڌ، ڪڏھن سنڌ جي علمبردار لطيف جي بيتن جي بيحُرمتي، تہ ڪڏھن (KSP) تعصباڻي پاليسي لاڳو ڪري سنڌين کي پنھنجي وطن تي بي وطن ڪرڻ جي سازشن ۾ رڌل آھي.
انھن سڀني ناانصافين ۽ تعليم دشمن پاليسن خلاف "سنڌي شاگرد سٿ" پاران 4 ڏينھن بک ھڙتال قائم ڪئي وئي جنھن جي پاداش ۾ سٿ جي چئرمين شاھد حسين شر ۽ وائس چئرمين عامر صوبدار تنيو کي يونيورسٽي انتظاميا ايڪسپل ڪيو آھي.
جساف آريسر ڪراچي انتظاميا جي اھڙي بيحس روش جي سخت مزمت ڪري ٿي ۽ مطالبو ڪري ٿي تہ فلفور شاگردن جون داخلائون بحال ڪيون وڃن، جساف ھر محاذ تي شاگردن سان گڏ ھوندي ۽ ان سان گڏ "سنڌي شاگرد سٿ" کي سندن ھرفيصلي ۾ گڏ ھجڻ جي يقين دھاني ڪرائي ٿي.
ترجُمان
جساف آريسر ڪراچي
26/01/2024
پڌرائي،
ڪراچي؛
ڪراچي يونيورسٽي جي مکُ گيٽ آڏو "سنڌي شاگرد سٿ" پاران پنھنجي حقن جي مڃتا لاء ٻن ڏينھن کان لڳايل بک ھڙتالي ڪيمپ تي رات 4 وڳي پوليس جي چڙھائي، شاگردن تي تشدد ۽ گرفتار ڪرڻ شرمناڪ عمل آھي ھن رياست گردي جي اھڙي عمل جي جساف آريسر ڪراچي ڀرپور مذمت ٿي ڪري ۽ ڪراچي يونيورسٽي کي سڄي معاملي جي ڌرُ سمجھي ٿي،
ڪراچي يونيورسٽي ۾ (KSP) پاليسي، فيسن ۾ واڌارو ۽ لطيف سرڪار جي انتظاميا طرفان مسمار ڪيل بيتن کي ٻيھر اداري ۾ لکرائڻ ۽ ٻين بنيادي حقن جي مڃتا تائين بک ھڙتال قائم رھندي جنھن ۾ جساف پنھنجي سنڌي ڀائرن ۽ سنڌي قوم سان گڏ بيھڻ جي يقين دھائي ٿي ڪرائي ۽ ھر محاذ تي جساف آريسر گڏ بيھڻ جو يقين ٿي ڏياري ۽ يونيورسٽي انتظاميا کي چتاءُ ٿي ڏئي تہ پنھنجو قبلو درست ڪري، سنڌي شاگردن جا مطالبا جلد پورا ڪيا وڃن .
پريس ترجمان
جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن(جساف آريسر ڪراچي)