Adv Kahkashan Qalander Lakiaree

Adv Kahkashan Qalander Lakiaree

Share

A lawyer by profession, writer by passion and a political worker.

01/05/2026

Happiest Birthday to my late Father, visionary and an encyclopedia of his Era...
اھو دم حرام جنھن ۾
ياد نہ ھجين تون
قلندر تنھنجو نام
اٺ ئي پھر اندر ۾

20/03/2026

ھي دعويدار سڀئي ان مھل ھيا ڪاٿي
سـر لوڙھن ۾ جڏهن ٿي ڌار ٿيا جـاٿي
ھـن ساري ڪـھاڻي جو ڪــردار پــاڳــارو آ
ھن جيجل ڌرتي جو حقدار پــاڳــارو آ
( 20مارچ يوم شھادت امام انقلاب حضرت شھيد سورھيه بادشاھ رح )

07/02/2026

کل 8 فروری کو ملک گیر پہیہ جام اور شٹر بند ہڑتال ہوگی تمام ٹرانسپورٹ، گاڑیاں اور کاروباری سرگرمیاں معطل رہیں گی یہ احتجاج جعلی مینڈیٹ، بدترین حکمرانی اور عوامی حقوق کی پامالی کے خلاف ہے عوام سے اپیل ہے کہ ظلم کے خلاف اجتماعی طاقت کا اظہار کریں

31/01/2026

No to Fake Mandate, No to fixed election results. Bhej Pagara✌

04/12/2025

Paying tribute to my great Father Prof Syed Qalander Shah Lakiaree sahib on his 5th death anniversary. Baba Sain Qalandar Shah was no doubt a sea of knowledge. He was not only Qalander by name but Qalander in all his spirits- in living, in speech, in deeds and in thoughts. May Allah grant him highest place in Janat-ul-firdos

Photos from Adv Kahkashan Qalander Lakiaree's post 20/10/2025

ٿي سگھي ٿو ڊاڪٽر عبدالله بہ ناھيلزم جو شڪار ٿيو ھجي.
ناهيلزم (Nihilism) ڇا آهي؟

ناهيلزم هڪ فلسفيانه نظريو آهي، جنهن جي بنيادي دعويٰ آهي ته زندگيءَ جو ڪو به بنيادي مقصد، معنيٰ يا قدر ناهي. لفظ "ناهيلزم" لاطيني لفظ "nihil" مان نڪتل آهي، جنهن جو مطلب آهي "ڪجهه به نه". هن نظريي موجب، روايتي اخلاقيات، مذهبي عقيدا، سماجي قدر ۽ حتيٰ سائنسي اصول به بالآخر بي معنيٰ آهن، ڇو ته وجود جو ڪو به مطلق سچ يا مقصد ناهي.

ناهيلزم جا ٻه مکيه قسم آهن:
1. وجودي ناهيلزم (Existential Nihilism):
زندگيءَ جو ڪو به جوهري معنيٰ يا مقصد ناهي.
2. اخلاقي ناهيلزم (Moral Nihilism):
ڪو به اخلاقي قدر يا سچائي حقيقي ناهي؛ سڀ ڪجهه (relative) آهي.

---

ناهيلزم جو مقصد:

ناهيلزم جو ڪو واضح "مقصد" ناهي هوندو، ڇو ته اهو پاڻ ۾ مقصد يا معنيٰ جي خاتمي جي حمايت ڪري ٿو. پر ڪجهه ماڻهو ان کي هڪ آزاديءَ جي طور تي ڏسن ٿا، جيڪا روايتي سماجي، مذهبي يا اخلاقي پابندين کان آزادي ڏئي ٿي. ناهيلزم شايد ماڻهن کي حوصلا افزائي ڪري ته هو پنهنجي معنيٰ يا مقصد پاڻ ٺاهين (جهڙوڪ وجوديتي فلسفي ۾). مثال طور، جرمن فلسفي فريڊرڪ نٽشي ناهيلزم کي هڪ مرحلي طور ڏٺو، جيڪو ماڻهن کي نوان قدر خلق ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري سگهي ٿو.

---

ناهيلزم جا نقصان:

1.معنيٰ جي کوٽ ۽ مايوسي:
ناهيلزم زندگيءَ ۾ معنيٰ جي فقدان کي اجاگر ڪري ٿو، جيڪو ماڻهن ۾ مايوسي، اداسي يا وجودي بحران (existential crisis) پيدا ڪري سگهي ٿو.

2.اخلاقي انتشار:
جيڪڏهن اخلاقي قدرن کي رد ڪيو وڃي، ته اهو سماجي ضابطن ۽ ذميوارين کي نظرانداز ڪرڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿو، جنهن سان سماج ۾ افراتفري يا خود غرضي وڌي سگهي ٿي.

3.حوصلي جي کوٽ:
جيڪڏهن سڀ ڪجهه بي معنيٰ آهي، ته ماڻهو شايد مقصد يا عزائم لاءِ محنت ڪرڻ ۾ دلچسپي وڃائي ويهندا، جيڪو ذاتي ۽ سماجي ترقيءَ ۾ رڪاوٽ بڻجي سگهي ٿو.

4.اڪيلائي ۽ الڳتي:
ناهيلزم جي نتيجي ۾ ماڻهو سماجي رشتن ۽ گڏيل قدرن کان پري ٿي سگهن ٿا، جيڪو اڪيلائيءَ جو احساس وڌائي سگهي ٿو.

---

نتيجو:
ناهيلزم هڪ اهڙو فلسفو آهي، جيڪو زندگيءَ جي روايتي معنيٰ ۽ قدرن تي سوال اٿاري ٿو. جيتوڻيڪ اهو فڪري آزادي فراهم ڪري سگهي ٿو، پر ان جا نفسياتي ۽ سماجي نقصان به اهم آهن. نٽشي جهڙا فلسفي ان کي هڪ چئلينج طور ڏٺو، جنهن مان نڪرڻ لاءِ ماڻهن کي پنهنجا نوان معنيٰ ۽ قدر خلق ڪرڻ گهرجن. پر جيڪڏهن ان کي صرف رد ڪرڻ واري نظريي طور قبول ڪيو وڃي، ته اهو مايوسي ۽ بي مقصديءَ جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

15/10/2025

اناللہ واناالیہ راجعون

05/09/2025

💚💚💚

30/07/2025

(ھالاڻي پير بنا اڌوري آ )

سنڌ جي تاريخي شھر ھالاڻي ۾ لڪياري خاندان جي بي بھا موتي جيد عالم اخلاق ۽ اخلاص جي مالڪ فقير طبيعت حاتم صفت ، منصف مزاج رحمدل حاڪم ، خوش پوشاڪ ، خوش گفتار ، حسين جميل پير سيد شھاب الدين شاھ رحمت الله عليه ، مسلمانن جي الڳ وطن ۽ الڳ علمي درسگاھون لاء جدوجھد ڪندڙ انگريزن سامراج جي ھٿان شھيد ٿيندڙ پير سيد فتع علي شاھ رح جن جي حويلي ۾ 1868ع ۾ اک کولي 23 رمضان 1926ع ۾ ھالاڻي ۾ وفات ڪئي ، پير سيد شھاب الدين شاھ ننڊي کنڊ جي مفتي اعظم حضرت پير سيد محمد عاقل شاھ رح جا پوٽا ۽ شھيد پير سيد فتع علي شاھ رح جا ٻيو نمبر فرزند ھئا ۽ منھنجا تڙ نانا سائين ھئا ، پير صاحب ننڊپڻ کان ئي تمام ھوشيار ۽ ڏاھا انسان ھئا ساھتي پرڳڻي جو سڀ کان وڏو مدرسو سندس ڏاڏي سيد محمد عاقل شاھ رح جو قائم ڪيل مدرسي ۾ تعليم حاصل ڪئي انھي زماني ۾ فارسي زبان سنڌ ۾ لازم ھئي انھي ڪري نانا پير سيد شھاب الدين شاھ صاحب فارسي جا وڏا ڄانو ۽ ماھر بڻيا ، پير صاحب پنھنجي دور جا وڏا عالم ۽ پرھيزگار انسان ٿي گذريا آھن پير صاحب ابتدائي تعليم ديني ۽ فارسي قاضي عارف وٽان حاصل ڪئي ان کانپوء حضرت مولانا غلام صديق شھداد ڪوٽي جي مدرسي مان حاصل ڪئي پير صاحب پڙھائي دوران ئي وڏا ڪاتب پڻ ھئا نانا سائين ڪيترائي قراني شريف سون جي پاڻي سان لکيا ھئا جيڪي اڄ به ملڪ جي مختلف ميوزمن ۾ پيل آھن سندن اکر موتي داڻن جھڙا ھوندا ھئا نانا سائين سيد فتع علي شاھ رح جي شھادت کان پوء خيرپور رياست جي درٻار ۾ نانا سائين پير سيد شھاب الدين شاھ کي ڪرسي ڏني وڃي پير صاحب ڏاھا ۽ ھوشيار ھجڻ ڪري خيرپور رياست ۾ تعلقي ٺري ميرواه ۾ مختيارڪار مقرر ڪيا ويا ھئا جنھن کانپوء نانا پير سائين کي 1918ع ۾ خيرپور رياست ۾ تاحيات وزير مقرر ٿيا ھئا، پيرصاحب جن جي ايمانداري ۽ عوامي فلاحي ڪوششن جي ڪري ٺري ميرواه گمبٽ تعلقن ۾ مٺو جري پاڻي ڪڍرايو ، پير صاحب جيد عالم ھجڻ ڪري ھزھائنس مير علي نواز ٽالپر جي شھزادن جا استاد به رھيا انھن کي علم جي زيور سان نوازيو پيرصاحب کي ديني علم سان لڳاء ھجڻ ڪري پير صاحب کھڙا شريف ۾ مخدومن وٽ به علمي فيض حاصل ڪندا ھئا ، انگريزن پاران خيرپور رياست ۾ پنھنجي مرضي ھلائڻ لاء ميرن جا اڪثر وزير خريد ڪرڻ شروع ڪيا ته اھڙيون شڪايتون ميرن کي ملڻ شروع ٿي ويون پير صاحب سنڌ سان وفاداري ڪئي انگريزن سامراج خلاف ھميشه آواز بلند ڪيو سيد پير شھاب الدين شاھ رح پنھنجي پيء جي نقشي قدم تي ھلندي رياست اندر اسڪول ٺاھرائڻ شروع ڪيا ، ڪيترن ئي ماڻھن کي روزگار سان لڳايو ھو پاڪستان عوامي ليگ جي وائيس چيئرمين رھندڙ قاضي فيض محمد کي سڌي رستي آڻي سندس کي تعليمي زيور سان نوازيو قاضي فيض محمد صاحب پنھنجي ڪتاب سفر نامو ۾ لکيو آھي ته پير سيد شھاب الدين شاھ لڪياري ھالاڻي ۾ نه ھجي ھان مون سميت سوين نوجوان غلط صحبت ۾ اچي وڃن ھان قاضي صاحب پنھنجي بچپن ۾ اڪثر ڪري ناچ گانن جي محفلن ۾ ويندو ھو جنھن تان قاضي صاحب جي والده منھنجي ناني بي بي امان کي شڪايت ڪئي ھئي ته منھنجو پٽ ننڊڙو آ تازو يتيم ٿيل آ ھن کي ڪنھن اسڪول ۾ موڪليو جنھن کان پوء نانا سائين پير سيد شھاب الدين شاھ رح قاضي فيض محمد کي شروعات ۾ ٺري ميرواه ۽ ان کانپوء خيرپور شھر واري اسڪول ۾ داخلا وٺي ڏني ھئي قاضي صاحب پنھنجي سفر نامي ۾ لکيو آھي ھالاڻي پير بنا اڌوري آ ، پير سيد شھاب الدين شاھ رح پھريون شخص ھو جنھن انگريزن کي للڪاريو ته توھان حرن سان زيادتي ڪري رھيا آھيو حر سميت ھر سنڌي سنڌ جي آزادي ٿو چاھي ۽ انهن ڪيترن ئي حرن کي پناھ ڏني ، سورھيا باد شاھ جي ھلايل تحريڪ ۾ پير صاحب ھر قسم جي مدد ڪئي پير پاڳارو سورھيا باد شاھ پير سيد شھاب الدين شاھ لڪياري جو پيارو ھم راز ھم خيال دوست ھيو, لڪياري ۽ راشدي خاندان ھڪ ئي خاندان آھن راشدي خاندان جو باني پير سائين محمد راشد شاھ رح درگاه ھالاڻي ۾ ننڊي کنڊ جي جيد عالم مفتي اعظم ولي الله حضرت سيد محمد عاقل شاھ وٽان علمي فيض حاصل ڪيو ۽ سائين جن جي حويلي ۾ رھائش اختيار ڪئي ھئي سورھيه باد شاھ ھميشه پير سيد شھاب الدين شاھ رح سان ادب سان پيش ايندا ھئا پير سيد شھاب الدين شاھ جي حياتي ۾ سورھيه باد شاھ کي انگريز حڪمران گرفتار نه ڪري سگھيا ھئا, پير سيد شھاب الدين شاھ جو خاندان ھميشه انگريزن سان وڙھيو پير صاحب ٻه شاديون ڪيو جنھن مان ٽي پٽ سيد غلام علي شاھ رح ، سيد زين العابدين شاھ ، سيد غلام مصطفئ شاھ ۽ ٻه نياڻين جو اولاد ٿيو پير صاحب جي آخري آرام گاھ پنھنجي والد پير سيد فتع علي شاھ جو ٺھرايل مقبرو ۾ اندر پي سان گڏ دفن ٿيل آھن

22/06/2025
Want your business to be the top-listed Government Service in Karachi?

Click here to claim your Sponsored Listing.

Location

Category

Website

Address


Karachi