Sindh United Party Jacobabad

Directions

Sindh United Party Jacobabad Political Party of Sindh

ٺل  23 سيپٽمبر 2026ع سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي (ايس يو پي) ضلعي جيڪب آباد جي اهم تنظيمي گڏجاڻي اڄ ايس يو پي هائوس ٺل ۾ مرڪزي ا...
23/09/2026

ٺل
23 سيپٽمبر 2026ع
سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي (ايس يو پي) ضلعي جيڪب آباد جي اهم تنظيمي گڏجاڻي اڄ ايس يو پي هائوس ٺل ۾ مرڪزي اليڪشن ڪميٽي جي چيئرمين روشن علي ڪلهوڙي جي صدارت هيٺ ٿي گذري. گڏجاڻي ۾ ايس يو پي جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل منير نائچ، مرڪزي اڳواڻن مجيب ماڇي ۽ جڳديش آهوجا، جڏهن ته لاڙڪاڻي ضلعي جي صدر صدرالدين ڀٽي پڻ خصوصي طور شرڪت ڪئي.

گڏجاڻي دوران ضلعي جيڪب آباد جي تنظيم جي چونڊ پڻ ڪرائي، ڪامريڊ جمال جوش ٻرڙو کي ضلعي صدر ۽ فدا حسين لکڻ کي ضلعي جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو.

ان موقعي تي مرڪزي اڳواڻن ڪارڪنن کي خطاب ڪندي 11 آڪٽوبر 2026ع تي لاڙڪاڻي ۾ منعقد ٿيندڙ ”وحدتِ سنڌ مارچ“ جي تيارين، تنظيم سازي ۽ ڪارڪنن جي متحرڪ ڪردار بابت تفصيلي خيالن جو اظهار ڪيو. اڳواڻن چيو ته مارچ جي ڪاميابي لاءِ ڪارڪنن کي ڀرپور تياري، منظم حڪمت عملي ۽ ذميواري سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

گڏجاڻي ۾ 27 سيپٽمبر تي درياهن جو عالمي ڏينهن پڻ ڀرپور نموني ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ ضلعي جيڪب آباد ۾ مختلف هنڌن تي ريليون ڪڍي ڀرپور ۽ شاندار شرڪت کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو ويو.

ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻن ضلعي جيڪب آباد ۾ پارٽي جي تنظيمي سرگرمين کي وڌيڪ منظم ۽ فعال بڻائڻ، نئين سر تنظيم سازي ڪرڻ ۽ ڪارڪنن کي متحرڪ ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو.

گڏجاڻي ۾ ضلعي جيڪب آباد جي ڪارڪنن ۽ عهديدارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ پارٽي جي تنظيمي معاملن بابت پنهنجي راءِ ۽ تجويزون پيش ڪيون.

18/09/2026
سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي باني چيئرمينسيد جلال محمود شاھجي 64هين سالگره جون دلي واڌايون          Sindh United Party
14/09/2026

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي باني چيئرمين
سيد جلال محمود شاھ
جي 64هين سالگره جون دلي واڌايون



Sindh United Party

05/09/2026

پنڌ واري ڏسي پير پوئتي نہ ڪر
رات ڪاري ڏسي پير پوئتي نہ ڪر
سنڌ تبديل ٿيندي نہ مايوس ٿي
ڏاڍ جاري ڏسي پير پوئتي نہ ڪر
(استاد بخاري)


Sindh United Party Sayed Zain Shah

05/09/2026

وک وک تي پنجوڙ ڏسي
شينهن ڪڏهن گجگوڙ ڇڏي آ؟
Sindh United Party Sayed Zain Shah

05/09/2026

پنڌ واري ڏسي پير پوئتي نہ ڪر
رات ڪاري ڏسي پير پوئتي نہ ڪر
سنڌ تبديل ٿيندي نہ مايوس ٿي
ڏاڍ جاري ڏسي پير پوئتي نہ ڪر

(استاد بخاري)



05/09/2026
Karachi, we’re coming. 🔥Against Division of Sindh.Against illegal canals.For Sindh’s financial autonomy.For our coastal ...
23/08/2026

Karachi, we’re coming. 🔥

Against Division of Sindh.
Against illegal canals.
For Sindh’s financial autonomy.
For our coastal belt.

Sindh United Party Sayed Zain Shah Asif Josh Buriro Jagdeesh Ahuja Sindh United Party Jacobabad

📅 30 August • 📍 Regal Chowk

Address

Karampur

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Sindh United Party Jacobabad posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share