District Information Office Jamshoro

Call Directions Contact the organization

District Information Office Jamshoro DISTRICT Information Office Jamshoro GOVT organisation

ڄامشورو: سنڌ جي وڏي وزير جي هدايت تي حيدرآباد جي ڪمشنر ۽ ڄامشوري جي ڊپٽي ڪمشنر پاران سينيئر صحافي جي اين مغل جي عيادت، ج...
25/10/2026

ڄامشورو: سنڌ جي وڏي وزير جي هدايت تي حيدرآباد جي ڪمشنر ۽ ڄامشوري جي ڊپٽي ڪمشنر پاران سينيئر صحافي جي اين مغل جي عيادت، جلد صحتيابي لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار

ڄامشورو (ه آ): سنڌ جي وڏي وزير جي هدايت تي حيدرآباد جي ڪمشنر فياض حسين عباسي، ڄامشوري جي ڊپٽي ڪمشنر غضنفر علي قادري سان گڏ لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز (لمس) اسپتال ۾ علاج هيٺ سينيئر صحافي غلام نبي مغل (جي اين مغل) جي عيادت ڪئي ۽ سندس خيريت معلوم ڪئي. ان موقعي تي هنن سينيئر صحافي کي گلدستو پڻ پيش ڪيو.

حيدرآباد جي ڪمشنر ڊاڪٽرن کان جي اين مغل جي طبيعت ۽ جاري علاج بابت معلومات حاصل ڪئي ۽ سندس جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

هن اسپتال انتظاميا کي هدايت ڪئي ته سينيئر صحافي جي علاج ۽ سار سنڀال ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي وڃي ۽ کيس سموريون ضروري طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

25/10/2026

جامشورو: وزیراعلیٰ سندھ کی ہدایت پر کمشنر حیدرآباد اور ڈپٹی کمشنر جامشورو کی سینئر صحافی جی این مغل کی عیادت، جلد صحت یابی کے لیے نیک تمناؤں کا اظہار

جامشورو (ہ آ): وزیراعلیٰ سندھ کی ہدایت پر کمشنر حیدرآباد فیاض حسین عباسی نے ڈپٹی کمشنر جامشورو غضنفر علی قادری کے ہمراہ لیاقت یونیورسٹی آف میڈیکل اینڈ ہیلتھ سائنسز (لمس) اسپتال میں زیر علاج سینئر صحافی غلام نبی مغل المعروف جی این مغل کی عیادت کی اور ان کی خیریت دریافت کی۔ اس موقع پر انہیں گلدستہ بھی پیش کیا گیا۔

کمشنر حیدرآباد نے ڈاکٹرز سے سینئر صحافی کی صحت اور جاری علاج کے بارے میں معلومات حاصل کیں اور ان کی جلد صحت یابی کے لیے دعا کرتے ہوئے نیک خواہشات کا اظہار کیا۔

انہوں نے اسپتال انتظامیہ کو ہدایت کی کہ سینئر صحافی کے علاج اور دیکھ بھال میں کوئی کسر نہ چھوڑی جائے اور انہیں تمام ضروری طبی سہولیات فراہم کی جائیں۔

22/10/2026

ڪوٽڙي ۾ کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ واڌ ۽ حددخلين جي شڪايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر جو مرڪزي روڊ جو دورو، 50 هزار رپين کان وڌيڪ ڏنڊ، هڪ دڪان سيل
ڪوٽڙي: کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ واڌ ۽ غيرقانوني حددخلين بابت شڪايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر ڪوٽڙي عبدالشڪور سولنگي ڪوٽڙي جي مرڪزي روڊ جو دورو ڪري مختلف دڪانن جو معائنو ڪيو
دوري دوران اسسٽنٽ ڪمشنر مختلف دڪانن تي سرڪاري اگهن جي فهرست نمايان هنڌن تي لڳل نه هجڻ ۽ انتظامن ۾ کوٽ سبب ڏنڊ لاڳو ڪيا. ڪارروائي دوران 50 هزار رپين کان وڌيڪ ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو، جڏهن ته هڪ دڪان کي سيل پڻ ڪيو ويو.
اسسٽنٽ ڪمشنر غيرقانوني حددخليون قائم ڪندڙ ماڻهن کي فوري طور حددخليون ختم ڪرڻ جي هدايت ڪندي خبردار ڪيو ته عوام جي اچ وڃ ۾ رنڊڪون پيدا ڪندڙ ۽ سرڪاري ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.
ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر عبدالشڪور سولنگي چيو ته شهرين کي کاڌي پيتي سميت روزمره جي استعمال جون ضروري شيون مقرر ڪيل سرڪاري اگهن تي فراهم ڪرڻ انتظاميا جي ذميواري آهي. هن واضح ڪيو ته ناجائز منافعي خوري ۽ سرڪاري اگهن جي ڀڃڪڙي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي.
هن وڌيڪ چيو ته وڏي وزير سنڌ ۽ ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو جي هدايتن تي سرڪاري اگهن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ ۽ حددخلين جي خاتمي لاءِ ڪارروايون شروع ڪيون ويون آهن، جيڪي اڳتي به جاري رهنديون.
ڪارروائي دوران اسسٽنٽ مختيارڪار پرويز ڪوريجو، بلال سولنگي ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار پڻ موجود هئا.

22/10/2026

*جامشورو میں فائر سیفٹی اور ہنگامی صورتحال سے نمٹنے کے حوالے سے ڈپٹی کمشنر آفس میں تربیتی سیشن، سرکاری دفاتر، تعلیمی اداروں اور عوامی مقامات پر فائر سیفٹی آلات فعال رکھنے کی ہدایت: ڈپٹی کمشنر غضنفر علی قادری*

جامشورو، محکمہ اطلاعات، حکومت سندھ، 22 اکتوبر 2026
جامشورو: ڈپٹی کمشنر جامشورو غضنفر علی قادری کی قیادت میں ڈپٹی کمشنر آفس جامشورو کے احاطے میں فائر سیفٹی اور ہنگامی صورتحال سے مؤثر انداز میں نمٹنے کے حوالے سے تربیتی سیشن منعقد کیا گیا، جس میں ہیلیون پاکستان لمیٹڈ کے نمائندوں نے ضلعی انتظامیہ کے افسران، مختلف سرکاری محکموں کے نمائندوں اور متعلقہ این جی اوز کے عہدیداران کو آگ سے بچاؤ اور ہنگامی حالات میں اختیار کیے جانے والے حفاظتی اقدامات کے بارے میں تربیت اور آگاہی فراہم کی،

تربیتی سیشن کا مقصد سرکاری افسران، عملے اور متعلقہ فریقین کو آتشزدگی کے واقعات سے بچاؤ، آگ لگنے کی صورت میں فوری اور مؤثر اقدامات، ہنگامی حالات میں بروقت ردعمل اور انسانی جانوں کے تحفظ کے حوالے سے آگاہی فراہم کرنا تھا،

اس موقع پر ڈپٹی کمشنر جامشورو غضنفر علی قادری نے فائر سیفٹی کی اہمیت پر زور دیتے ہوئے متعلقہ افسران کو ہدایت کی کہ تمام سرکاری دفاتر، تعلیمی اداروں اور عوامی مقامات پر فائر سیفٹی آلات کی موجودگی اور ان کی فعال حالت کو یقینی بنایا جائے، تاکہ کسی بھی ہنگامی صورتحال میں فوری کارروائی کرتے ہوئے جانی و مالی نقصان سے بچا جا سکے،

ڈپٹی کمشنر نے تربیتی سیشن کے دوران فائر سیفٹی آلات کے عملی استعمال کا مظاہرہ بھی کیا اور ہدایت کی کہ تمام محکموں کے سربراہان اپنے عملے کو آگ سے بچاؤ اور ہنگامی حالات سے نمٹنے کے طریقوں کے حوالے سے ضروری تربیت اور آگاہی فراہم کریں،

انہوں نے مزید کہا کہ فائر سیفٹی کے انتظامات محض رسمی کارروائی تک محدود نہیں ہونے چاہئیں، بلکہ ان آلات کو ہر وقت فعال رکھنے کے ساتھ متعلقہ عملے کو ان کے درست استعمال کی تربیت دینا بھی ضروری ہے۔
غضنفر علی قادری نے کہا کہ اس پروگرام کا مقصد ضلعی سطح پر فائر سیفٹی اور ہنگامی حالات میں فوری کارروائی کے نظام کو مزید مؤثر بنانا ہے۔ انہوں نے متعلقہ محکموں کو باہمی رابطے اور تعاون کو بہتر بنانے اور فائر سیفٹی سے متعلق احتیاطی تدابیر پر عمل درآمد یقینی بنانے کی بھی ہدایت کی،

تربیتی سیشن میں ایڈیشنل ڈپٹی کمشنر ون بابر خان نظامانی، ایڈیشنل ڈپٹی کمشنر ٹو محمد طارق کاکا، اسسٹنٹ ڈائریکٹر وومن ڈویلپمنٹ و انچارج سیف ہاؤس سیدہ قرۃ العین شاہ، اسسٹنٹ ڈائریکٹر اطلاعات سید غلام محمد شاہ کاظمی، تعلقہ اسسٹنٹ کمشنرز، مختیارکارز، سماجی بہبود، تعلیم، صحت، میونسپل کمیٹی اور ممتا پروگرام کے افسران، ڈپٹی کمشنر آفس کے عملے اور متعلقہ این جی اوز کے نمائندوں نے شرکت کی،

سیشن کے اختتام پر ایڈیشنل ڈپٹی کمشنر ٹو محمد طارق کاکا کی صدارت میں دربار ہال میں فائر سیفٹی کے حوالے سے ایک اجلاس بھی منعقد ہوا، جس میں ہیلیون پاکستان لمیٹڈ کے نمائندوں نے ایل سی ڈی کے ذریعے فائر سیفٹی، آگ سے بچاؤ اور ہنگامی حالات کے دوران اختیار کیے جانے والے حفاظتی اقدامات کے حوالے سے تفصیلی بریفنگ دی،

21/10/2026

جامشورو ڈپٹی کمشنر غضنفر علی قادری کی ہدایات پر اسسٹنٹ کمشنر کوٹری کی کارروائی، جامشورو میں غیر قانونی پیٹرول یونٹ اور ایل پی جی دکان سیل کردی گئی۔

ڪوٽڙي : ڊائريڪٽر محتسبِ اعليٰ حيدرآباد سيد سجاد حيدر شاهه گورنمينٽ علي بابا بوائز ڊگري ڪاليج ڪوٽڙي جو دورو ڪري ڪاليج ۾ ت...
21/10/2026

ڪوٽڙي : ڊائريڪٽر محتسبِ اعليٰ حيدرآباد سيد سجاد حيدر شاهه گورنمينٽ علي بابا بوائز ڊگري ڪاليج ڪوٽڙي جو دورو ڪري ڪاليج ۾ تعليم جي معيار، شاگردن کي فراهم ٿيندڙ سهولتن ۽ عمارت جي صورتحال جو جائزو ورتو،

ان موقعي تي ڪاليج جي پرنسپال نذاڪت علي فاضلاڻي ڊائريڪٽر محتسبِ اعليٰ کي ڪاليج جي مختلف مسئلن بابت تفصيلي آگاهي ڏيندي ٻڌايو ته ڪاليج ۾ پري ميڊيڪل، پري انجنيئرنگ، ڪامرس، آرٽس ۽ ڪمپيوٽر سائنس جا ڪلاس هلائي شاگردن کي تعليم فراهم ڪئي پئي وڃي،

پرنسپال وڌيڪ ٻڌايو ته سائيٽ ايريا مان ايندڙ صنعتي گندي پاڻي سبب ڪاليج جي عمارت کي نقصان پهچي رهيو آهي، جڏهن ته مڇرن جي واڌ سبب شاگردن ۾ مليريا ۽ ٻين بيمارين پکڙجڻ جو خدشو پڻ وڌي ويو آهي. هن لاڳاپيل اختيارين کان مسئلي جي حل لاءِ ضروري قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو،

جڏهن ته ڪاليج جي پرنسپال پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو حل ڪرائڻ تي ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري جا ٿورا مڃيندي چيو ته ضلعي انتظاميا جي سهڪار سان ڪاليج ۾ پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو حل ٿي ويو آهي،

ان موقعي تي ڊائريڪٽر محتسبِ اعليٰ حيدرآباد سيد سجاد حيدر شاهه چيو ته ڪاليج کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ لاڳاپيل اختيارين سان رابطو ڪري مناسب قدم کنيا ويندا، جيئن شاگردن کي بهتر تعليمي ماحول ۽ ضروري سهولتون فراهم ٿي سگهن،

هن چيو ته تعليمي ادارن ۾ بنيادي سهولتن جي فراهمي ۽ عمارتن جي سار سنڀال انتهائي اهم آهي، شاگردن کي معياري تعليم ۽ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ سان هو بهتر نموني تعليم حاصل ڪري ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪري سگهن ٿا،

21/10/2026

کوٹری: ڈائریکٹر محتسبِ اعلیٰ حیدرآباد سید سجاد حیدر شاہ نے گورنمنٹ علی بابا بوائز ڈگری کالج کوٹری کا دورہ کیا اور کالج میں تعلیمی معیار، طلبہ کو فراہم کی جانے والی سہولیات اور عمارت کی صورتحال کا جائزہ لیا، اس موقع پر کالج کے پرنسپل نزاکت علی بابلالنی نے ڈائریکٹر محتسبِ اعلیٰ کو کالج کو درپیش مختلف مسائل کے بارے میں تفصیلی بریفنگ دیتے ہوئے بتایا کہ کالج میں پری میڈیکل، پری انجینئرنگ، کامرس، آرٹس اور کمپیوٹر سائنس کے شعبوں میں طلبہ کو تعلیم فراہم کی جا رہی ہے، پرنسپل نے مزید بتایا کہ کوٹری سائٹ ایریا سے آنے والے صنعتی آلودہ پانی کے باعث کالج کی عمارت کو نقصان پہنچ رہا ہے، جبکہ مچھروں کی افزائش میں اضافے کے باعث طلبہ میں ملیریا اور دیگر بیماریوں کے پھیلنے کا خدشہ بھی بڑھ گیا ہے، انہوں نے متعلقہ حکام پر زور دیا کہ ان مسائل کے حل کے لیے ضروری اقدامات کیے جائیں، اس موقع پر کالج کے پرنسپل نے پینے کے پانی کا مسئلہ حل کرانے پر ڈپٹی کمشنر جامشورو غضنفر علی قادری کا شکریہ ادا کرتے ہوئے کہا کہ ضلعی انتظامیہ کے تعاون سے کالج میں پینے کے پانی کا مسئلہ حل ہو چکا ہے، اس موقع پر ڈائریکٹر محتسبِ اعلیٰ حیدرآباد سید سجاد حیدر شاہ نے یقین دہانی کرائی کہ کالج کو درپیش مسائل کے حل کے لیے متعلقہ حکام سے رابطہ کرکے مناسب اقدامات کیے جائیں گے، تاکہ طلبہ کو بہتر تعلیمی ماحول اور ضروری سہولیات فراہم کی جا سکیں، انہوں نے کہا کہ تعلیمی اداروں میں بنیادی سہولیات کی فراہمی اور عمارتوں کی مناسب دیکھ بھال انتہائی اہم ہے، طلبہ کو معیاری تعلیم اور سازگار ماحول فراہم کرکے انہیں بہتر انداز میں تعلیم حاصل کرنے کے مواقع دیے جا سکتے ہیں، تاکہ وہ مستقبل میں ملک و قوم کا نام روشن کر سکیں،

20/10/2026

سيوهڻ شريف: ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري سيوهڻ ۾ جاري مختلف ترقياتي منصوبن جو دورو ڪري تفصيلي جائزو ورتو، جڏهن ته سيوهڻ ڊي سي ڪئمپ آفيس ۾ ترقياتي منصوبن بابت هنگامي اجلاس جي صدارت ڪندي لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن کي ڪم جي رفتار تيز ڪرڻ ۽ سمورا منصوبا 30 ڊسمبر تائين مڪمل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون،

تفصيل موجب وزير اعلي سنڌ ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ جي خاص ھدايتن تي ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو سيوھڻ جي مختلف جاري ترقياتي منصوبن جو تفصيلي جائزو ورتو ڊي سي ڄامشورو دوري دوران سيوهڻ قلعي جي جاري ترقياتي ڪمن جو جائزو وٺندي ان جو ڪم فوري طور مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ان کان علاوه جهاز چوڪ کان سيوهڻ ڪاليج ۽ درگاهه حضرت بودلا بهار تائين روڊ کي ڊبل ڪرڻ واري منصوبي، حضرت لعل شهباز قلندرؒ جي درگاهه جي مرمت، بحالي ۽ تزئين و آرائش جي ڪمن جو معائنو ڪيو. هن سيد عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز ۾ نرسنگ ڪاليج جي جاري ترقياتي منصوبي جو پڻ جائزو ورتو ۽ لاڳاپيل آفيسرن کان ڪم جي اڳڀرائي بابت تفصيل معلوم ڪيا، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر غضنفر علي قادري چيو ته سيوهڻ ۾ جاري سمورن ترقياتي منصوبن کي مقرر مدي اندر مڪمل ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. حضرت لعل شهباز قلندرؒ جي سالياني عرس مبارڪ کان اڳ ترقياتي ڪمن جي تڪميل کي يقيني بڻايو ويندو، جيئن ملڪ جي مختلف علائقن مان ايندڙ زائرين ۽ مقامي شهرين کي بهتر سهولتون فراهم ڪري سگهجن ۽ کين ڪنهن به قسم جي تڪليف کي منهن نه ڏيڻو پوي، هن لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته ترقياتي منصوبن جي رفتار سان گڏ تعميراتي معيار تي پڻ خاص ڌيان ڏنو وڃي. هن واضح ڪيو ته ڪم ۾ سستي، غفلت يا غير ضروري دير ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. سمورن منصوبن جي مسلسل نگراني ڪئي وڃي ۽ ڪم ذميواريءَ سان مڪمل ڪري مقرر ڪيل مدي تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي، ان کان اڳ ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري سيوهڻ ڊي سي ڪئمپ آفيس ۾ ترقياتي منصوبن بابت هنگامي اجلاس جي صدارت ڪئي، جنهن ۾ مختلف منصوبن جي اڳڀرائي، ڪم جي رفتار ۽ تڪميل بابت تفصيلي جائزو ورتو ويو. هن لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته ترقياتي ڪمن کي تيز رفتاريءَ سان، بهتر معيار ۽ ذميواريءَ سان مڪمل ڪيو وڃي ۽ مقرر ڪيل مدي تي هر صورت ۾ عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي، اجلاس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر سيوهڻ بابر علي، ايگزيڪيوٽو انجنيئر پراونشل هاءِ ويز امير علي لاشاري، ايگزيڪيوٽو انجنيئر بلڊنگ وسيم احمد کوسو، ايگزيڪيوٽو انجنيئر هاءِ ويز اصغر علي ٽڳڙ، ايگزيڪيوٽو انجنيئر شهباز ايريگيشن، ايگزيڪيوٽو انجنيئر پراونشل پبلڪ هيلٿ، ميونسپل ڪميٽي سيوهڻ، اوقاف کاتي سميت مختلف لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي،

ڪوٽڙي جي 180 سال پراڻي تاريخي چرچ جي بحالي ۽ تزئين ۽ آرائش جو ڪم مڪمل، سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر انتھوني نويد ۽ صوبائي ...
19/10/2026

ڪوٽڙي جي 180 سال پراڻي تاريخي چرچ جي بحالي ۽ تزئين ۽ آرائش جو ڪم مڪمل، سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر انتھوني نويد ۽ صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه پاران افتتاح

ڄامشورو: ڪوٽڙي ۾ قائم 180 سال پراڻي تاريخي چرچ جي بحالي، تزئين ۽ آرائش ۽ تاريخي ورثي کي محفوظ بڻائڻ وارو ڪم مڪمل ٿيڻ بعد سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر انتھوني نويد ۽ صوبائي وزير ثقافت، سياحت ۽ نوادرات سيد ذوالفقار علي شاهه افتتاح ڪيو.

افتتاحي تقريب ۾ ايم پي اي حنا دستگير، ايم پي اي ڊاڪٽر سڪندر علي شورو، ڪمشنر حيدرآباد فياض حسين عباسي، ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري سميت ٻين معزز شخصيتن شرڪت ڪئي.

تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر انتھوني نويد چيو ته ڪوٽڙي جو هي تاريخي چرچ 22 ڊسمبر 1846ع تي تعمير ڪيو ويو هو. ڊگهي عرصي کان قائم هجڻ سبب عمارت زبون حالي جو شڪار ٿي وئي هئي، جنهن جي تاريخي حيثيت ۽ اصل طرزِ تعمير کي برقرار رکندي بحالي ۽ تزئين ۽ آرائش جو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت صوبي ۾ مذهبي هم آهنگي، رواداري ۽ ڀائيچاري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. پاڪستان ۾ مختلف مذهبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو امن، محبت ۽ ڀائيچاري سان گڏجي زندگي گذاري رهيا آهن.

ان موقعي تي صوبائي وزير ثقافت، سياحت ۽ نوادرات سيد ذوالفقار علي شاهه خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت صوبي جي تاريخي ورثي جي حفاظت ۽ اقليتن جي ثقافتي توڙي مذهبي ماڳن جي بحالي لاءِ سنجيده ڪوششون ڪري رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ هندو، عيسائي ۽ ٻين مذهبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي پنهنجي مذهبي عقيدن موجب زندگي گذارڻ جي آزادي حاصل آهي، جڏهن ته اقليتن سان پيار، احترام ۽ ڀائيچاري وارو رويو اختيار ڪرڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي.

ايم پي اي ڊاڪٽر سڪندر علي شورو پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ڪوٽڙي جو تاريخي چرچ علائقي جي اهم تاريخي ورثي جي حيثيت رکي ٿو، جنهن جي بحالي لاءِ سنڌ حڪومت پاران مناسب اپاءَ ورتا ويا آهن.

ڪمشنر حيدرآباد فياض حسين عباسي چيو ته صوبائي وزير ثقافت ۽ سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر جي ڪوششن سان ڪوٽڙي جي تاريخي چرچ کي ان جي اصل تاريخي حيثيت ۾ بحال ڪرڻ ممڪن ٿيو آهي. هن چيو ته تاريخي عمارتن ۽ ورثي جي حفاظت سان نه رڳو ماضيءَ کي محفوظ بڻائي سگهجي ٿو، پر ايندڙ نسلن کي به پنهنجي تاريخ ۽ ثقافت کان روشناس ڪرائي سگهجي ٿو.

حيدرآباد ڊائوسيس جي نمائندي ڪليم جون پڻ تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ حڪومت جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته اقليتن جي تاريخي ورثي کي محفوظ بڻائڻ لاءِ ڪيل قدم ساراهه جوڳا آهن.

تقريب جي شروعات ۾ ڪوٽڙي چرچ جي پادري شعيب مهمانن جي آجيان ڪئي. ان موقعي تي معزز مهمانن کي سنڌ جي ثقافت جي علامت اجرڪون ۽ گلن جا گلدستا پڻ پيش ڪيا ويا.

19/10/2026

کوٹری کے 180 سال قدیم تاریخی چرچ کی بحالی اور تزئین و آرائش مکمل، ڈپٹی اسپیکر سندھ اسمبلی انتھونی نوید اور صوبائی وزیر سید ذوالفقار علی شاہ نے افتتاح کردیا

تاریخی عمارت کی اصل طرزِ تعمیر برقرار رکھتے ہوئے بحالی کا کام مکمل کیا گیا، سندھ حکومت مذہبی ہم آہنگی اور اقلیتی ورثے کے تحفظ کے لیے کوشاں ہے، مقررین

جامشورو (ھ آ ) کوٹری میں واقع 180 سال قدیم تاریخی چرچ کی بحالی، تزئین و آرائش اور تاریخی ورثے کے تحفظ کا کام مکمل ہونے کے بعد ڈپٹی اسپیکر سندھ اسمبلی انتھونی نوید اور صوبائی وزیر ثقافت، سیاحت و نوادرات سید ذوالفقار علی شاہ نے افتتاح کردیا۔

افتتاحی تقریب میں رکن سندھ اسمبلی حنا دستگیر، رکن سندھ اسمبلی ڈاکٹر سکندر علی شورو، کمشنر حیدرآباد فیاض حسین عباسی، ڈپٹی کمشنر جامشورو غضنفر علی قادری سمیت دیگر معزز شخصیات نے شرکت کی۔

تقریب سے خطاب کرتے ہوئے ڈپٹی اسپیکر سندھ اسمبلی انتھونی نوید نے کہا کہ کوٹری کا یہ تاریخی چرچ 22 دسمبر 1846ء کو تعمیر کیا گیا تھا۔ طویل عرصے سے قائم ہونے کے باعث عمارت خستہ حالی کا شکار ہوگئی تھی، تاہم اس کی تاریخی اہمیت اور اصل طرزِ تعمیر کو برقرار رکھتے ہوئے بحالی اور تزئین و آرائش کا کام مکمل کیا گیا ہے۔

انہوں نے کہا کہ پاکستان پیپلز پارٹی کی سندھ حکومت صوبے میں مذہبی ہم آہنگی، رواداری اور بھائی چارے کے فروغ کے لیے اقدامات کررہی ہے۔ پاکستان میں مختلف مذاہب سے تعلق رکھنے والے افراد امن، محبت اور بھائی چارے کے ساتھ زندگی گزار رہے ہیں۔

صوبائی وزیر ثقافت، سیاحت و نوادرات سید ذوالفقار علی شاہ نے اپنے خطاب میں کہا کہ سندھ حکومت صوبے کے تاریخی ورثے کے تحفظ اور اقلیتوں کے ثقافتی و مذہبی مقامات کی بحالی کے لیے سنجیدہ کوششیں کررہی ہے۔ انہوں نے کہا کہ پاکستان میں ہندو، عیسائی اور دیگر مذاہب سے تعلق رکھنے والے افراد کو اپنے مذہبی عقائد کے مطابق زندگی گزارنے کی آزادی حاصل ہے۔ اقلیتوں کے ساتھ محبت، احترام اور بھائی چارے کا رویہ اختیار کرنا ہم سب کی مشترکہ ذمہ داری ہے۔

رکن سندھ اسمبلی ڈاکٹر سکندر علی شورو نے کہا کہ کوٹری کا تاریخی چرچ علاقے کے اہم تاریخی ورثے کی حیثیت رکھتا ہے، جس کی بحالی کے لیے سندھ حکومت نے مناسب اقدامات کیے ہیں۔

کمشنر حیدرآباد فیاض حسین عباسی نے کہا کہ صوبائی وزیر ثقافت اور ڈپٹی اسپیکر سندھ اسمبلی کی کوششوں سے کوٹری کے تاریخی چرچ کو اس کی اصل تاریخی حیثیت میں بحال کرنا ممکن ہوا ہے۔ انہوں نے کہا کہ تاریخی عمارتوں اور ورثے کا تحفظ نہ صرف ماضی کو محفوظ بنانے کا ذریعہ ہے بلکہ اس سے آنے والی نسلوں کو اپنی تاریخ اور ثقافت سے روشناس کرانے میں بھی مدد ملتی ہے۔

حیدرآباد ڈایوسیس کے نمائندے کلیم جون نے بھی تقریب سے خطاب کرتے ہوئے سندھ حکومت کا شکریہ ادا کیا اور اقلیتوں کے تاریخی ورثے کے تحفظ کے لیے کیے گئے اقدامات کو سراہا۔

تقریب کے آغاز میں کوٹری چرچ کے پادری شعیب نے مہمانوں کا استقبال کیا۔ اس موقع پر معزز مہمانوں کو سندھ کی ثقافت کی علامت اجرکیں اور پھولوں کے گلدستے بھی پیش کیے گئے۔

Address

Kotri

Telephone

+923063362654

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when District Information Office Jamshoro posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Organization

Send a message to District Information Office Jamshoro:

Shortcuts

Share