Sindh Graduates Association .SGA Kotri

Directions

Sindh Graduates Association .SGA Kotri Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Sindh Graduates Association .SGA Kotri, Social service, Kotri.

09/10/2026

پيار علي پيار جو پيار بزم غالب سان

*سگا ڪوٽڙي شاخ ۽ بزمِ غالب ملڪاڻي جي 179هين ادبي ڪچهري، عمرو ادا ڪندڙ ميمبرن کي مبارڪباد، ڀٽائي چوڪ جو نالو تبديل ڪرڻ خل...
09/10/2026

*سگا ڪوٽڙي شاخ ۽ بزمِ غالب ملڪاڻي جي 179هين ادبي ڪچهري، عمرو ادا ڪندڙ ميمبرن کي مبارڪباد، ڀٽائي چوڪ جو نالو تبديل ڪرڻ خلاف مذمتي قرارداد منظور*

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سگا) ڪوٽڙي شاخ ۽ بزمِ غالب ملڪاڻي جي گڏيل سهڪار سان 179هين ادبي ڪچهري، تاريخ 9 آڪٽوبر 2026ع تي، نامياري استاد، عالم، اديب ۽ محقق محترم نور حسين ڪلهوڙو جي صدارت هيٺ منعقد ٿي، جنهن ۾ سگهڙن، شاعرن ۽ اديبن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ پنهنجون تخليقون ۽ لکڻيون پيش ڪيون، جڏهن ته صوفي راڳين پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.

ڪچهري دوران سگا ميمبرن عبدالرازق چوهاڻ ۽ عظيم بروهي کي عمري جي سعادت حاصل ڪري واپس اچڻ تي مبارڪباد ڏني وئي. ان موقعي تي سگا ڪوٽڙي شاخ جي صدر عبدالستار ڀٽو ٻنهي ميمبرن کي سنڌي ٽوپيون پارائي تحفا پيش ڪيا، جڏهن ته بزمِ غالب ملڪاڻي جي سرواڻ سائين الطاف ملڪاڻي ۽ سگا ڪوٽڙي شاخ جي جنرل سيڪريٽري غفار خان جمالي پاران سنڌي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا. سگا جي پلاننگ/فنانس سيڪريٽري اميد علي آمڙو ٻنهي مهمانن کي گلاب جي گلن جا هار پارايا، جڏهن ته ڪچهريءَ جي ٻين ساٿين پڻ کين گلاب جا گل پيش ڪري مبارڪباد ڏني.

ڀٽائي چوڪ جو نالو تبديل ڪرڻ خلاف مذمتي قرارداد منظور

ادبي ڪچهريءَ دوران سگا ڪوٽڙي شاخ جي جنرل سيڪريٽري غفار خان جمالي پاران لطيف آباد ۾ سنڌ جي عظيم صوفي بزرگ، قومي شاعر ۽ فڪرِ انسانيت جي علمبردار حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي نالي سان منسوب ڀٽائي چوڪ جو نالو تبديل ڪري علي خامنه اي جي نالي رکڻ واري عمل خلاف مذمتي قرارداد پيش ڪئي وئي، جنهن کي بزمِ غالب ملڪاڻي ۽ سگا ڪوٽڙي شاخ جي ساٿين متفقه طور منظور ڪيو.

قرارداد ۾ چيو ويو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ سنڌ جي تاريخ، ثقافت، ٻولي، تهذيب ۽ قومي سڃاڻپ جو روشن استعارو آهي. سندس فڪر امن، محبت، رواداري، انسان دوستي ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏئي ٿو. اهڙي عظيم شخصيت جي نالي سان منسوب چوڪ جو نالو تبديل ڪرڻ سنڌ جي ثقافتي سڃاڻپ ۽ عوامي جذبن کي نظرانداز ڪرڻ برابر آهي.

قرارداد ذريعي لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ويو ته ڀٽائي چوڪ جو اصل نالو ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي چوڪ“ بحال ۽ برقرار رکيو وڃي ۽ نالي جي تبديليءَ واري فيصلي تي نظرثاني ڪئي وڃي.

گڏجاڻي ۾ ان ڳالهه تي پڻ زور ڏنو ويو ته مقامي ماڻهن جي راءِ ۽ عوامي جذبن کي نظرانداز ڪري سنڌ جي تاريخي ۽ ثقافتي شخصيتن جي نالن سان منسوب هنڌن جا نالا تبديل ڪرڻ وارو عمل قبولڻ جوڳو ناهي. شرڪت ڪندڙن چيو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ سنڌ جي سڃاڻپ ۽ تهذيبي ورثي جو اهم حصو آهي، تنهنڪري سندس نالي ۽ فڪر جي احترام کي برقرار رکڻ گهرجي.

آخر ۾ ادبي ڪچهريءَ جي شرڪت ڪندڙن علم، ادب، ثقافت، صوفي فڪر ۽ سنڌ جي قومي سڃاڻپ جي واڌاري لاءِ گڏيل جدوجهد جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.

رپورٽ: غفار خان جمالي
جنرل سيڪريٽري، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سگا)، ڪوٽڙي شاخ

🌹 سگا ڪوٽڙي شاخ ۽ بزمِ غالب ملڪاڻي جي 278هين ادبي گڏجاڻي 🌹02 آڪٽوبر 2026ع، جمعسنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سگا) ڪوٽڙي شاخ ۽...
02/10/2026

🌹 سگا ڪوٽڙي شاخ ۽ بزمِ غالب ملڪاڻي جي 278هين ادبي گڏجاڻي 🌹
02 آڪٽوبر 2026ع، جمع
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سگا) ڪوٽڙي شاخ ۽ بزمِ غالب ملڪاڻي جي سهڪار سان 278هين ادبي گڏجاڻي نهايت پروقار ۽ علمي، ادبي ۽ فڪري رنگ ۾ منعقد ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي نامياري مزاحيه فنڪار منظور چانڊيو صاحب جي سالگرهه جي تقريب پڻ منعقد ڪئي وئي.
محفل جي صدارت نامياري عالم ۽ استاد حزب الله حيدري ڪئي، جڏهن ته صدر سگا ڪوٽڙي شاخ عبدالستار ڀٽو ۽ بزمِ غالب ملڪاڻي جي سرواڻ الطاف ملڪاڻي مهمانِ خاص طور شرڪت ڪئي.
احسان آڪاش، سگھڙ قاضي بدرالدين، وحيد جويو ۽ چاچو مصري جمالي اعزازي مهمانن طور موجود هئا، جڏهن ته فياض قمبراڻي، ذوالفقار علي هالار سومرو، غلام اصغر گاڏهي، محبوب کوهارو، پيار علي پيار سميت ڪيترن ئي شاعرن، اديبن، دانشورن ۽ سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي.
🎂 منظور چانڊيو جي سالگرهه
صاحبِ رهاڻ منظور چانڊيو کي سالگرهه جي موقعي تي سنڌ جي ثقافتي روايت موجب اجرڪ، گلن، ڪتابن ۽ سنڌي ٽوپي جي سوکڙين سان محبت ۽ احترام جو اظهار ڪندي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.
مقررن چيو ته منظور چانڊيو هڪ سادي، ملنسار ۽ خوش مزاج انسان آهي، جنهن پنهنجي مزاحيه فن وسيلي ماڻهن جي چهرن تي مرڪون وکيرڻ کي پنهنجو هنر بڻايو آهي.
🎶 لطيفي ڪلام سان محفل جي شروعات
محفل جي شروعات بزمِ غالب ملڪاڻي جي سرواڻ الطاف ملڪاڻي مرشد لطيف سائين جي بيتن سان ڪئي، جنهن کان پوءِ محبوب کوهارو لطيف سائين جي وائي سميت صوفياڻا ۽ مجازي ڪلام پيش ڪيا.
📖 شاعري، فڪر ۽ ادبي رهاڻ
قاضي بدرالدين، علي گل رند، پيار علي پيار، محبوب علي کوهارو، غلام اصغر گاڏهي، اشفاق قلندري، عبدالستار ملوڪاڻي، مصور علي چانڊيو، لاهوتي رمضان جمالي ۽ ٻين شاعرن پنهنجو نئون ڪلام پيش ڪيو، جنهن ۾ غزل، نظم، بيت، وايون، منقبت ۽ نعت شامل هئا.
شاعرن پنهنجي تخليقن ذريعي محبت، امن، سماجي انصاف، قومي شعور ۽ انساني قدرن کي اجاگر ڪيو.
محفل ۾ پيش ڪيل تخليقن تي تنقيدي ۽ تعميري راءِ پڻ ڏني وئي، جڏهن ته سنڌي ٻوليءَ جي موجوده صورتحال، ادبي ذميوارين ۽ نوجوان نسل کي ادب سان جوڙڻ جي ضرورت تي پڻ فڪري ويچار ونڊيا ويا.
مقررین جو چوڻ هو ته اهڙيون ادبي محفلون تخليقي صلاحيتن کي هٿي ڏيڻ سان گڏ سماج ۾ شعور، فڪر، برداشت، محبت ۽ انساني قدرن کي مضبوط ڪن ٿيون.
آخر ۾ بزمِ غالب ملڪاڻي جي ادبي ۽ ثقافتي خدمتن کي ساراهيندي سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ اهڙيون محفلون مستقبل ۾ پڻ باقاعدگي سان جاري رکڻ جو عزم ورجايو ويو.
دعا سان هيءَ خوبصورت ادبي ۽ فڪري رهاڻ پنهنجي پڄاڻي تي پهتي.
ڪارروائي: ذوالفقار علي هالار سومرو

رپورٽ: غفار خان جمالي
جنرل سيڪريٽري، سگا ڪوٽڙي شاخ

نامنظور! نامنظور! نامنظور!لطيف آباد ۾ ڀٽائي چوڪ جو نالو تبديل ڪرڻ خلاف احتجاجصوفي بزرگ ۽ سنڌ جي عظيم شاعر شاهه عبداللطي...
28/09/2026

نامنظور! نامنظور! نامنظور!

لطيف آباد ۾ ڀٽائي چوڪ جو نالو تبديل ڪرڻ خلاف احتجاج
صوفي بزرگ ۽ سنڌ جي عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي نالي سان منسوب لطيف آباد ۾ موجود بٽائي چوڪ جو نالو تبديل ڪري امام خامنه اي چوڪ رکڻ جي عمل جي سخت مذمت ڪريون ٿا.
شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ سنڌ جي تاريخ، ثقافت، امن، محبت ۽ انسان دوستيءَ جي علامت آهي.
سوال اهو آهي ته شاه صاحب جي نالي سان آخر ڪهڙو مسئلو آهي، جو سندس نالي سان منسوب هنڌن جا نالا تبديل ڪيا پيا وڃن؟
مقامي ماڻهن جي مرضي ۽ عوامي راءِ کي نظرانداز ڪري نالن جي تبديلي ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي.
لطيف آباد جي امام خامنه اي چوڪ جو نالو تبديل ڪري ساڳيو ڀٽائي چوڪ نالو ڪيو وڃي ۽ نالو تبديل ڪرڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي.

نامنظور! نامنظور! نامنظور!

پاران: سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (SGA)، ڪوٽڙي شاخ

مانواري سگا ساٿي ۽ دوست، سماجي سجاڳيءَ لاءِ جاکوڙيندڙ، سٻاجهڙي طبيعت جا مالڪ ۽ سگا هيڊ آفيس جي اڳوڻي مينيجر ايڊمن، محترم...
28/09/2026

مانواري سگا ساٿي ۽ دوست، سماجي سجاڳيءَ لاءِ جاکوڙيندڙ، سٻاجهڙي طبيعت جا مالڪ ۽ سگا هيڊ آفيس جي اڳوڻي مينيجر ايڊمن، محترم قربان علي ڀنڀرو صاحب کي جنم ڏينهن جون لکين لکين واڌايون.

دعا آهي ته الله پاڪ اوهان کي سدائين صحت، خوشين ۽ ڪاميابين سان نوازيندو رهي. شال اوهان جي چهري تي مرڪ هميشه قائم رهي. ❤🎂🌹

پاران: سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سگا)، ڪوٽڙي شاخ ۽ سموري سٿ

سگا اڳواڻ محترم رفيق احمد سرھيو صاحب  جي فرزند محترم فهد رفيق سرھيو جي شاديءَ جي پُرمسرت موقعي تيسگا ڪوٽڙي شاخ جي وفد پا...
20/09/2026

سگا اڳواڻ محترم رفيق احمد سرھيو صاحب جي فرزند محترم فهد رفيق سرھيو جي شاديءَ جي پُرمسرت موقعي تي
سگا ڪوٽڙي شاخ جي وفد پاران شرڪت ڪري، گھوٽ ۽ سندس خاندان کي دل جي گهراين سان شاديءَ جون لک لک مبارڪون پيش ڪيون ويون.
ان موقعي تي سگا جي ساٿين سان گڏ نڪتل يادگار تصويرون پيش آهن ـ

سگا اڳواڻ محترم رفيق احمد سرھيو جي فرزند محترم فهد رفيق سرھيو جي شاديءَ جي پُرمسرت موقعي تيسگا ڪوٽڙي شاخ جي وفد پاران شر...
19/09/2026

سگا اڳواڻ محترم رفيق احمد سرھيو جي فرزند محترم فهد رفيق سرھيو جي شاديءَ جي پُرمسرت موقعي تي
سگا ڪوٽڙي شاخ جي وفد پاران شرڪت ڪري، گھوٽ ۽ سندس خاندان کي دل جي گهراين سان شاديءَ جون لک لک مبارڪون پيش ڪيون ويون.
ان موقعي تي سگا جي باني محترم ڊاڪٽر سليمان شيخ صاحب ـ اڳوڻي سگا وائيس چيئرمين محترم عبدالرسول سومرو، سگا فنانس سيڪريٽري محترم نورمحمد سيال ۽ محترم رفيق احمد سرھيو سان گڏ يادگار تصويرون پڻ ڪڍرايون

سگا اڳواڻ محترم رفيق احمد سريو جي فرزند فهد رفيق سريو جي شاديءَ جي پُرمسرت موقعي تي  سگا ڪوٽڙي شاخ جي وفد پڻ شرڪت ڪئي.وف...
19/09/2026

سگا اڳواڻ محترم رفيق احمد سريو جي فرزند فهد رفيق سريو جي شاديءَ جي پُرمسرت موقعي تي سگا ڪوٽڙي شاخ جي وفد پڻ شرڪت ڪئي.
وفد ۾ صدر سگا ڪوٽڙي محترم عبدالستار ڀٽو،
جنرل سيڪريٽري سگا ڪوٽڙي محترم غفار خان جمالي
۽ فنانس/پلاننگ سيڪريٽري سگا ڪوٽڙي اميد علي آمڙو شامل هئا.
سگا ڪوٽڙي شاخ طرفان گھوٽ محترم فهد رفيق سريو ۽ سندس سموري خاندان کي دل جي گهراين سان شاديءَ جون لک لک مبارڪون.
الله پاڪ نئين جوڙي کي محبت، خوشين، برڪتن ۽ سڪون سان ڀرپور زندگي عطا فرمائي، سندن نئين سفر کي ڪاميابين سان همڪنار ڪري ۽ ٻنهي خاندانن ۾ هميشه خوشيون قائم رکي. آمين. 🤲

Address

Kotri

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Sindh Graduates Association .SGA Kotri posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share

Category