Sindh united party dist. larkano

Sindh united party dist. larkano

Share

politics

01/06/2026

sindhi

27/05/2026
Photos from Sindh united party dist. larkano's post 23/05/2026

ايس يو پي ضلعي لاڙڪاڻي جي ضلعي ڪائونسل جو اجلاس مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ڊاڪٽر برڪت جتوئي جي صدارت ۾ ٿي گذريو۔ اجلاس ۾ اليڪشن ڪمشنر ۽ سي اي سي ميمبر روشن ڪلھوڙو ۔ تعليمي شعبي جي ميمبر در محمد بليدي ۽ ضلعي ڪائونسل جي ميمبرن شرڪت ڪئي۔
ايجنڊا۔تنظيمي صورتحال جو جائزو۔
فيصلو۔تعلقن۔ميونسپل ڪارپوريشن۔ٽائون ڪميٽن جا باظابط آئيني اجلاس ڪرايا ويندا۔
ايجنڊا۔مالياتي مامرن جو جائزو۔
فيصلو۔ھر ميمبر ماھوار 100 روپيه پارٽي في جمع ڪرائيندو ۽ يونٽ ان رقم مان 25سيڪڙو پاڻ رکندو بقايا مٿين اداري ۾ جمع ڪرائيندو۔
تعلقي۔ميونسپل ۽ ٽائونن جا عھديدار پارٽي فنڊ لاء پنھنجي علائقي جي ھمدردن جا نالا ڏيندا ۔
ايجنڊا۔ضلعي صدارت ۽ سيڪريٽري جي عھدن جي اليڪشن۔
فيصلو۔پوئين ضلعي ڪائونسل ۾ مرڪزي جنرل سيڪريٽري جي حڪم تي مھيني اندر ضلعي عھدن جي اليڪشن ڪرائڻ جي فيصلي جي تسلسل ۾ چونڊ ڪرائي ۔ جنھن ۾ متفقا طور منظور شيخ صدر ۽ سيڪريٽري محمود ڀٽو چونڊيا ويا۔
فيصلو۔نون چونڊيل عھديدارن کي ٽن ڏينھن اندر بقايا عھديدارن جا نالا اليڪشن ڪمشنر روشن ڪلھوڙو وٽ جمع ڪرائي نو ٽيفڪيشن ورتو ويندو۔
محمود ڀٽو سيڪريٽري ايس يو پي ضلعو لاڙڪاڻو

Photos from Sindh united party dist. larkano's post 22/05/2026

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان ضلع لاڙڪاڻو پاران ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي ۽ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جتي ڪارڪنن سخت نعريبازي ڪندي حڪومت خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرايو. مظاهري ۾ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان ۾ شامل اتحادي جماعتن سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ مجلس وحدت المسلمين جي ضلعي اڳواڻن منظور شيخ، محمود ڀٽو، حفیظ ڪوري، ايڊووڪيٽ رؤف ڪورائي، جاويد ڀٽو، امجد جتوئي، مولانا عمران حسين چانڊيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ بدترين مهانگائي عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته بار بار پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ ڪري عوام کي خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي۔ هنن چيو ته بجلي، گئس، پيٽرول، اٽو، کنڊ، دالن ۽ ٻين کاڌي پيتي جي شين جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن، پر حڪومت غربت ختم ڪرڻ جون دعوائون ڪري رهي آهي، جڏهن ته حقيقت ۾ غريبن کي ختم ڪيو پيو وڃي۔. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته حڪمران ڪرپشن جي پئسن تي عيش عشرت ڪري رهيا آهن، جڏهن ته عوام ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهي۔ هنن سياسي ڪارڪنن جي مبينا بيگناهه گرفتارين جي سخت مذمت ڪندي مطالبو ڪيو ته پيٽرول جي اگهن ۾ فوري گهٽتائي ڪئي وڃي ۽ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ لاءِ عملي قدم کنيا وڃن.

22/05/2026

لاڑکانہ۔۔۔
تحفظ آئین پاکستان ضلع لاڑکانہ کی جانب سے ملک میں بدترین مھنگائی اور پیٹرول کی بڑہتی قیمتوں کے خلاف پریس کلب کے سامنے احتجاجی مظاہرہ کرکے شدید نعرے بازی کی گئی جھاں پر تحریک تحفظ آئین میں شامل اتحادی جماعت سندھ یونائیٹیڈ پارٹی،پاکستان تحریک انصاف۔ مجلس وحدت مسلمین کے ضلعی رہنما منظور شیخ ،محمود بھٹو ،حفیظ کوری ، ،ایڈووکیٹ رئوف کورائی،جاوید بھٹو ،امجد جتوئی۔مولانا عمران حسین چانڈیو ، اور دیگر کی شرکت جھاں پر رہنمائوں نے کہا کہ ملک بدترین مھنگائی نے عوام کی کمر توڑ دی ہے اوپر سے بار بار پیٹرول کی قیمتیں بڑہاکر عوام کو خودکشی کرنے پر مجبور کیا گیا ہے ،اس وقت،بجلی ،گیس ،پیٹرول ،آٹا ۔چینی ۔دال اور دیگر اشیاء خوردنوش کی قیمتیں آسمان سے باتیں کر رہی ہے اور حکومت کہ رہی ہے کہ غربت ختم کر رہے ہیں جو شرم کی بات ہے آپ غربت نھیں غریب کو ختم کر رہے ہیں اور کرپشن کے پیشوں سے عیاشیاں کر رہے ہیں ،انھوں نے سیاسی کارکناں کی بے گناھ گرفتاریوں کی شدید مذمت کی اور پیٹرول کی قیمتیں فورن کم کرنے کا مطالبا بھی کیا

Photos from Sindh united party dist. larkano's post 21/05/2026

تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان ضلعي لاڙڪاڻو جي گڏجاڻي ايس يو پي ضلعي لاڙڪاڻو جي چيف آرگنائيزر منظور شيخ جي صدارت ۾ پارٽي آفيس تي ٿي گذري۔ سڀاڻي پريس ڪلب لاڙڪاڻو اڳيان احتجاج ڪرڻ لاء حڪمت عملي طئي ڪئي وئي ۔اجلاس ۾ پ ٽي آء جي ايڊوڪيٽ رؤف ڪورائي ۔مجلس وحدت مسلمين پاڪستان جي مولانا عمران ۔ ايس يو پي جي محمود ڀٽو۔حفيظ ڪوري ۽ ٻين شرڪت ڪئي۔

Photos from Sindh united party dist. larkano's post 06/05/2026

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي تعليم ۽ تربيت شعبي پاران "سنڌو دريا جو ڄاراڻو" جي موضوع تي سياسي ڏاھي در محمد بليديءَ جو ليڪچر ٿي گذريو.

لاڙڪاڻو (پريس رليز)
تاريخ: 06 مئي 2026ع
سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي تعليم ۽ تربيت شعبي پاران “سنڌو دريا جو ڄاراڻو” جي موضوع تي هڪ اهم ليڪچر پروگرام منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ سياسي ڏاهي در محمد بليدي تفصيلي خطاب ڪيو.
پنهنجي خطاب ۾ در محمد بليدي چيو ته پاڪستان جا اڪثر درياهي وهڪرا برفاني گليشيرن ۽ جابلو برف جي ڳار تي ڀاڙين ٿا، جڏهن ته جهلم ندي ڪجهه حد تائين چوماسي جي برساتن مان پڻ پاڻي حاصل ڪري ٿي. هن خبردار ڪيو ته گليشيرن جي تيزي سان گهٽجڻ پاڪستان، خاص طور سنڌ ماٿري لاءِ انتهائي ڳڻتي جوڳي صورتحال پيدا ڪري رهيو آهي، ڇو ته هتان جي ندين جي لڳ ڀڳ 80 سيڪڙو پاڻي برفاني ڳار مان حاصل ٿئي ٿو.
هن وضاحت ڪئي ته سنڌو درياءَ جو ڄاراڻو دراصل برفاني ٽڪرن، جابلو برف ۽ مينهوڳي جي گڏيل وهڪرن جو نتيجو آهي، جنهن ۾ ڪنهن به هڪ عنصر جي گهٽتائي سڄي نظام کي متاثر ڪري سگهي ٿي.
ليڪچر دوران هن سنڌو درياءَ جي تاريخي اهميت تي روشني وجهندي چيو ته سنڌو درياءَ رڳو پاڻي جو ذريعو نه، پر سنڌ جي هزارين سالن پراڻي تهذيب، زراعت ۽ معيشت جو بنيادي محور رهيو آهي. هن چيو ته دنيا جي قديم ترين تهذيبن مان هڪ، سنڌو ماٿري جي تهذيب، هن ئي درياءَ جي ڪنارن تي ڦلي ڦولي، جنهن انساني آبادڪاري، واپار ۽ ثقافت کي هٿي ڏني. سنڌ جي سڃاڻپ، ٻولي، ۽ تمدني وجود به سنڌو درياءَ سان ڳنڍيل رهيو آهي، تنهنڪري ان جي وهڪري ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ سڌي طرح سنڌ جي بقا سان لاڳاپيل مسئلو آهي.
در محمد بليدي وڌيڪ چيو ته سنڌو درياءَ جي پاڻي جي ڪل مقدار بابت پاڪستاني ۽ عالمي ادارن جي انگن اکرن ۾ نمايان فرق موجود آهي، جيڪو پاليسي سازي لاءِ هڪ وڏو مسئلو بڻيل آهي. هن نون ڊيمن جي تعمير تي تنقيد ڪندي چيو ته جڏهن گهربل پاڻي موجود ئي نه هجي ته اربين ڊالر خرچ ڪرڻ غير دانشمندي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن نوان ڊيم ٺاهيا ويا ته مٿئين وهڪري وارا صوبا انهن کي ڀرڻ جي ڪوشش ڪندا، جنهن سان هيٺئين وهڪري، خاص طور سنڌ، کي پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پوندو. هن ٻه چشما جهلم لنڪ ڪينال ۽ تونسا پنجند ڪينال جو حوالو ڏيندي چيو ته اهي ڪينال اصل ۾ رڳو ٻوڏ جي حالتن ۾ هلائڻ لاءِ ٺاهيا ويا هئا، پر هن وقت اهي سنڌ جي اجازت کان سواءِ سڄو سال هلن ٿا، جيڪو سنڌ سان سراسر ناانصافي آهي.
هن زور ڏنو ته سنڌو درياءَ جي تحفظ لاءِ سنڌ جي ماڻهن تاريخي جدوجهد ڪئي آهي ۽ اڄ به ان جدوجهد کي جاري رکڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.
پروگرام ۾ محمود ڀٽو، حفيظ ڪوري، رميز ڪيهر، ڊاڪٽر ارشاد عارف جوکيو، سيد محمود شاهه، دانش ترڪ، عيسيٰ ميمڻ، حنيف سولنگي، حافظ سڪندر علي تونيو، شاهد بليدي، بشير شيخ ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جڏهن ته ڪاروائي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ضلعي لاڙڪاڻي جي اڳواڻ منظور شيخ هلائي.

03/05/2026

پريس رليز
​لاڙڪاڻو: سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه جي جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ سان ملاقات، والد جي لاڏاڻي تي تعزيت

سنڌ يونائيٽڊ پارٽي (SUP) جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه هڪ وفد سان گڏ لاڙڪاڻي پهچي جماعت اسلامي سنڌ جي امير محترم ڪاشف سعيد شيخ سان سندس والد جي وفات تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي تعزيت ڪئي.

​سيد زين شاهه، ڪاشف سعيد شيخ سان ملاقات دوران مرحوم جي مغفرت ۽ درجات جي بلندي لاءِ دعا گهري. هن چيو ته پيءُ جهڙي عظيم هستي جو وڇوڙو هڪ ناقابل تلافي نقصان آهي، جنهن تي اسين کين برابر جي ڏک ۾ شريڪ آهيون.

​ان موقعي تي سنڌ يونائيٽڊ پارٽي ۽ قومي عوامي تحريڪ جا اڳواڻ پڻ ساڻس گڏ هئا، جن ۾ ڀائو روشن ٻرڙو، منير احمد نائچ،فتح خاصخيلي، ڊاڪٽر مظهر مغل، روشن ڪلهوڙو، صدر ڀٽي، منظور شيخ، محمود ڀٽو، بشير شيخ ۽ ٻيا شامل هئا.

​ملاقات دوران معزز اڳواڻن مرحوم جي روح جي ثواب لاءِ خاص دعا گھري ۽ سوڳوار خاندان سان همدرديءَ جو اظهار پڻ ڪيو.

Photos from Sindh united party dist. larkano's post 01/05/2026

#ڳيريلو
ڳيريلي ۾ مزورن جي عالمي ڏهاڙي تي کين ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ايس يو پي ڳيريلو پاران خالد محمود جتوئي، نواب ابڙو لياقت علي ٻرڙو آفاق علي ٻرڙو نصاف جتوئي جي اڳواڻي ۾ بس اسٽاپ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي جتي اڳواڻن پنهنجي خطاب ۾ مزورن کي ڀيٽا پيش ڪئي.

Want your business to be the top-listed Government Service in Larkana Lines?

Click here to claim your Sponsored Listing.

Location

Telephone

Website

Address


Gpo Road
Larkana Lines