01/06/2026
شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي (SMBBMU) لاڙڪاڻو جي انتظاميه 2009ع ۾ آفس آف ريسرچ، انوويشن اينڊ ڪامرسلائيزيشن (ORIC) جو بنياد رکيو، پر بدقسمتيءَ سان ان ڪم کي اڳتي وڌائي نه سگهيا. ان کان پوءِ جڏهن وي سي نصرت شاهه جو دور آيو ته مير حسن کوسو اڳيان اچي ORIC جي ذميواري سنڀالي. اهو سڀ يونيورسٽي کي بهتر بڻائڻ لاءِ نه، پر صرف پنهنجي ذاتي مفادن کي پورو ڪرڻ لاءِ ORIC جهڙي اهم شعبي جو سهارو وٺي تباهه ڪيو ويو.
جيڪڏهن سائين ORIC کي پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ استعمال نه ڪري ها، ته هن وقت تائين HEC پاران SMBBMU جي ORIC کي آفيشلي ريڪگنيشن ملي وڃي ها,جتي سمورين يونيورسٽين کي HEC پاران ريڪگنائيز ڪيو پيو وڃي.
ثبوت جي طور تي يونيورسٽيز لسٽ مٿي ڏنل آهي، جيڪا HEC پاڻ ظاهر ڪئي آهي.
مير حسن کوسو پهريان شاگرد دوست هوندا هئا پر هاڻي شاگردن جي حقن کي دٻائي پنهنجي ذاتي ترقي ۾ مصروف آهن. سائين جن کان اهو وسري ويو آهي ته اهي ذميواريون اوهان کي شاگردن جي ڀلائي لاءِ، يونيورسٽي جي بهتري لاءِ مليل آهن، نه ڪي پنهنجي ذاتيات لاءِ.
اسان چانڊڪا جا شاگرد مير حسن کوسو کي اهو واضح ڪيون ٿا ته جيڪڏهن فائنل ائير بيچ کي ٽور نٿو ڏنو وڃي، جيڪو هر بيچ جو قانوني ۽ تاريخي حق آهي، ته پوءِ اوهان به پنهنجن فيورٽس سان آسٽريليا وڃڻ هڪ خواب سمجھو.
Education Commission,
Syed Sardar Ali Shah
Bilawal Bhutto Zardari
Syed Sardar Ali Shah
Shoukat Ali Zardari
Imtiaz Chandio
Shaheed Mohtarma Benazir Bhutto Medical University Larkana
Shahid Hussain Soomro
Mir Hassan Khoso
31/05/2026
جڏهن ادارن ۾ اهڙا استادن جي روپ ۾ بگھڙ هوندا ته ڇو نه شاگردن جا لاش ملندا.
اسان PMDC ۽ ھائير اٿارٽي کي گھر ڪيون ٿا ته ڊاڪٽر فهميده لغاري جي قاتلن کي سرانجام تائين پھچائين ۽ اڳتي لاءِ ادارن ۾ انڊيپينڊنٽ اينٽي هراسمينٽ ڪميٽي تشڪيل ڏين ته جيئن ادارا محفوظ بڻجي سگهن.
Pakistan Medical & Dental Council
Higher Education Commission, Pakistan Bilawal Bhutto Zardari
Syed Sardar Ali Shah
Shoukat Ali Zardari
Imtiaz Chandio
Shaheed Mohtarma Benazir Bhutto Medical University Larkana
Shahid Hussain Soomro
31/05/2026
هي بايوڪيمسٽري جو پروفيسر مير حسن کوسو آهي، جيڪو هڪ ئي وقت BADC ۾ بايوڪيمسٽري جو HOD ۽ يونيورسٽي جي ORIC جو ڊائريڪٽر آهي. جڏهن ته HEC جو اهو واضح قانون آهي ته ڪو به هڪ شخص هڪ ئي وقت فيڪلٽي ۽ ايڊمنسٽريشن جا عهدا نٿو سنڀالي سگهي. پر هتي ٻئي عهدا هڪ جي هٿ ۾ آهن، بهرحال اسان کي ان عهدن سان ڪو مسئلو نه هجي ها، جيڪڏهن ان جا اثر شاگردن جي حقن تي نه پون ها!
بقول پرنسپال چانڊڪا جي، فائنل ائير جي شاگردن جو قانوني ۽ تاريخي حق "آل پاڪستان اسٽڊي ٽور" ختم ڪرائڻ ۾ سڀ کان اهم ۽ مک ڪردار انهيءَ بايوڪيمسٽري پروفيسر نڀايو آهي. بيچ 47 آخري بيچ هئي جنهن کي آل پاڪستان اسٽڊي ٽور مليو، ان کان پوءِ هن مهل تائين ڪنهن به بيچ کي ناهي مليو. انتظاميا وڏي عرصي کان اها ڪوشش ڪري رهي هئي ته شاگردن کان هي حق ڪيئن کسيون وڃي ۽ ان سازش کي ڪامياب ڪرڻ ۾ سائين جن جو مک ڪردار شامل آهي.
حيرت جي ڳالهه اها آهي تہ سائين جن جي VC صاحبا وٽ ايتري هلي ڇو ٿي؟ جو سائين جن جي چوڻ تي VC ٽور بند ڪري ڇڏيو جيڪو شاگردن جو جائز حق هو.
جڏهن تہ هر ڪنهن کي خبر آهي تہ مير حسن کوسو جنهن کي پهريان ڪير بہ پڇندو نہ هو هاڻي هو ايترو طاقتور ٿي ويو آهي جو پرنسپال کان بہ وڌيڪ هليس ٿي. هاڻي سائين جن تہ پرنسپال کان ڪا به ڳالهہ پڇڻ گوارا نہ سمجھندا آهن.بس جڏهن کان سائين جن پنهنجي فيورٽ 10-15 شاگردن سان گڏ ORIC سنڀالي آهي تڏهن کان سائين جن VC جا فيورٽ ٿي ويا آهن ۽ تڏهن کان اداري ۾ ڪو نظام نہ بچو آهي.
اسان شاگرد ان نظام جي خلاف آهيون جتي VC پنهنجي فيورٽ جي چوڻ تي آل پاڪستان ٽور بند ڪري ڇڏي ٿي.جيڪو شاگردن جو قانوني ۽ تاريخي حق آهي ۽ ٻئي پاسي چانڊڪا پرنسپال جنهن پنهنجي پرنسپال ٽينيوئر ۾ پهريون دفعو شاگردن جي حق ۾ ٽور جي گهر ڪئي پر سندن دٻائي چُپ ڪرايو ويو ۽ پرنسپال کي شاگردن جي حقن کان وڌيڪ پنهنجي سيٽ پياري هئي سو چُپ رهڻ بهتر سمجھيو.
(نوٽ:جتي برابري نہ هجي جتي انصاف نہ هجي اتي مزاحمت فرض آهي.)
Higher Education Commission, Pakistan Pakistan Medical & Dental Council
Imtiaz Chandio
Shoukat Ali Zardari
28/05/2026
“پرنسپال صاحب جي عهدي تي تعميري تنقيد”
سائين شاهد حسين سومرو، جنهن کي شايد اها خبر نه هئي ته منهنجي ڊومين ۾ ڇا ڇا اچي ٿو. افسوس سان چوڻو پئي ٿو ته جڏهن ڪو به سينيئر پروفيسر پرنسپال جو عهدو وٺڻ لاءِ تيار نه هو، تڏهن اوچتو اسان جا مانوارا سائين اڳتي اچي ويا. خوشيءَ ۾ سائين کان اهو به پڇڻ وسري ويو ته “مون کي ڪرڻو ڇا آهي؟”
عهدي تي اچڻ کان پوءِ سائين کي خبر لڳي ته هتي صرف “ها ۾ ها” ملائڻي آهي ۽ رڳو ايڪٽنگ ڪرڻي آهي.
سائين، اسان شاگرد يقين سان چئون ٿا ته جيڪڏهن اوهان اهو عهدو ڇڏيو ٿا ته شايد ٻيو اهڙو ڪو به نه هوندو، جيڪو هن عهدي تي رهي پنهنجي تذليل ڪرائي.
۽ “تذليل” لفظ استعمال ڪرڻ مان مراد اها آهي ته جڏهن اوهان هڪ ڊاڪٽر هجو، پوءِ اوهان وٽ ڪو اڌورو تعليم يافته ماڻهو (فهد جبران سيال) اچي حڪم ڏئي، بغير اجازت جي اوهان جي آفيس استعمال ڪري ۽ مٿان حڪم ڏئي هليو وڃي، ته ان کي تذليل ئي چئبو آهي.
سائين، پنهنجي سر فائنل ايئر جي ٽوئر لاءِ آواز اٿاريو، پر سائين جو آواز دٻايو ويو ۽ مٿان سيٽ کسڻ جون ڌمڪيون به ڏنيون ويون. پوءِ اتي سائين شاهد صاحب شايد اهو سمجهيو ته “شاگرد ڀلي کڏ ۾ وڃن، مان پنهنجي AC واري آفيس ڇو وڃايان.”
سائين، جيڪڏهن اوهان پنهنجي سيٽ تان استعيفا ڏيو ٿا ته اسان کي ايترو يقين ضرور آهي ته رجسٽرار پنهنجو ڪو مائٽ وٺي اچي اوهان جي سيٽ تي ويهاريندو، جيڪو صرف سندس حڪم مڃيندو، ڇو ته ڪو به سينيئر پروفيسر رجسٽرار جي انڊر ۾ پرنسپال ٿيڻ قبول نه ڪندو.
پر ايترو ضرور مڃبو ته اوهان ظالم جي اڳيان سر مٿي کڻي استعيفا ڏني.
28/05/2026
توهان جي نظر ۾ ڇا پرنسپال شاهد سومرو پرنسپال جي ڪرسي جو مانُ رکندي شاگردن لاءِ ٽوئر وٺي سگهندو يا فھد جبران سيال جو عھدو کسڻ واري دڙڪي کان ڊڄي ھر ڀيري وانگر چپ ڪري ويهي رهندو؟
پنھنجو موقف ڪمينٽ ۾ ضرور ٻڌايو
27/05/2026
سائين، حال احوال ڪجهه هن ريت آهن.
اسان جي چانڊڪا نگري ۾ هڪ اهڙو شخص موجود آهي، جنهن جو نالو فهد جبران سيال آهي. جنهن کي شايد ڪنهن سٺي ڊاڪٽر ۽ مناسب مشوري جي ضرورت آهي، پر افسوس جو هو علاج ڪرائڻ کان لنوائي ٿو. شايد هن کي اهو خوف آهي ته جيڪڏهن ماڻهن کي خبر پئجي وئي ته “مان نارمل ناهيان”، ته سندس وقار تي اثر پوندو. پر بحيثيتِ ڊاڪٽر، مان سائين کي اها ئي صلاح ڏيندس ته علاج ڪرائڻ ۾ ڪا به شرمندگي ناهي. ڇو ته جڏهن انسان پنهنجي رويي ۽ فيصلن تي ڪنٽرول وڃائڻ لڳي ته پوءِ نقصان صرف ٻين تائين محدود ناهي رهندو، پنهنجن تي به اثر پئجي سگهي ٿو.
اصل مسئلو شايد اهو آهي ته سائين کي اوچتو ملي ويل طاقت ۽ عهدو سنڀالي نه سگهيو آهي. رجسٽرار ٿيڻ کان اڳ جن کي ڪو خاص اهميت نه ڏيندو هو، اڄ جڏهن اختيار مليا آهن ته هر روز نيون پاليسيون، پراڻن اصولن جو خاتمو، ۽ سڄي نظام سان تجربا ڪيا پيا وڃن. هن انسان پنهنجي صرف ڏيڍ سال جي عرصي ۾ چانڊڪا جهڙي تاريخي ۽ معتبر اداري جي ساک کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو آهي. اداري جي خودمختياري کي ختم ڪري، هن جيڪي ڪارا ڪارناما ڪيا آهن، اهي ڪنهن کان لڪيل ناهن:
•انتظاميہ مان سينيئر پروفيسرز کي هٽائڻ: هن شخص انتظامي عهدن تان سينيئر ۽ باصلاحيت پروفيسرز کي هٽائي پنهنجا نااهل ۽ "ڊمي" ماڻهو رکيا آهن، ته جيئن هر غلط ڳالهه تي "ها ۾ ها" ملائي سگهجي. پرنسپال، پرووسٽ، ريسرچ ڊائريڪٽر، ۽ اسپورٽس ڊائريڪٽر سميت هر شعبي ۾ پنهنجا ماڻهو ويهاري، اداري جي اها خودمختياري کسي ورتي آهي جيڪا قانوني طور انهن عهدن جو حق هئي.
•شاگرد دشمني ۽ عدالت جي توهين: هڪ شاگرد، جنهن جو بيماريءَ سبب گردن (Kidney) جو آپريشن ٿيو هو ۽ هو امتحان ۾ شريڪ نه ٿي سگهيو، تنهن هاءِ ڪورٽ مان پنهنجي حق ۾ فيصلو ورتو. هاءِ ڪورٽ انتظاميه کي ٻيهر پيپر وٺڻ جو حڪم ڏنو، پر هن اناپرست شخص هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي مڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ڪري ان غريب شاگرد کي ڪورٽن جا چڪر ڪاٽڻ تي مجبور ڪيو. آخرڪار شاگرد ٿڪجي ڪيس تان هٿ کڻي ويو، جنهن ڪري سندس هڪ قيمتي سال ضايع ٿي ويو.
•شاگردن کي بليڪ ميل ڪرڻ ۽ غيرقانوني ڏنڊ: هاسٽل الاٽمينٽ جي اصولن جي خلاف ورزي ڪندي، شاگردن کي امتحانن ۾ نه ويهڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون غيرقانوني AC Penalties جي نالي تي, شاگردن کان ناجائز ۽ غيرقانوني پئسا اڻايا ويا.
•اڪيڊمڪ پاليسيءَ ۾ غيرقانوني تبديلي: هن شخص بيچ 51 ۽ 52 جي اڪيڊمڪ پاليسيءَ ۾ گريجوئيشن دوران غيرقانوني تبديليون ڪيون، ۽ ڪيترن ئي ڊبل ٽرم بيڪ (Double term back) ٿيل شاگردن کي ٻيهر ٽرم بيڪ ڪرائي سندن مستقبل سان راند کيڏي.
هن انسان جي ڪيل ڪمن کي بيان ڪجي ته هر غيرقانوني ڪم جي اڳيان هي پاڻ بيٺل نظر ايندو. چوندا آهن:
“کدڙي کي پُٽ ڄائو ته چمي چمي ماري وڌائين.”
بس ڪجهه اهڙو ئي حال لڳي ٿو، جتي اختيار ملڻ بعد توازن وڃائجي ويو آهي. سائين کي شايد اهو احساس ناهي ته ادارا ذاتي انا تي نه، اصولن تي هلندا آهن. ماڻهو ايندا ويندا رهندا آهن، پر انهن جي ڇڏيل اثرن کي ايندڙ نسلون ڀوڳينديون آهن.
اسان جي سائين لاءِ صرف اها ئي گذارش آهي ته پنهنجي ذاتي ضد يا انا خاطر سڄي نظام کي تباھ نه ڪيو. توهان اڄ آهيو، سڀاڻي نه هوندا، پر جيڪو انتظامي گند ۽ بيچيني پيدا ٿي رهي آهي، ان کي صاف ڪرڻ ۾ سالن لڳي سگهن ٿا.
۽ آخر ۾ هڪ ڳالهه ضرور ڪنداسين:
جيڪڏهن اوهان پنهنجي والد صاحب جي نقشِ قدم تي هلي نٿا سگهو، ته گهٽ ۾ گهٽ سندن نالي ۽ عزت کي نقصان نه پهچايو. ڇو ته ماڻهو اڄ به سائينجن جي وڏي عزت ڪن ٿا، ۽ اهو احترام قائم رهڻ گهرجي.
(نوٽ: هي پوسٽ ڄاڻ ڏيڻ لاءِ آهي تهنڪري سائين جو ڪاٽا وارو ڦوٽو نه رکڻ کپي پر ڇا ڪيون مان وٽ سڀ ڪاٽا وارا پيل آهن)
24/05/2026
Stop Unjust Policy Of Batch 52 &51 at CMC Larkana!
Chandka Medical College has implemented a new policy after issuing marksheets. Students who are marked FAIL on their marksheets are actually PASS.
This notice was never given before exams, and it cannot be applied to our batch retroactively.
We reject this illegal policy. The administration must correct the results immediately.
چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻه ۾ ناانصافي واري پاليسي بند ڪريو!
چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج مارڪ شيٽ جاري ڪرڻ کان پوءِ نئين پاليسي لاڳو ڪئي آهي. جن شاگردن کي مارڪ شيٽ ۾ فيل ڏيکاريو ويو آهي، اهي اصل ۾ پاس آهن.
هي نوٽيس امتحانن کان اڳ نه ڏنو ويو هو، ۽ ان کي اسان جي بيچ تي پوئتي هٽي لاڳو نٿو ڪري سگهجي.
اسان هن غيرقانوني پاليسي کي رد ڪريون ٿا. انتظاميه کي فوري طور نتيجا درست ڪرڻ گهرجن.
Pakistan Medical & Dental Council
Higher Education Commission, Pakistan
Bilawal Bhutto Zardari
Syed Sardar Ali Shah
Imtiaz Chandio
Shoukat Ali Zardari
Shar
Shakir Nawaz Adv
Larkana Times
Voice of Smbbmu Larkana
24/05/2026
To,
Mr. Bilawal Bhutto Zardari
Chairman, Pakistan Peoples Party
Respected Sir,
We are writing to bring your attention a serious concern regarding the administration of Chandka Medical College, Larkana.
It is being reported that Mr. Fahad Jibran, currently serving as Registrar, is acting in an incompetent and high-handed manner towards the students. Students have raised concerns that he is misusing his position, creating unnecessary difficulties, and causing distress among them.
The main issue is that his appointment is believed to be on political grounds, reportedly due to his relation as brother-in-law of former Home Minister Mr. Suhail Anwar Siyal. Because of this political backing, he continues to function without accountability, and the students are suffering as a result.
We, the students of Chandka Medical College, request you to kindly look into this matter and take appropriate action for his removal. A fair and competent administration is essential for the future of medical education and for maintaining trust in the institution.
Your intervention would restore confidence among the students and ensure that merit and fairness prevail.
24/05/2026
نااھل انتظاميه ھٽايو چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج بچايو🚨
ڪنھن کي چئي ڪنھن کي چئجي ڪو سنڌ م تعليمي ادارن جي مالڪي ڪرڻ وارو ڪونھي؟؟؟
افسوس چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ادارو بس الله جي ھوالي باقي ڪو نظام سڌو ڪونھي اداري م ويٺل وڏا نانگ آھن جيڪي پنھنجي غلطي تسليم ڪرڻ کان ڪيٻائي رھيا آھن پوء راتو رات نئون قانون ٺاھي شاگردن تي مسلط ڪري ڇڏيو اڙي او عقل جا انڌو نئون قانون نئين بيچ تي مسلط ڪري سگھجي ٿو 2 سال کان ھلندڙ بيچ تي نٿو ڪري سگھجي توھان کي ڪير سمجھائي ناجائز شاگردن کي فيل ڪري شاگردن کي زليل ڪرڻ ئي توھان جو ڪم آھي ڇا؟؟
Medical & Dental Council
Education Commission, Pakistan
Bilawal Bhutto Zardari
Sardar Ali Shah
Imtiaz Chandio
Shoukat Ali Zardari
22/05/2026
هي فوٽو ۾ موجود شاهد حسين سومرو جيڪو پرنسپال چانڊڪا آهي. اسان پنهنجي ڳالهه رکڻ کان پهريان اهو واضع ڪريون ٿا ته هي ڳالهه سائين جن جي انتظامي ڪارڪردگي تي هوندي.
سائين جن جي عهدو سنڀالڻ کان پهريان پرنسپال چانڊڪا ضمير احمد سومرو هئا، ان وقت وي سي چانڊڪا جي پرنسپال چانڊڪا کي فل اٿارٽي ڏنل هئي. ان وقت پرنسپال چانڊڪا ڳالهه ٻولهه ۾ مسئلن کي حل ڪندو هو، ڇو جو اٿارٽي هوندي هئي، جيڪو پرنسپال جي عهدي جو حق آهي.
نيٺ ضمير احمد سومرو پرنسپال جو عهدو ڇڏي ڏنو 2025 جي آخر ۾ ان جو سبب اهو ته سائين جن جي اٿارٽي ۾ يونيورسٽي انٽرفيرنس (مداخلت) ڪرڻ شروع ڪئي، جنهن ڪري ضمير احمد سومرو پنهنجي انتظامي ڪارڪردگي کي ڊيفينڊ نه ڪري سگهيا ۽ عهدو ڇڏي ڏنو. بهرحال پاڻ به اهڙا سٺا پرنسپال نه هئا، انهن جي دور ۾ به انتظامي بحران ۽ ظلم هو. ضمير احمد سومرو کان پهريان پرنسپال چانڊڪا گلزار شيخ هئا، جنهن پرنسپال جي عهدي جي اصل روح ڏيکاري، جنهن ڪري گلزار شيخ پرنسپال جي عهدي تي 1 سال کان مٿي عهدو سنڀالي نه سگهيا.
پوءِ وري چانڊڪا پرنسپال جي سيٽ تي شاهد حسين سومرو ويهن ٿا ۽ اتي وري انتظامي بحران ۽ ناهلي جو اعليٰ ترين دور شروع ٿئي ٿو. سائين وٽ جيڪو به شاگرد پنهنجو جائز مسئلو کڻي وڃي ٿو ته سائين جن جي زبان تي صرف اهو آهي ته اسان توهان جو مسئلو فارورڊ ڪري ڇڏيو آ. هر ننڍي وڏي ڳالهه کي صرف سائين جن فارورڊ ڪن ٿا، بجاءِ مسئلن کي پنهنجي عهدي جي اٿارٽي سان حل ڪرڻ جي. سائين جن صرف پنهنجي نالي جي اڳيان پرنسپال هجڻ تي خوش آهن، ان عيوض سموري انتظامي ناهلي برداشت ڪن پيا. سائين جن کي اڃا تائين ان شئي جو اندازو نه ٿيو آهي ته سموري انتظاميا پنهنجي ناهلي ۽ ظلم جو ملبو اوهان تي رکن پيا ۽ اوهان کي ذليل ڪرائي سائڊ ۾ خوش ٿين پيا، پوءِ به اوهان ان شئي ۾ خوش آهيو. جڏهن اوهان وٽ ڪو فيصلي ڪرڻ جو اختيار ناهي ته پوءِ اوهان ڇو ٻين جي ناهل فيصلن تي پنهنجو پاڻ کي خوار ڪرايو پيا، ڪجهه عزتِ نفس به هوندي آهي.
سائين جن پنهنجي ٽينيوئر (دؤر) ۾ فارورڊ ڪرڻ کان سواءِ ڪو چڱو ڪم ناهي ڪيو. سائين جن جون وڏي ۾ وڏيون ناهليون: پهريون ته ريفرنس لائبريري 1 سال کان بند آهي ڪنسٽرڪشن جي بهاني ۾، الائي ڪهڙو ڪم هلي پيو جيڪو هن مهل تائين مڪمل ناهي ٿي سگهيو. ۽ ٻيو ته بيچ 51 ۽ 52 جي وچ گريجوئيشن ۾ اڪيڊمڪ پاليسي کي تبديل ڪيو ويو ۽ سائين جن کي پاڻ هاڻي خبر پئي آ، جڏهن ته پاڻ اڪيڊمڪ ڊائريڪٽر به آهن. نه صرف اهي پر ڪو به هاسٽل فيسليٽيز ۽ سي سي مئنيجمينٽ بابت پڇيو وڃي ٿو ته اتي پاڻ اهو فرمائين ٿا ڪي منهنجي ڊومين ۾ ناهي. هاڻي سائين جن کي ڪير ٻڌائي ته هاسٽل ۽ سي سي ڪاليج جو حصو آهن ۽ اوهان ڪاليج جا پرنسپال. جڏهن وري سائين جن کان ڊومين پڇيو وڃي ٿو ته سائين جن آفيس جي فون کڻي ڪن تي رکن ٿا ۽ ڳالهه جو جواب رفع دفع ڪري ڇڏين ٿا.
سائين جن کي اسان جي اها ئي تلقين آهي ته جيڪڏهن اوهان وٽ عزتِ نفس آهي ۽ اوهان کي پنهنجي اٿارٽي يوز (استعمال) ڪرڻ نٿي ڏني وڃي ته ڀلو آهي اوهان اهڙو کٽل عهدو ڇڏي ڏيو، جيڪو ظلم جو وسيلو بڻجي پيو.Larkana Times