Zila Council Office Larkana

Zila Council Office Larkana

Share

Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Zila Council Office Larkana, Government Organization, Larkana Lines.

23/12/2025

🌿 Green Belt Initiative 🌿
District Council Larkano is developing a beautiful Green Belt at Village Keehar, Larkano–Naudero Road, to promote cleanliness, greenery, and a healthy environment.

20/12/2025

شہید رانی تجھے سلام
منجانب ضلع کونسل لاڑکانہ

Photos from Zila Council Office Larkana's post 16/12/2025

لاڙڪاڻو | 16 ڊسمبر 2025

چيئرمين ضلع ڪائونسل لاڙڪاڻو ۽ جنرل سيڪريٽري پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعو لاڙڪاڻو ايڊوڪيٽ محترم اعجاز احمد لغاري صاحب، سٽي ڊسٽرڪٽ لاڙڪاڻو جي صدر سابقہ ميمبر ضلع ڪائونسل محترم خير محمد شيخ صاحب سان گڏ ٽراما سينٽر لاڙڪاڻو جو دورو ڪيو۔

دوري دوران لاڙڪاڻو جي لھر ڪالوني ۾ پيش آيل سلينڊر ڌماڪي جي واقعي ۾ زخمي ٿيندڙ شهرين جي عيادت ڪئي وئي ۽ سندن علاج معالج بابت ڊاڪٽرن کي هر ممڪن سهولتون مهيا ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون۔
محترم اعجاز احمد لغاري صاحب متاثرن سان مڪمل همدرديءَ جو اظهار ڪندي هر ممڪن مدد جي يقين دهاني پڻ ڪرائي۔

ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ چيئرمين محترم اعجاز احمد لغاري صاحب، پارٽي اڳواڻن ۽ انتظاميہ سان گڏ لھر ڪالوني ۾ واقعي واري هنڌ جو به جائزو ورتو ۽ صورتحال بابت تفصيلي ڄاڻ حاصل ڪئي۔

Photos from Zila Council Office Larkana's post 09/12/2025

Today, 09th December 2025.

Under the directions of the Government of Sindh, the District Administration Larkano organized a Human Rights Awareness Walk. The rally was led by the worthy Deputy Commissioner Larkano.

District Council Larkano actively participated in the walk, reaffirming our commitment to the protection and promotion of human rights in our society.

09/12/2025

اِنَّا لِلّٰهِ وَاِنَّا اِلَيْهِ رَاجِعُون
کُلُّ نَفْسٍ ذَائِقَةُ الْمَوْتِ

انتھائي ڏکَ ۽ افسوسَ جو اظھار ڪجي ٿو ته اسانجي سفر جو ساٿي، غلام مرتضیٰ المعروف فيصل منگي صاحب، ميمبر ضلع ڪائونسل لاڙڪاڻو وفات ڪري ويو آھي.

جناب اعجاز احمد لغاري صاحب، چيئرمين ضلع ڪائونسل لاڙڪاڻو ۽، جناب اسد الله ڀٽو صاحب وائيس چيئرمين، مرحوم جي اوچتي وفات تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

چيئرمين صاحب مرحوم کي پاڪستان پيپلز پارٽي جو وفادار ۽ بااعتماد ساٿي قرار ڏيندي چيو آهي ته سندس خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون.

آخر ۾ دعا آھي ته
الله پاڪ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ سندن وارثن کي صبرِ جميل عطا ڪري.
آمين يا ربّ العالمين 🤲

Photos from Zila Council Office Larkana's post 12/11/2025

🌍 لاڙڪاڻو، 12 نومبر 2025ع

صحت مند ٻار، روشن مستقبل ✨

ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر لاڙڪاڻو ڊاڪٽر شوڪت علي ابڙو صاحب جي پاران DHO آفيس لاڙڪاڻو ۾ 17 نومبر کان 29 نومبر تائين خسرہ، روبیلا ۽ پوليو جي بچاءَ لاءِ آگاهي مهم (ايڊووڪيـسي) سيمينار ۽ تقريب جو شاندار انعقاد ڪيو ويو 🎗️

تقريب جو افتتاح
🎖️ چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاڙڪاڻو محترم اعجاز احمد لغاري صاحب
🎖️ ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو محترم شرجيل نور چنه صاحب
🎖️ وائيس چيئرمين ضلع ڪائونسل و صدر تعلقي لاڙڪاڻو محترم اسد ﷲ ڀٽو صاحب
🎖️ ۽ ٻين معزز مهمانن پاران ڪيو ويو.

ان موقعي تي صحت کاتي حڪومت سنڌ پاران 6 مهينن کان 5 سالن جي عمر تائين 2 لک 63 هزار 480 ٻارن کي خسرہ، روبیلا ۽ پوليو جي خلاف ويڪسين ڏيڻ لاءِ 214 ٽيمون تشڪيل ڏنيون ويون آهن 💉

🏍️ تقريب دوران صوبائي وزير محترمه ڊاڪٽر عذره پيچوهو صاحبہ جي طرفان پوليو ورڪرن ۾ 25 موٽر سائيڪلون پڻ ورهايون ويون، جيئن مهم وڌيڪ موثر بڻجي سگهي.

🎂 ان موقعي تي چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاڙڪاڻو محترم اعجاز احمد لغاري صاحب جي سالگره جو ڪيڪ به ڪٽيو ويو، جنهن تقريب کي وڌيڪ خوشگوار بڻائي ڇڏيو.

🎈 تقريب کان پوءِ خسرہ، روبیلا ۽ پوليو جي بچاءَ لاءِ ڊي ايڇ او آفيس لاڙڪاڻو کان چانڊڪا تائين آگاهي ريلي پڻ ڪڍي ويئي.

Photos from Zila Council Office Larkana's post 03/11/2025

Meeting of Selection & Promotion Committee Cadet College Larkano

Today, Adv. Aijaz Ahmed Laghari Sb, Chairman, District Council Larkano and Member Board of Governors, attended the meeting of the Staff Selection / Promotion Committee of the Board of Governors, Cadet College Larkana, held under the chairmanship of Brigadier Umar Khan, Commander 34 Brigade, Pano Aqil Cantt.

The meeting was also attended by Lt. Col. Muhammad Arfat Anwer (General Staff Officer-1, Cadet Colleges, Pano Aqil Cantt), Brigadier Ghulam Raza (Principal, Cadet College Larkana), Mr. Khalid Hussain Mahar Chairman, BISE Larkana and Mr. Altaf Hussain Abro Regional Director Colleges, Larkano.

03/11/2025

افسوس جو اظهار
اناﷲ و انا الیہ راجعون.

ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ لاڙڪاڻو جي رٽائرڊ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر (پرائمري) محترم سائين نواب علي کوکر صاحب رضا الاهي سان انتقال فرمايو آهي۔

چيئرمين ضلع ڪائونسل لاڙڪاڻو محترم اعجاز احمد لغاري صاحب جن مرحوم جي وفات تي گھري ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته:

> مرحوم سائين نواب علي کوکر صاحب هڪ ڀلو، سادگي پسند ۽ تعليم کاتي نڀاء وارو انسان هو، جن جي خدمتن کي تعليم کاتي ۾ هميشه ياد رکيو ويندو۔

ﷲ پاڪ کان دعا آهي ته مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ سندس پوئيرن کي صبر جميل عطا ڪري۔
آمين 🤲

اسين هن ڏک جي گهڙي ۾ مرحوم جي خاندان سان برابر جا شريڪ آهيون۔

Photos from Zila Council Office Larkana's post 02/11/2025

تاريخ 1 نومبر 2025

شڪارپور کان سيوڻ ويندڙ بس حادثي جي اطلاع تي چيئرمين ضلع ڪائونسل لاڙڪاڻو محترم اعجاز احمد لغاري صاحب ۽ وائيس چيئرمين محترم اسد ﷲ ڀٽو صاحب فوري طور ٽراما سينٽر لاڙڪاڻو پھتا.

زخمين جي عيادت ڪئي ۽ ڊيوٽي ڊاڪٽرن کي ھدايت ڪئي ته زخمين جي علاج ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي وڃي ۽ ھر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وڃن. 💉

ان موقعي تي سابقہ ميمبر ضلع ڪائونسل ديدار علي ڀٽو، منٺار علي عمراني، ڪوآرڊينيٽر عبدالرحمان موريو، جبران جوکيو، شفقت حسين چنه، بلاول جلباڻي ۽ ابرار احمد ميرجت پڻ ساڻن گڏ هئا. 🤝

Photos from Zila Council Office Larkana's post 29/10/2025

Municipal Committee Naudero!

چيئرمين ضلع ڪائونسل لاڙڪاڻو، محترم اعجاز احمد لغاري صاحب جي ھدايتن تي عمل ڪندي ميونسپل ڪاميٽي نئون ديرو پاران شھر جي مختلف علائقن ۾ اڄ ٽئين (3) ڏينھن بہ مڇر مار اسپري مهم جاري رکي وئي آھي. 🦟
تاريخ: 29 آڪٽوبر 2025

Want your business to be the top-listed Government Service in Larkana Lines?

Click here to claim your Sponsored Listing.

Location

Website

Address


Larkana Lines

Opening Hours

Monday 09:00 - 17:00
Tuesday 09:00 - 17:00
Wednesday 09:00 - 17:00
Thursday 09:00 - 17:00
Friday 09:00 - 17:00