Larkana Dost Social Forum

Directions

Larkana Dost Social Forum Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Larkana Dost Social Forum, Social service, Larkana.

ڪراچي: اڳوڻي جنرل سيڪريٽري ڪراچي بار ايسوسيئيشن رحمان ڪورائي خبردار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن لاڳاپيل نوٽيفڪيشن واپس نه ورت...
13/10/2026

ڪراچي: اڳوڻي جنرل سيڪريٽري ڪراچي بار ايسوسيئيشن رحمان ڪورائي خبردار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن لاڳاپيل نوٽيفڪيشن واپس نه ورتو ويو ته ڪراچيءَ کان خيبر تائين آئيني مينڊيٽ جي بحاليءَ لاءِ جدوجهد جو کليل اعلان ڪيو ويندو.

رحمان ڪورائي جي بيان موجب، نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ ۽ آئيني مينڊيٽ جي بحاليءَ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي. هن واضح ڪيو ته مطالبا تسليم نه ٿيڻ جي صورت ۾ تحريڪ کي ملڪ جي مختلف حصن تائين وڌايو ويندو.

ڪراچي: ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي صدر عامر نواز وڙائچ چيو آهي ته: ”هڪ ڪم ڪريو، جيل ٺاهي ڇڏيو ۽ ان جيل ۾ سڄي پاڪستان کي بند ...
13/10/2026

ڪراچي: ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي صدر عامر نواز وڙائچ چيو آهي ته: ”هڪ ڪم ڪريو، جيل ٺاهي ڇڏيو ۽ ان جيل ۾ سڄي پاڪستان کي بند ڪري ڇڏيو، ته جيئن جان ڇٽي پوي.

دفعه 144 ڇا جي لاءِ آهي؟ ڇا هاڻي ماڻهو پنهنجي حقن لاءِ به ٻاهر نه نڪرن؟ ظلم ٿي رهيو آهي، ته ڇا ان ظلم خلاف به ٻاهر نه نڪرن؟

اهي پاڪستاني قوم کي تمام گهڻو گهٽ سمجهي رهيا آهن. هيءَ قوم چري آهي؛ جيڪڏهن اها پنهنجي تي اچي وئي ته انهن کي پنهنجي گهرن ۾ به لڪڻ جي جاءِ نه ملندي. تنهنڪري اهڙيون حرڪتون نه ڪريو.“

عامر نواز وڙائچ (صدر، ڪراچي بار ايسوسيئيشن)

لاڙڪاڻو: رتوديرو ۾ پنجن ڄڻن جي قتل واري واقعي ۾ گهربل جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ ميرانپور ٻٻڙو ۽ پنهون ڀٽي ۾ لاڙڪاڻي پول...
11/10/2026

لاڙڪاڻو: رتوديرو ۾ پنجن ڄڻن جي قتل واري واقعي ۾ گهربل جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ ميرانپور ٻٻڙو ۽ پنهون ڀٽي ۾ لاڙڪاڻي پوليس پاران وڏو آپريشن ڪيو ويو.
اطلاعن موجب، آپريشن دوران لڳ ڀڳ 25 گهرن کي باهه ڏئي ساڙيو ويو، جڏهن ته ڪيترائي گهر ڊاهي پٽ ڪيا ويا. افسوس جو هڪ هفتي کان پوليس ڪئمپ قائم هجڻ باوجود اڃا تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي.

فيس بڪ جي آء ڊي واري روبينه سولنگي ٽنڊوالهيار جو علي رضا نڪتو. اين سي سي آء هٿان گرفتار
09/10/2026

فيس بڪ جي آء ڊي واري روبينه سولنگي ٽنڊوالهيار جو علي رضا نڪتو.
اين سي سي آء هٿان گرفتار

لاڙڪاڻو: سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ (SSWMB) لاڙڪاڻي ۾ صفائي جا وڏا وڏا دعوائون ته ڪيا وڃن ٿا، پر شهر جون گهٽيون، روڊ، ...
08/10/2026

لاڙڪاڻو: سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ (SSWMB) لاڙڪاڻي ۾ صفائي جا وڏا وڏا دعوائون ته ڪيا وڃن ٿا، پر شهر جون گهٽيون، روڊ، پاڙا ۽ ناليون اڄ به ڪيترن هنڌن تي ڪچري سان ڀريل نظر اچن ٿيون.

هن SSWMB جو بنيادي مقصد جديد ۽ مؤثر ڪچرو گڏ ڪرڻ ۽ نيڪال جو نظام مهيا ڪرڻ آهي، ۽ لاڙڪاڻو به انهن شهرن ۾ شامل آهي جتي بورڊ جون خدمتون هئڻ گهرجن.

پر عوام جا ڪجهه اهم سوال اڄ به جواب طلب آهن:

• ڪيترن علائقن مان ڪچرو روزانو ڇو نٿو کنيو وڃي؟
• ڪچري جا ڍير هفتن تائين روڊن ۽ خالي پلاٽن تي ڇو پيا رهن؟
• گندي ماحول سبب مڇرن، بدبوءِ ۽ بيمارين ۾ واڌ جو ذميوار ڪير؟
• جيڪڏهن اربين رپين جا منصوبا ۽ ٺيڪا ڏنا وڃن ٿا ته پوءِ شهر ۾ صفائي جا نتيجا ڇو نظر نٿا اچن؟

لاڙڪاڻو سنڌ جو اهم شهر آهي. هتي جي شهرين کي صاف سٿرو ماحول، باقاعده ڪچرو کڻڻ ۽ بهتر صفائي جون سهولتون ملڻ گهرجن. رڳو دعوائن ۽ تصويرن سان نه، پر عملي ڪارڪردگي سان عوام جو اعتماد حاصل ڪري سگهجي ٿو.

اسان مطالبو ڪريون ٿا ته SSWMB لاڙڪاڻي جي ڪارڪردگي بابت تفصيلي رپورٽ عوام آڏو آڻي ۽ انهن علائقن تي خاص ڌيان ڏئي جتي اڃا تائين صفائي جا سنگين مسئلا موجود آهن.

گڏهه ۽ اُٺ کي سنڌي اجرڪ ۽ ٽوپي پارائي، انهن جي ذريعي ماڻهن، ذاتين يا برادرين کي گاريون ڏيڻ ۽ سوشل ميڊيا تي نفرت پکيڙڻ ان...
08/10/2026

گڏهه ۽ اُٺ کي سنڌي اجرڪ ۽ ٽوپي پارائي، انهن جي ذريعي ماڻهن، ذاتين يا برادرين کي گاريون ڏيڻ ۽ سوشل ميڊيا تي نفرت پکيڙڻ انتهائي افسوسناڪ عمل آهي.

ياد رکو، اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي ڪنهن مذاق، تذليل يا توهين جو ذريعو ناهن. اهي سنڌ جي هزارين سالن جي تهذيب، ثقافت، سڃاڻپ ۽ عزت جون علامتون آهن.

اختلافِ راءِ هر ڪنهن جو حق آهي، پر پنهنجي ثقافتي نشانين کي نفرت لاءِ استعمال ڪرڻ مناسب ناهي. اچو ته پنهنجي اجرڪ، سنڌي ٽوپي ۽ پنهنجي ثقافت جو احترام ڪريون ۽ سوشل ميڊيا تي محبت، برداشت ۽ شعور کي هٿي ڏيون.

لاڙڪاڻو: هي آهي اسمگلنگر ۽ ڊيلر اسحاق شيخ جيڪو وڏي مقدار ۾ غيرقانوني سگريٽ، گٽڪا، نسوار ۽ ٻيون شيون  جليس بازار ۾ سرعام ...
08/10/2026

لاڙڪاڻو: هي آهي اسمگلنگر ۽ ڊيلر اسحاق شيخ جيڪو وڏي مقدار ۾ غيرقانوني سگريٽ، گٽڪا، نسوار ۽ ٻيون شيون جليس بازار ۾ سرعام نقل ۽ نان ڪسٽم پيڊ ڪاروبار ڪرڻ ۾ مصروف آهي۔ ايف بي آر سميت لاڳاپيل ادارن کان شهرين پاران نوٽيس جو مطالبو.

سنڌ ۾ آبادگار ۽ هاري ساريالي فصل مان سٺي پيداوار ۽ ڀلي ريٽ جون اميدون کڻي محنت ڪري رهيا آهن، پر ٻئي پاسي فصلن ۾ پکڙجندڙ ...
08/10/2026

سنڌ ۾ آبادگار ۽ هاري ساريالي فصل مان سٺي پيداوار ۽ ڀلي ريٽ جون اميدون کڻي محنت ڪري رهيا آهن، پر ٻئي پاسي فصلن ۾ پکڙجندڙ پن ويڙھ جي بيماري سندن ڳڻتي وڌائي ڇڏي آهي. هن بيماري سبب ٻوٽن جا پن ويڙهجي وڃن ٿا، واڌ ويجهه متاثر ٿئي ٿي ۽ پيداوار ۾ نمايان گهٽتائي اچي ٿي.

آبادگارن جو چوڻ آهي ته ڀاڻ، ٻج، دوائن ۽ پاڻي جا خرچ اڳ ئي تمام گهڻا آهن، مٿان وري بيمارين ۽ نقصانڪار جيتن جي حملن سبب فصل بچائڻ هڪ وڏو چئلينج بڻجي ويو آهي. جيڪڏهن زرعي کاتا ۽ لاڳاپيل ادارا بروقت رهنمائي ۽ سهڪار فراهم نه ڪندا ته هارين کي وڏو معاشي نقصان برداشت ڪرڻو پوندو.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ساريالي فصلن کي بيمارين کان بچائڻ لاءِ مؤثر اپاءَ ورتا وڃن، زرعي ماهرن جون ٽيمون ميدان ۾ موڪليون وڃن ۽ آبادگارن کي فوري فني سهائتا ڏني وڃي. ساڳئي وقت فصل جو مناسب اگهه به يقيني بڻايو وڃي، جيئن هاري ۽ آبادگار پنهنجي محنت جو جائز معاوضو حاصل ڪري سگهن.

لاڙڪاڻو: علي اسپتال لاڙڪاڻي ۾ ڊاڪٽر سڪندر شيخ (ڪارڊيولاجست) جي اپائنٽمينٽ لاءِ اتي اهڙو منظر ڏسڻ ۾ آيو، جيڪو ڪنهن به مري...
08/10/2026

لاڙڪاڻو: علي اسپتال لاڙڪاڻي ۾ ڊاڪٽر سڪندر شيخ (ڪارڊيولاجست) جي اپائنٽمينٽ لاءِ اتي اهڙو منظر ڏسڻ ۾ آيو، جيڪو ڪنهن به مريض لاءِ انتهائي تڪليف ڏيندڙ هو. صبح کان 100 سون جي تعداد ۾ مريض ۽ سندن وارث ڪلاڪن جا ڪلاڪ قطار ۾ بيٺل ۽ انتظار ۾ ويٺل هئا، پر ٻڌايو ويو ته اپائنٽمينٽ صرف لميٽيڊ (Limited) رکيل آهي ۽ ڊاڪٽر صاحب انهن ئي مريضن کي ڏسندو۔

سوال اهو آهي ته جيڪي ماڻهو قمبر شهدادڪوٽ، جيڪب آباد، شڪارپور، ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۽ بلوچستان جي پري پري جي علائقن مان خرچ ڪري، سفر ڪاٽي ۽ اميد کڻي اچن ٿا، انهن جي وقت ۽ تڪليف جي ذميواري ڪنهن جي آهي؟

جيڪڏهن ڪنهن ڊاڪٽر وٽ ايترو وڏو رش آهي جو هو روزانو محدود مريض ئي ڏسي سگهي ٿو ته پوءِ اسپتال انتظاميا کي واضح ۽ منظم اپائنٽمينٽ سسٽم قائم ڪرڻ گهرجي. مريضن کي ڪلاڪن تائين بيهاري پوءِ واپس موڪلڻ ڪنهن به صورت ۾ مناسب نه ٿو لڳي.

اسان ڊاڪٽرن جي علم ۽ قابليت جو احترام ڪريون ٿا، پر صحت جون سهولتون عوام لاءِ آهن. مريض اڳ ئي بيماري، پريشاني ۽ مالي مشڪلاتن جو شڪار هوندا آهن، انهن کي وڌيڪ تڪليف ڏيڻ اسپتال انتظاميه جي ناڪامي آهي.

R.I.P Nana Patekar - नाना पाटेकरڀارتي فلمي دنيا جو ناميارو اداڪار نانا پاٽيڪر 75 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. پنهنجي م...
08/10/2026

R.I.P Nana Patekar - नाना पाटेकर
ڀارتي فلمي دنيا جو ناميارو اداڪار نانا پاٽيڪر 75 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. پنهنجي منفرد اداڪاري، اثرائتن ڊائلاگن ۽ يادگار ڪردارن وسيلي هن ڪروڙين دلين ۾ جاءِ ٺاهي. سندس فن، محنت ۽ شخصيت هميشه ياد رکيا ويندا.

Address

Larkana

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Larkana Dost Social Forum posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share

Category