13/10/2026
13 آڪٽوبر 2026ع
ڪمشنر ميرپورخاص پاران جرواري مائنر جي لائننگ جو ڪم فوري شروع ڪرڻ جو حڪم، ڏيڍ مهيني اندر مڪمل ڪرڻ جي هدايت
ميرپورخاص: ڪمشنر ميرپورخاص ڊويزن شهمير خان ڀٽو جرواري مائنر جي ڀرپاسي غيرقانوني قبضن جي روڪٿام، صفائي ۽ لائننگ جو ڪم فوري شروع ڪرڻ جي هدايت ڪندي خبردار ڪيو آهي ته آبپاشي جي مائنر ۾ گندو سيوريج جو پاڻي ڇوڙ ڪندڙن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ سميت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. ڪمشنر جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص نواب سمير لغاري جرواري مائنر جي صورتحال، قبضن ۽ لاڳاپيل مسئلن بابت بريفنگ ڏني، جڏهن ته ايم ڊي سيڊا منصور ميمڻ پڻ خيالن جو اظهار ڪيو. اجلاس ۾ میئر عبدالرئوف غوری، ڊائريڪٽر نارو ڪينال، اسسٽنٽ ڪمشنرن غلام حسين ڪانهيو ۽ محمد وسيم لاشاري، ٺيڪيدار عامر علي شيخ ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته تقريبن 10 آر ڊي تائين، لڳ ڀڳ 30 ڪلوميٽر جي علائقي ۾ مائنر جي ٻنهي پاسن کان قبضا قائم هئا. ڪمشنر لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته ماضي جي ڪوتاهين مان سبق سکندي سرڪاري زمينن تي غيرقانوني قبضا ۽ اڏاوتون روڪڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن. هن سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي ڊپٽي ڪمشنر سان رابطي ۽ سهڪار ذريعي غيرقانوني اڏاوتون روڪڻ ۽ ملڪيت جي دستاويزن جي تصديق کانسواءِ تعميراتي ڪم جي اجازت نه ڏيڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته سرڪاري زمينن ۽ پاڻي جي گذرگاهن کي قبضن کان محفوظ رکڻ لاڳاپيل ادارن جي ذميواري آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي. ڪمشنر چيو ته قبضن خلاف ڪارروائي جو مقصد ماڻهن کي بي گهر ڪرڻ ناهي، پر عوام جي بنيادي حقن، آبپاشي نظام ۽ صحت عامه جو تحفظ پڻ ضروري آهي. هن تقريبن 200 گهر ڊاهڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته غيرقانوني قبضن ۽ سيوريج ڪنيڪشنن سبب لڳ ڀڳ ٻن لکن ماڻهن کي گندي پاڻي جي مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو هو، جڏهن ته مائنر ۾ گندو پاڻي ڇوڙ ڪرڻ آبپاشي نظام ۽ عوامي صحت لاءِ نقصانڪار هو. هن لاڳاپيل اختيارين کي جرواري مائنر جي لائننگ جو ڪم بنا دير شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي، جنهن تي اختيارين يقين ڏياريو ته ڪم هلندڙ هفتي جي پڄاڻي تائين شروع ڪيو ويندو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گندي پاڻي جي نيڪال لاءِ قائم ڪيل غيرقانوني لائينون ڪٽي ختم ڪيون ويون آهن. بعد ۾ ڪمشنر شهمير خان ڀٽو جرواري مائنر جو دورو ڪيو ۽ موقعي تي موجود لاڳاپيل آفيسرن کي لائننگ جو ڪم فوري شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن ٻڌايو ته مائنر جو ڪم ڏيڍ مهيني اندر مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪم شروع ڪرڻ يا مڪمل ڪرڻ دوران ڪنهن به قسم جي ڏکيائي پيش اچڻ جي صورت ۾ لاڳاپيل اسسٽنٽ ڪمشنر سهڪار فراهم ڪندا. ڪمشنر سمورن لاڳاپيل ادارن تي زور ڏنو ته گڏيل رابطن ۽ مسلسل نگراني ذريعي مائنر جي بحالي، پاڻي جي بنا رنڊڪ وهڪري ۽ آلودگي جي روڪٿام کي يقيني بڻايو وڃي.