20/09/2026
قرب ڪچهري ۽ مانُ مهماني جي هڪ خوبصورت روايت ❤️
مورو درس جي معزز ۽ مهمان نواز گهراڻي، فقير حاجي خان جي فرزندن حافظ محمد امين ابڙو ۽ محمد حنيف ابڙو پاران پنهنجي مانوارن دوستن وارڊ ڪائونسلر حافظ محمد سليمان ابڙو، وارڊ جي صدر حق نواز ابڙو، نثار احمد ابڙو، الھوڌايو ابڙو، صابن ابڙو ۽ نعمان ملڪ جي مانَ ۾ مورو واري رهائشگاهه تي هڪ پُرخلوص قرب ڪچهري ۽ مانُ مهماني جي ڪوٺ ڏني وئي.
محفل ۾ ميزبانن طرفان مهمانن جي انتهائي محبت، خلوص ۽ عزت سان آجيان ڪئي وئي، جنهن مان سندن اعليٰ ظرف، مهمان نوازي ۽ پنهنجائپ صاف ظاهر هئي.
حقيقت ۾ فقير حاجي خان ابڙو جو هي معزز گهراڻو هميشه کان برادري، دوستن ۽ اوڙي پاڙي کي عزت، محبت ۽ پنهنجائپ ڏيڻ جي روايت جو امين رهيو آهي. اهڙيون محبتون ئي رشتن کي مضبوط ۽ دلين کي ويجهو ڪنديون آهن.
آيل مهمانن پڻ ميزبان خاندان جي هن پُرخلوص محبت، عزت افزائي ۽ شاندار آڌرڀاءَ تي دل جي گهراين سان سندن ٿورا مڃيا ۽ سندن لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو.
دعا آهي ته محبت، عزت ۽ پنهنجائپ جون هي خوبصورت روايتون سدائين قائم ۽ دائم رهن. ❤️🌹