PPP PSF Taluka Nasirabad

Directions

PPP PSF Taluka Nasirabad Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from PPP PSF Taluka Nasirabad, Political organisation, Nasirabad.

ڌرتي ماءُ آهي
15/09/2026

ڌرتي ماءُ آهي

پاڪستان پيپلز پارٽي ضلع قمبر شهدادڪوٽ جي اهم گڏجاڻي ضلع صدر  حاجي قمرالدين گوپانگ جي صدارت هيٺ ضلع آفيس ۾ ٿي گذري. اجلاس...
08/09/2026

پاڪستان پيپلز پارٽي ضلع قمبر شهدادڪوٽ جي اهم گڏجاڻي ضلع صدر حاجي قمرالدين گوپانگ جي صدارت هيٺ ضلع آفيس ۾ ٿي گذري. اجلاس جي ڪارروائي ضلع جنرل سيڪريٽري لالا غلام محمد خان اسراڻ پاران هلائي وئي گڏجاڻي جا ڪاروائي قرآن پاڪ جي تلاوت سان شروع ٿي ، گڏجاڻي ۾ تعلقن، سٽين ۽ ذيلي ونگز جي عهديدارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس دوران "سنڌ ڌرتي منھنجي ماءُ" جي عنوان هيٺ هيٺين ريلين ڪڍڻ جو اهم وڏو اعلان ڪيو ويو. 12 سيپٽمبر تعلقه سطح تي ريليون ڪڍيون وينديون. 16 سيپٽمبر ڊويزن سطح تي وڏي ريلي ڪڍي ويندي. اجلاس ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ضلع انفارميشن سيڪريٽري ڊاڪٽر نياز احمد چانڊيو، سينيئرنائب صدر پ پ پ ضلع قمبرشھدادڪوٽ حاجي محمدپنھل سومرو ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري ضلع قمبر جاويد چانڊيو ضلع رابطا سيڪريٽري عمرعزيزڇٽو ضلع نائب صدر ڊاڪٽرغلام حيدرکوکر ضلع رڪارڊ واقعات سيڪريٽري سرائي نيازاحمدلاکو ضلع عھديدار غلام سرور ڀٽو پ پ پ اڳواڻ ميرعامرخان گوپانگ صدر پ پ پ تعلقه نصيرآباد صدر انجنيئر خان محمد ڦلپوٽو، صدر پ پ پ سٽي نصيرآباد وسيم راجا شيخ جنرل سيڪريٽري تعلقا نصيرآباد انجنيئر منظور قادر ڪانڌڙو انفارميشن سيڪريٽري تعلقا نصيرآباد نجيب اللـ واھوچو جنرل سيڪريٽري سٽي نصيرآبادغلام عباس سولنگي، ڊويزن ليبر اڳواڻ محمد اسحاق مگسي، ھاري ڪاميٽي ضلع صدر علي رضا ڪوري، انفارميشن سيڪريٽري سٽي بابو الطاف ڪانڌڙو صدر ليبر بيورو ضلع قمبر احمدعلي ڪلھوڙو صدر انجنيئرنگ فورم ضلع قمبر انجنيئرآصف ڀٽو سميت تمام تعلقن سٽيز جي صدور صاحبان جنرل سيڪريٽريز صاحبان انفارميشن سيڪريٽريز صاحبان تمام ذيلي ونگز جي صدور صاحبان پڻ شريڪ ٿيا .

Happy Birthday Chahao Engr Manzoor Kandhro General Secretary PPP Taluka Nasirabad, & Chairman Market Committee.
06/09/2026

Happy Birthday Chahao Engr Manzoor Kandhro General Secretary PPP Taluka Nasirabad, & Chairman Market Committee.

27/08/2026

*پاڪستان پيپلزپارٽي ضلع قمبر شهدادڪوٽ جي صدر ۽ چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل حاجي قمرالدين گوپانگ نصيرآباد باءِ پاس تي رائيس ملرز جو ڌرڻو ختم ڪرائڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي جڏهن ته ساڻس گڏ پاڪستان پيپلزپارٽي تعلقه نصيرآباد جو صدر انجنيئر خان محمد ڦلپوٽو سٽي نصيرآباد جو صدر وسيم راجا شيخ جنرل سيڪريٽري غلام عباس سولنگي ۽ ٻيا پارٽي عهديدار ۽ ورڪر پڻ موجود هئا.

نصيرآباد باءِ پاس تي رائيس ملرز جي ڌرڻي جو معاملو ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جي خاطري، ڌرڻو ختمسنڌ بلوچستان رائيس ملرز جي سڏ تي...
27/08/2026

نصيرآباد باءِ پاس تي رائيس ملرز جي ڌرڻي جو معاملو ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جي خاطري، ڌرڻو ختم

سنڌ بلوچستان رائيس ملرز جي سڏ تي نصيرآباد باءِ پاس تي لڳل ڌرڻي واري هنڌ پاڪستان پيپلزپارٽي ضلع قمبر شهدادڪوٽ جي صدر ۽ چيئرمين ضلع ڪائونسل قمبر شهدادڪوٽ جناب حاجي قمرالدين گوپانگ صاحب، ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ سان گڏ پهچي رائيس ملرز ۽ واپاري برادري سان ملاقات ڪئي.

ان موقعي تي سنڌ بلوچستان رائيس ملرز جي جنرل سيڪريٽري اسدالله تنيو، رائيس ملرز نصيرآباد جي صدر رميش لال ۽ واپاري برادري جي نمائندن سان ملاقات ڪري باڊهه ۾ رائيس ملرز سان ڪامورن طرفان مبينا طور ٿيل ناجائزي ۽ مسئلن بابت تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون.

حاجي قمرالدين گوپانگ صاحب ۽ ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ واپاري برادري کي يقين ڏياريو ته سومر تائين ڌرڻو ختم ڪيو وڃي، لاڳاپيل ڌرين سان ڳالهين ذريعي مسئلي جو حل ڪڍيو ويندو ۽ رائيس ملرز جا جائز مسئلا حل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي.

پاڪستان پيپلزپارٽي ضلع قمبر شهدادڪوٽ جي صدر حاجي قمرالدين گوپانگ صاحب جي يقين ڏيارڻ بعد رائيس ملرز ۽ واپاري برادري طرفان ڌرڻو ختم ڪيو ويو.

ان موقعي تي حاجي قمرالدين گوپانگ صاحب سان پاڪستان پيپلزپارٽي تعلقه نصيرآباد جي صدر انجنيئر خان محمد ڦلپوٽو، پاڪستان پيپلزپارٽي سٽي نصيرآباد جي صدر وسيم راجا شيخ، سٽي نصيرآباد جي جنرل سيڪريٽري غلام عباس سولنگي، ڪاشف علي خان گوپانگ، مولوي منظور احمد ڪانڌڙو، امام علي گاڏهي، عامر نثار چنجڻي، صدام حسين دائيو، جاويد احمد ڪوري، حافظ عبدالرئوف شيخ، فرحان خان ڦلپوٽو، عنايت الله ڪنڀر، شاهه محمد اوڍاڻو ۽ ٻيا پارٽي عهديدار، ڪارڪن ۽ جيالا پڻ شريڪ هئا.

بعد ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي ضلع قمبر شهدادڪوٽ جي صدر حاجي قمرالدين گوپانگ صاحب، رائيس ملرز نصيرآباد جي صدر رميش لال طرفان ڏنل چانهه پارٽي ۾ پڻ شرڪت ڪئي، جتي پارٽي اڳواڻن، رائيس ملرز ۽ واپاري برادري سان مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

پاڪستان پيپلزپارٽي ضلع قمبر شهدادڪوٽ جي قيادت عوام، واپاري برادري ۽ رائيس ملرز جي جائز مسئلن جي حل لاءِ هر فورم تي پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي.

پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينيئر رهنما ۽ ايم پي اي نوابزاده مير نادر علي مگسي صاحب سان پاڪستان پيپلزپارٽي تعلقه نصيرآباد جي ...
26/08/2026

پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينيئر رهنما ۽ ايم پي اي نوابزاده مير نادر علي مگسي صاحب سان پاڪستان پيپلزپارٽي تعلقه نصيرآباد جي صدر انجنيئر خان محمد ڦلپوٽو، سٽي نصيرآباد جي جنرل سيڪريٽري غلام عباس سولنگي ۽ تعلقه نصيرآباد جي انفارميشن سيڪريٽري نجيب الله واهوچو ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران تعلقه نصيرآباد جي مختلف شاخن، ميرواه شاخ، آرٿر شاخ، لنڊي شاخ، سنهڙو چيلو ۽ ڪور شاخ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ ۽ آبادگارن توڙي عوام کي پيش ايندڙ مسئلن بابت مير نادر علي مگسي صاحب کي تفصيلي طور آگاهه ڪيو ويو.
مير نادر علي مگسي صاحب معاملي جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺندي لاڳاپيل عملدارن سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ تعلقه نصيرآباد ۾ پاڻي جي کوٽ ختم ڪري آبادگارن ۽ عوام کي گهربل پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ زور ڀريو.
ان موقعي تي مير نادر علي مگسي صاحب يقين ڏياريو ته پاڻي جي فراهمي بابت مسئلي جي حل لاءِ لاڳاپيل ادارن سان رابطو جاري رکيو ويندو ۽ آبادگارن کي درپيش مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيو ويندو.
پاڻي عوام ۽ آبادگارن جو بنيادي حق آهي.

پاڪستان پيپلزپارٽي تعلقه نصيرآباد جي صدر انجنيئر خان محمد ڦلپوٽو پاڪستان پيپلزپارٽي تعلقه آفيس نصيرآباد ۾ پارٽي جي عهديد...
18/08/2026

پاڪستان پيپلزپارٽي تعلقه نصيرآباد جي صدر انجنيئر خان محمد ڦلپوٽو پاڪستان پيپلزپارٽي تعلقه آفيس نصيرآباد ۾ پارٽي جي عهديدارن، ورڪرن ۽ جيالن سان ملاقات ڪئي.
ان موقعي تي عوامي مسئلن ايندڙ سياسي سرگرمين بابت تفصيلي ڳالھ ٻولھ ڪئي. انجنيئر خان محمد ڦلپوٽو چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي عوام جي خدمت تي يقين رکي ٿي ۽ پارٽي جا ڪارڪن ئي ان جو اصل اثاثو آهن. هن پارٽي جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن کي هدايت ڪئي ته هو عوام سان ويجهو رابطو رکن ۽ سندن مسئلن جي حل لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪن.
ملاقات دوران پارٽي ڪارڪنن پنهنجي علائقن جي مسئلن بابت آگاهي ڏني، جنهن تي انجنيئر خان محمد ڦلپوٽو کين يقين ڏياريو ته انهن مسئلن جي حل لاءِ لاڳاپيل اختيارين سان رابطو ڪيو ويندو.

پاڪستان پيپلزپارٽي تعلقه نصيرآباد ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي سٽي نصيرآباد جي گڏيل سڏ تي "مرسون مرسون، سنڌو نه ڏيسون" مهم تحت ا...
24/07/2026

پاڪستان پيپلزپارٽي تعلقه نصيرآباد ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي سٽي نصيرآباد جي گڏيل سڏ تي "مرسون مرسون، سنڌو نه ڏيسون" مهم تحت انڊيا طرفان سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي ۽ پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ جي ڪوششن خلاف هڪ وڏي احتجاجي ريلي پاڪستان پيپلزپارٽي تعلقه آفيس نصيرآباد کان ڪڍي وئي.
ريلي جي اڳواڻي پاڪستان پيپلزپارٽي تعلقه نصيرآباد جي صدر انجنيئر خان محمد ڦلپوٽو، ، پاڪستان پيپلزپارٽي سٽي نصيرآباد جي صدر وسيم راجا شيخ، پاڪستان پيپلز پارٽي ضلع قمبر شهدادڪوٽ جي رابطه سيڪريٽري محمد عمر عزيز ڇٽو پاڪستان پيپلزپارٽي تعلقه نصيرآباد جنرل سيڪريٽري انجنيئر منظور قادر ،سٽي جنرل سيڪريٽري غلام عباس سولنگي، تعلقه انفارميشن سيڪريٽري نجيب الله واهوچو ۽ سٽي انفارميشن سيڪريٽري الطاف حسين ڪانڌڙو ڪئي.
احتجاجي ريلي مختلف رستن کان ٿيندي ابوتراب چونڪ وٽان گذري آرٿر شاخ تي پهتي، جتي اها جلسي جي صورت اختيار ڪري وئي. جلوس کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ طاس معاهدي جي خلاف ورزي عالمي قانونن ۽ بين الاقوامي معاهدن جي لتاڙ آهي. هنن مطالبو ڪيو ته عالمي برادري ان معاملي جو نوٽيس وٺي ۽ پاڪستان جي پاڻي جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي.
اڳواڻن وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌو درياهه ۽ ملڪ جي آبي حقن جي تحفظ لاءِ هر فورم تي آواز اٿاريندي ۽ عوام سان گڏجي هر قسم جي پرامن جدوجهد جاري رکندي. ريلي م پاڪستان پيپلزپارٽي تعلقه نصيرآباد جي سنيئر نائب صدر ممتاز علي لنجواڻي، نائب صدر مظفر علي ڪلهوڙونائب صدر مولوي منظور احمد ڪانڌڙو ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري عبدالمجيد بروهي ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري ڊاڪٽر غلام علي سوھو، رابطه سيڪريٽري وڏيرو شاهنواز ڪانڌڙو فناس سيڪريٽري سرائي ميهر علي جت سميت ريلي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي تعلقه ۽ سٽي نصيرآباد جي عهديدارن، يونين ڪائونسلن جي صدور ، جنرل سيڪريٽريز ، انفارميشن سيڪريٽريز ، سپاف يوٿ ونگ،هاري ڪاميٽي، ليبر بيورو مينارٽي ونگ،جيالن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري پنهنجي يڪجهتي ۽ عزم جو اظهار ڪيو.

Address

Nasirabad

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when PPP PSF Taluka Nasirabad posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share