Sakrand Road Jamali Colony Nawabshah

Sakrand Road Jamali Colony Nawabshah

Share

Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Sakrand Road Jamali Colony Nawabshah, NEAR AZEEM PETROL PUMP MEHRAN HOTEL OLD DHO OFFICE, Nawabshah.

Jamali Colony Nawabshah 55 years old Colony at least 500 homes are there of Jamali Community
there are mostly educated people like teachers.Doctors.IT Experts Google Cloud 🌥️ Engineers.Businessman.Salesman Lawyers.Bankers etc.. 3500 registered vote bank

04/06/2026

موسم الرٽ
ھاڻ سنڌ ۾ ڪٿي به وڌيڪ مٽي جي طوفان جو ڪو به امڪان ناھي پورو جون مھينو موسم مڪمل طور خشڪ ۽ گرم رھڻ جا امڪان آھن
واضع رھي تہ ھن سال مون سون سنڌ لاءِ ڪافي ڪمزور رھڻ جا امڪان آھن جنھن سبب سنڌ ۾ خشڪ سالي جو خدشو آھي انھي کان علاوه 20 يا 25 جون تائين سنڌ ۾ موسم انتاھي خشڪ رھڻ سان گڏوگڏ وڌيڪ 1 يا 2 گرمي جو لھرون اچڻ جا امڪان آھن جن مان ھڪ 8 جون کان 12 جون تائين ۽ 2 ، 15 جون بعد انھي دوران سنڌ جي مختلف علائقن ۾ درجه حرارت 46 کان 48 سنٽي گريڊ تائين ريڪارڊ ٿئي سگھن ٿا انھي کان پوءِ 2ني گرميءَ جي لھر کان پوءِ ۽ خاص ڪر 20 جون کان پوءِ گرميءَ جي موسم ۾ ڪافي حد تائين بھتري اچھي ويندي ۽ درجه حرارت 40 کان 43 سنٽي گريڊ جي ريجن تائين اچھي ويندا 20 جون کان پوءِ شديد گرمي جي لھرن جو خدشو 80% تائين گھٽجي ويندو ۽ موسم نارمل ٿيڻ جو امڪان آھي

copy

Photos from Sakrand Road Jamali Colony Nawabshah's post 04/06/2026

نوجوان جمالي اتحاد زنده آباد

اڄ نوجوان جمالي اتحاد جي ٽيم پاران نوابشاهه جي نامياري ۽ معزز ڊاڪٽر صاحبان ڊاڪٽر انور جمالي، ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ جمالي ۽ ڊاڪٽر امير علي جمالي سان اهم ملاقات ڪئي وئي۔

ملاقات دوران جمالي برادري جي غريب، مسڪين ۽ ضرورتمند مريضن کي دوائن، علاج ۽ فيسن جي ادائيگي ۾ پيش ايندڙ مسئلن بابت تفصيلي ڳالهيون ٿيون۔ معزز ڊاڪٽر صاحبان ڀرپور تعاون ۽ هر ممڪن مدد جي يقين دهاني ڪرائي۔

ڊاڪٽر صاحبان ان ڳالهه تي زور ڏنو ته انسانيت جي خدمت ئي سڀ کان وڏي عبادت آهي، ۽ مدد صرف جمالي برادري تائين محدود نه هجڻ گهرجي پر هر ضرورتمند ۽ تڪليف ۾ مبتلا انسان جي بنا ڪنهن فرق جي مدد ڪرڻ اسان سڀني جو اخلاقي ۽ انساني فرض آهي۔

نوجوان جمالي اتحاد جي ٽيم ڊاڪٽر صاحبان جي هن مثبت سوچ، همدردي ۽ تعاون جي جذبي کي ساراهيندي کين دل جي گهراين سان خراج تحسين پيش ڪري ٿي۔ اميد آهي ته گڏيل ڪوششن سان وڌيڪ کان وڌيڪ ضرورتمند ماڻهن جي مدد ڪري سندن ڏکن ۾ گهٽتائي آڻي سگهبي۔

خدمتِ خلق جاري رهندي،

نوجوان جمالي اتحاد زنده آباد❤✌

03/06/2026

ڪالھ وڌ ۾ وڌ رفتار جي جهڪڙ روھڙي ۾ 104km/h , دادو 94km/h, نوابشاھ 81km/h رڪارڊ PMD

03/06/2026

copy

حیسکو الرٹ ۔
شدید طوفان کی وجہ سے حیدرآباد شہر کے 40 فیڈر کی بجلی بند ہے۔
حیسکو ریجن کے 150 فیڈر متاثر ہیں۔
حیسکو ریجن کے 10 گرڈ اسٹیشنوں کی بجلی بند ہے۔
جن میں نواب شاہ .قاضی احمد۔سعیداباد۔بھان سعید آباد ۔شالمانی۔سیہون۔اور سن گرڈ اسٹیشن شامل ہیں۔ترجمان حیسکو۔

02/06/2026

نوابشاھ ۾ زوردار مٽي جو طوفان 💨 🌀 ۽ بارش ☔

Photos from Sakrand Road Jamali Colony Nawabshah's post 02/06/2026

وڻ جو سڏ ٿيو ڳوٺ ۾ سڀ گڏ ٿيو ڪهاڻي

ڳوٺ جي ڪناري تي هڪ وڏو ۽ پراڻو وڻ بيٺو هو. ان جي ٿڌي ڇانوَ هيٺ ڳوٺ جا ٻار راند ڪندا هئا، پوڙها ويهي ڳالهيون ڪندا هئا، ۽ مسافر ٿڪ لاهي آرام ڪندا هئا. اهو وڻ ڄڻ ته ڳوٺ جو هڪ خاموش محافظ هو.
هڪ ڏينهن ڪجهه ماڻهو آيا ۽ چوڻ لڳا:
“هتي نئون رستو ٺاهڻو آهي، هي وڻ ڪٽڻو پوندو.”
اهو ٻڌي ڳوٺ جو هڪ ننڍڙو ڇوڪرو، علي، ڏاڍو اداس ٿي ويو. هن ننڍپڻ کان اهو وڻ ڏٺو هو. جڏهن به هو ڏکيو يا اداس هوندو هو ته اچي ان جي ڇانوَ ۾ ويهندو هو. هن کي لڳندو هو ڄڻ وڻ سندس دوست هجي.
ٻئي ڏينهن مزدور ڪهاڙيون کڻي آيا. علي وڻ جي ٿڙ سان لڳي بيهي رهيو. سندس اکين ۾ ڳوڙها هئا.
هن روئيندي چيو:
“توهان کي خبر آهي؟ هي رڳو ڪاٺ جو ٽڪرو ناهي. هن وڻ اسان کي هوا ڏني آهي، ڇانوَ ڏني آهي، پکين کي گهر ڏنو آهي. جيڪڏهن هي نه هوندو ته اسان جو ڳوٺ اڌورو ٿي ويندو.”
ماڻهن سندس ڳالهه ٻڌي، پر ڪجهه نه چيو.
اوچتو هڪ پوڙهو شخص اڳتي وڌيو. هن چيو:
“پٽ صحيح ٿو چوي. مون پنهنجي جواني هن وڻ جي ڇانوَ ۾ گذاري آهي. جڏهن ڏڪار پوندو هو ته به هي وڻ بيٺو رهندو هو. اسان کي پنهنجي محسن کي نه وسارڻ گهرجي.”
هاڻي ڳوٺ جا ٻيا ماڻهو به گڏ ٿي ويا. سڀني فيصلو ڪيو ته رستو ٻئي پاسي کان ٺاهيو ويندو، پر وڻ نه ڪٽيو ويندو.
علي جي چهري تي مرڪ اچي وئي.
ان ڏينهن کان پوءِ هن هڪ مهم شروع ڪئي. هر آچر تي هو پنهنجي دوستن سان گڏ نوان وڻ پوکڻ لڳو. شروع ۾ ڏهه وڻ پوکيا ويا، پوءِ پنجاهه، پوءِ سو.
ڪيترائي سال گذري ويا.
هڪ ڏينهن علي، جيڪو هاڻي وڏو ٿي چڪو هو، پنهنجي پٽ کي انهن وڻن جي باغ ۾ وٺي ويو. پکي چهچهاٽي رهيا هئا، ٿڌي هوا هلي رهي هئي، ۽ هر طرف ساوڪ هئي.
پٽ پڇيو:
“بابا، هي سڀ وڻ ڪنهن پوکيا هئا؟”
علي مرڪي جواب ڏنو:
“انهن ماڻهن پوکيا هئا، جن سمجهي ورتو هو ته وڻ رڳو وڻ ناهن هوندا، اهي زندگي هوندا آهن.”
پوءِ هن آسمان ڏانهن نهاريو ۽ آهستي چيو:
“جيڪڏهن هڪ وڻ ڪٽبو ته شايد هڪ ڪاٺ جو ٽڪرو ملندو، پر جيڪڏهن هڪ وڻ پوکبو ته نسلن کي زندگي ملندي.”
سبق: وڻ ڌرتيءَ جا ڦڦڙا آهن. وڻن کي ڪٽڻ سان گرمي، آلودگي ۽ خشڪ سالي وڌي ٿي، جڏهن ته وڻ پوکڻ سان زندگي، خوشحالي ۽ صاف هوا ملي ٿي. اچو ته هر ماڻهو گهٽ ۾ گهٽ هڪ وڻ ضرور پوکي ۽ پنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ سرسبز ڌرتي ڇڏي وڃي. 🌳💚

وڻ پوکيو، نه ته ڌرتيءَ دوزخ بڻجي ويندي.!
نم جو هڪ وڻ 55 سينٽي گريڊ گرمیءَ ۽ 10 سينٽي گريڊ سردي برداشت ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. هڪ 12 فٽ جو وڻ 3 ايئرڪنڊيشن جيتري ٿڌ پئدا ڪندو آهي.
وڻ زندگي آهن،
وڻ قدرت جي طرفان انسانن لاءِ انمول تحفو آهن.
وڻ لڳايو. پنهنجي ۽ پنهنجي ڌرتي جي زندگي بچايو.

01/06/2026

copy..

سڀاڻي کان 04 جون جي دوران سکر لاڙڪاڻو جيڪب آباد شڪارپور گھوٽڪي ڏھرڪي ڪشمور قمبر شھدادڪوٽ پنوعاقل خيرپور ڀريا ڪنڊيارو مورو نوشھروفيروز دادو جوھي سيوڻ سڪرنڊ قاضي احمد دوڙ نوابشاھ شھدادپور سن مانجھند ڄامشورو ھالا ڀٽ شاھ مٽياري ميرپورخاص ٿرپارڪر عمرڪوٽ ۽ سانگھڙ سميت سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ شديد مٽي جي طوفان سان گڏ ڪٿي ھلڪي ت ڪٿي تيز برسات جا امڪان جڏھن ت ڪجھ علائقن ۾ صرف مٽي جي طوفان جو امڪان آھي
31 مئي کان 04 جون جي دوران سبي طوفان ٺھڻ جا پڻ امڪان آھن جنھن جو رخ سنڌ طرف ھوندو جيڪو شديد موسمي صورتحال پيدا ڪري سگھي ٿو

31/05/2026

copy

جعلي نوٽن سان ٻڪر خريد ڪرڻ واري افسوسناڪ واقعي بعد انسانيت جو خوبصورت مثال سامهون اچي ويو.

ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ پيرسن شخص جي فرزند کان قرباني لاءِ ٻڪر خريد ڪيو ويو، پر خريد ڪندڙ 55 هزار رپين جا جعلي نوٽ ڏئي هليا ويا. ان وقت پيرسن شخص جي نياڻيءَ جي شادي عيد جي ٽئين ڏينهن تي مقرر هئي، جنهن لاءِ هن وڏي اميد سان پنهنجو ٻڪر وڪرو ڪيو هو. جعلي رقم هٿ اچڻ سبب هو ڏک ۽ بيوسيءَ ۾ روئيندو رهيو، پر صبر سان پنهنجي قسمت تي راضي ٿي واپس هليو ويو.

واقعي جي خبر پکڙجڻ بعد علائقي جي دڪاندارن ۽ خيرخواهن اڳتي وڌي انسانيت جو مثال قائم ڪيو. پيرسن جي مدد لاءِ چندو گڏ ڪيو ويو، جنهن دوران تقريباً 7 لک رپيا جمع ٿيا. اها رقم اڄ پيرسن جي حوالي ڪئي وئي.

مدد ملڻ بعد بزرگ خوشي سان کلندو ۽ مسڪرائيندو نظر آيو. هي واقعو ثابت ڪري ٿو ته سماج ۾ اڃا به انسانيت ۽ همدردي زنده آهي.

30/05/2026

کیا آپ جانتے ہیں کہ سندھ کی جھلسا دینے والی گرمی میں آپ کے لباس کا رنگ صرف فیشن نہیں، بلکہ آپ کی زندگی اور موت کا فیصلہ بھی کر سکتا ہے؟

جب ہوائیں رک جائیں اور پورا سندھ تندور بن جائے، تو آپ کا پہنا ہوا کالا لباس آپ کے جسم کا درجہ حرارت اتنا بڑھا سکتا ہے کہ آپ کا جگر اور گردے کام کرنا بند کر سکتے ہیں۔

جاپانی محقق توشیاکی اچی نوزے نے اس خطرے کو محسوس کرتے ہوئے ایک سائنسی تجربہ کیا کہ آخر سورج کی تیز گرمی میں کون سے رنگ آپ کے لیے حفاظتی ڈھال بنتے ہیں۔ جاپان کے 'نیشنل انسٹی ٹیوٹ فار انوائرمنٹل اسٹڈیز' میں جب باہر کا درجہ حرارت 30 ڈگری سینٹی گریڈ تھا، تو نو مختلف رنگوں کی شرٹس سیدھی سورج کی روشنی میں رکھی گئیں۔

صرف پانچ منٹ گزرے تھے کہ تھرمل کیمرے نے وہ منظر دکھایا جو گرمی سے پریشان کسی بھی انسان کے ہوش اڑانے کے لیے کافی تھا۔ نتائج کے مطابق، سفید رنگ کی شرٹ سب سے ٹھنڈی رہی، جس کا درجہ حرارت ماحول کے برابر یعنی 30 ڈگری رہا۔ پیلے رنگ کو دوسرے نمبر پر بہترین قرار دیا گیا۔

لیکن اصل خطرہ گہرے رنگوں میں چھپا ہوا تھا۔ تجربے میں دیکھا گیا کہ کالا اور گہرا سبز رنگ اتنے گرم ہو گئے کہ ان کا درجہ حرارت 50 ڈگری سے بھی بڑھ گیا۔

ذرا سوچیں، جب باہر کا درجہ حرارت 40 یا 45 ڈگری ہو۔۔۔

30/05/2026

گرميءَ جي لوءِ (Heat Stroke) کان بچاءَ لاءِ ھي احتياطي تدبيرون اختيار ڪريو:
1. گهڻو پاڻي پيئو، ڀلي اُڃ نه لڳي تڏهن به.
2. سج جي تيز گرميءَ ۾ خاص ڪري منجهند 12 کان شام 4 وڳي تائين ٻاهر وڃڻ کان پاسو ڪريو.
3. ھلڪا، ڍِلا ۽ هلڪي رنگ جا ڪپڙا پايو.
4. مٿي تي ٽوپي، رومال يا ڇٽي استعمال ڪريو.
5. ٻارن، پوڙهن ۽ بيمار ماڻهن جو خاص خيال رکو، ڇو ته اهي وڌيڪ متاثر ٿيندا آهن.
6. سخت جسماني ڪم يا ورزش گرميءَ ۾ گهٽ ڪريو.
7. لسي، شربت، ORS ۽ تازا ميوا استعمال ڪريو ته جيئن جسم ۾ پاڻي جي کوٽ نه ٿئي.
8۔ بند گاڏي يا گرم ڪمري ۾ گهڻي دير نه ويهو.
9. جيڪڏهن ڪنهن کي چڪر، تيز بخار، بيهوشي يا ساهه ۾ تڪليف محسوس ٿئي ته فوراً ٿڌي هنڌ تي آڻيو ۽ ڊاڪٽر سان رابطو ڪريو.
10۔پنکا، ڪولر يا ٿڌي هوا واري هنڌ ۾ رهڻ جي ڪوشش ڪريو.
گرميءَ جي شدت دوران احتياط ڪرڻ سان جان بچائي سگهجي ٿي.

Want your business to be the top-listed Government Service in Nawabshah?

Click here to claim your Sponsored Listing.

Location

Address


NEAR AZEEM PETROL PUMP MEHRAN HOTEL OLD DHO OFFICE
Nawabshah
67450