Justice with Aqsa.
SINDH Social Reforms
we committed to make social reform in Sindh Pakistan
Just with aqsa
Rani pur initial medical report
راڻي پور ۾ ننڍڙي نياڻي فاطما سان ٿيل زيادتي ۽ بي رحمانه قتل انهن پيرن، جاگيردارن ، وڏيرن ۽ گادي ڌڻين جي اصل حقيقت تان پردو کڻي کين عوام آڏو وائکو ڪري بيهاريو آهي. دراصل انهن ڪمينن جو شروع کان ڪردار ساڳيو ئي رهيو آهي پر اسان جي اٻوجھ ۽ سادڙي عوام جي نظر ۾ صدين کان پيل ڌُوڙ کي هاڻ ڌوپجڻ گهرجي. انهن حويلين ۾ روزانو ڪيترين ئي فاطمائن جو ريپ ڪيو ويندو آهي . سوين نياڻيون زنده دفنائجي ويون جن جي متعلق ڪو به آواز نه اٿي سگهيو . انهن درگاهن، حويلين ۽ بنگلن جي اندر روز هيانُ ڪانڊاريندڙ واقعا جنم وٺندا آهن پر خوف ۽ ڊپ کان ڪو ٻڙڪ ٻاهر ناهي ڪڍي سگهندو . هن واقعي ۾ گرفتار وحشي پير کي سوشل ميڊيا جي پريشر تي گرفتار ته ڪيو ويو آهي پر ايئن نه ٿيئي جو پوسٽ مارٽم جي رپورٽ بدلرائي کيس بيگناه ثابت ڪري آزاد ڪيو وڃي . ڇوته هاڻ ٻين گادين جا پير، وڏيرا، جاگيردار ، پالتُو سرڪاري اهلڪار ، سياسي ۽ مذهبي جماعتن جا ڇاڙتا هن وحشي دردندي کي بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويندا . پر اميد ته سوشل ميڊيا پنهنجو ڪردار ادا ڪندي هنن قاتلن ۽ وحشين کي انجام تائين ضرور پهچائيندي
Ranipur, Sindh issue.
Click here to claim your Sponsored Listing.
Location
Category
Website
Address
Nawabshah
67450
