21/09/2026
جيئي سنڌوديش
جيئي سائين جي. ايم. سيد
جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جساف) ضلعو سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام، سنڌ زرعي يونيورسٽي انتظاميا پاران هاسٽل فيس ۾ ڪيل تازي واڌ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿي.
سنڌ زرعي يونيورسٽي جي هاسٽل فيس، جيڪا اڳ 13,000 رپيا هئي، سا وڌائي 18,000 رپيا ڪئي وئي آهي، جيڪا سڌي ريت شاگردن سان ناانصافي آهي. يونيورسٽي انتظاميا پنهنجي ڪرپشن واري روش برقرار رکندي شاگردن تي معاشي بار وڌائي رهي آهي.
زرعي يونيورسٽي جا باشعور شاگرد جڏهن پنهنجي جائز حقن لاءِ آواز اٿارين ٿا ته انهن کي شوڪاز نوٽيس موڪلي حراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. جڏهن شاگرد انتظاميا جي اهڙين ڪارروائين کان نه ڊڄندي پنهنجي جدوجهد جاري رکن ٿا ته انهن خلاف ملڪ سان بغاوت جا ڪيس داخل ڪري کين جيل حوالي ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته شاگردن خلاف انتظامي ڪارروائيون ڪري يونيورسٽي اچڻ تي پابنديون پڻ لڳايون وڃن ٿيون.
جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جساف) واضح ڪري ٿي ته زرعي يونيورسٽي انتظاميا پنهنجو قبلو درست ڪري ۽ شاگردن جي حق جي آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش نه ڪري،ھاسٽل فيس ۾ واڌ وارو نوٽيفڪيشن واپس وٺي، ٻي صورت ۾ انتظاميا کي سخت احتجاجي ردعمل کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رهڻو پوندو. ۽ شاگردن جي مستقبل سان هٿ چراند نه ڪئي وڃي.
جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جساف)
ضلعو سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام