02/28/2021
پھنجي مدد پاڻ تحت لائيبريري ڊيڪوريٽ ڪرڻ.
اسان جي شھر قبي سعيد خان جي لائيبريري لاء شھدادڪوٽ جي شاگرد اتحاد جي طرفان اعلان تھيل ڪتاب انھن اڄ اسان جي حوالي ڪيا .اسان وڏا شڪر گذار آھيون توان دوستن جا.اميد ته ٻيا دوست به مدد لاء اگتي ايندا.🙏
02/21/2021
ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته سنڌ اڄ به سچا،ايماندا ۽ پڙھيل لکيل دودا ڄاڻندي اچي پئي. ھي سو فيصد سچ آهي ته سنڌ لائبريري تحريڪ جي بهادر صدر قبو سعيد کان ظفرالله بروهي ۽ ان جي ٽيم جي دوستن قبي سعيد جي لائبريري کي پنھنجي مدد پاڻ ڊيڪوريٽ ڪيو آهي. ڪلھ تاريخ20-02-2021 تي نصيرآباد مان آيل سوشل ورڪر اياز علي چنو سنڌ لائبريري تحريڪ جي صدر ظفرالله بروهي ۽ ارشاد علي بروهي سام رابطي ۾ اچي ڪري قبي سعيد خان لائبريري لاءِ ڪتاب ڊونيٽ ڪيا جنهن تي سنڌ لائبرري تحريڪ جي صدر ان جو شڪريا ادا ڪيو. اچو ته ھڪ ٽيم ٽاھي ڪري پوري سنڌ اندر لائبريريون قائم ڪيو چتي اسان جو مستقبل ٽھي پيو. پوري سند جي دوستن، ڀائرن، ليکڪ،قانوندان،پروفيسر تعليم دوستن کي عرض ڪجي ٿو ته اسان کي ڪتاب ڏيو ته اسان سنڌ جي پوئتي پيل لائبريرين کي انھن ڪتابن سان منور ڪيون.
02/02/2021
تعليم کپي تالا نہ کپن
اوطاقون ۽ واڙا نہ کپن
ڪلھ 01.02.2021 تاريخ تي ڊي سي جاويد جاڳيراڻي صاحب لائبريري روم کي وزٽ ڪيائون ساڻس اي سي ذوھيب اوڍاڻو صاحب مختيارڪار ۽ ٽي ايم او دلمراد مگسي موجود ھئا.
ڏي سي جاويد جاڳيراڻي صاحب جو لائبريري ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن سان ملاقات ڏي سي پاران اي سي ۽ جنريٽر ڏيڻ جو اعلان ڪيائون.
01/28/2021
تعليم کپي تالا نہ کپن اوطاقون ۽ واڙا نہ کپن
اچو تہ قبي سعيد خان جي لائبريري روم کي پنهنجي مدد پاڻ تحت ڊيڪوريٽ ڪريون.
لائبريري روم جي ڊيڪوريشن واري تحريڪ کي برقرار رکندي اڄ نوجوان سوشل ورڪر نوابزاده مير ذرين خان مگسي سان لائبريري روم متعلق ملاقات ڪياسون.
نوابزاده مير ذرين خان مگسي پاران لائبريري روم کي ڊيڪوريٽ ڪرڻ لاءِ ڀرپور سپورٽ ڪرڻ ۽ وزٽ ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي.
اسين نوابي حيثيت رکندڙ نوجوان نوابزاده مير ذرين خان مگسي صاحب جي سوشل ڪاوش ڪرڻ تان خوشي محسوس ڪريون ٿا.
پاران لائبريري ايڪشن ڪميٽي قبو سعيد خان.
01/26/2021
اچو تہ گڏجي قبي سعيد خان جي لائبريري روم کي پنهنجي مدد پاڻ تحت ڊيڪوريٽ ڪريون.
ڪالھ 25-01-2021 تي مير مظفر خان بروهي ٻيھر لائبريري روم کي وزٽ ڪيائون ساڻس سائين محمود بروهي ، عبدالقادر بروهي ۽ راحب بروهي موجود ھئا.
مير مظفر خان بروهي پاران لائبريري روم جي ڪم بابت پڇا ڳاڇا ڪرڻ کان پوءِ روڪ رقم جي مدد سان گڏ فون ڪري مسئلن جي حل ڪڍي شروع جيئان آخر تائين ساٿ ڏيڻ جي خاطري ڪرائي آهي.
مير صاحب جون شروعاتي قربانيون ياد آھن جنھن پرنسيپال کان لائبريري روم وٺڻ لاءِ گڏجي ھلڻ سان گڏ پڻ اي سي صاحب کي وزٽ ڪرايائون.
پاران لائبريري ايڪشن ڪميٽي قبو سعيد خان
01/13/2021
اچو تہ گڏجي قبي سعيد خان جي لائبريري روم کي پنهنجي مدد پاڻ تحت ڊيڪوريٽ ڪريون.
11.01.2021تاريخ تي لائبريري ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن جدوجهد کي جاري رکندي.
قبي سعيد خان جي مشهور سياسي سماجي شخصيت مرحوم محمد امين بروهي جي فرزند مير ظھير احمد بروهي جيڪو پنهنجي والد صاحب جيئان فلاحي ڪمن ۾ حصو وٺندڙ سان ملاقات ڪيائون.
مير ظھير احمد بروهي روڪ رقم ڏيندي رابطي ۾ رهڻ جو چيائين تہ لائبريري اجتماعي اھم سھولت آهي جيڪو اسان سڀني جي ضرورت آھي .
اسان مرحوم محمد امين بروهي جي نالي اسڪول ڏسي سندس کي تعليم دوست رھندڙ جي ڳڻ سان ياد ڪيون ٿا ۽ اھي ڳڻ اسان کي مير ظھير احمد بروهي تعاون ڪندي محسوس ڪرايو اٿن.
پاران.لائبريري ايڪشن ڪميٽي
01/12/2021
قبو سعيدخان جو معزز شخصيت پاڪستان پيپلز پارٽي جو سٽي اڳواڻ مير سجاد احمد بروھي کي جنم ڏينھن جون لک لک واڌايون
الله پاڪ اوهان کي شاد آباد رکي آمين..
پاران: لائبريري ايڪشن ڪميٽي قبوسعيدخان
01/12/2021
پھنجي مدد پاڻ تحت لائيبريري ڊيڪوريٽ ڪرڻ.
جئين ته اسان جو معزز ٽي ايم او سائين مير دلمراد مگسي اسان سان تعاون ڪندي اڄ اسان جي لائيبريري واري ھلندڙ ڪم جو معائنون ڪرڻ آيا. اسان نھايتي شڪر گذار آھيون توانجا. توان جو ساراھ اسان نه بلڪي شھر جو ھر فرد ڪندو آھي ۽ اسان دعا ڪنداسين ته توان جھڙا آفيسر اسان جي شھر قبي سعيد خان ۾ ھجن ..
پاران.لائيبريري ايڪشن ڪاميٽي قبو سعيد خان.
01/11/2021
اچو تہ گڏجي قبي سعيد خان جي لائبريري روم کي پنهنجي مدد پاڻ تحت ڊيڪوريٽ ڪريون.
اڄ مير سلطان احمد بروهي فون ڪري لائبريري جي مرمت بابت پڇاڳاڇا ڪئي ۽ پنھنجي خانداني خدمت جي تسلسل کي برقرار رکندي .اڄ روڪ رقم لائبريري ڊيڪوريٽ ڪرڻ لاءِ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن حوالي ڪري ڇڏيائين .
اميد ته ٻيا شھري جديد لائبريري قائم ڪرڻ ۾ مير صاحب وانگر اڳتي ايندا.
اسان سندس جي تعليم سان چاھ رکڻ واري جذبي کي ڏسي سڪون محسوس ڪريون ٿا.
پاران. لائبريري ايڪشن ڪميٽي.